آرون

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2017۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    پن (گاھ)
    [​IMG]
    پن گاھ جي شڪل شبيھ
    پَـنِ (Reed Mace) هڪ قسـم جو گاھ آهي، جيڪو بيٺـل پاڻـيءَ ۾ اُڀرندو آهي. هي گاھ سڌن، اُڀن ۽ نرم ڪانن جي صورت ۾ ٿيندو آهي.


    مند شڪل

    پنِ گهڻو ڪري ڍنڍن ۽ ساريال پوک ۾ ٿيندي آهي. سنڌ ۾ پَنِ، ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ ڪوڙي پن، ٻي سچي پن. ڪوڙي پن کي ’سنڌي ول‘ يا ’سنڌڻ‘ به چوندا آهن. هن ڪوڙي پن جو قد سچي پن کان ننڍو ٿيندو آهي. سچي پن کي ’ريڻ‘ به سڏيندا آهن. اها گهڻو ڪري ڍنڍن ڍورن، آلاڻ ۽ سم تي ٿئي. هن جو قد 12 فوٽن کان به ڪڏهن ڪڏهن مٿي ٿيندو آهي. پن جي تيلن مٿان ’سنگ‘ يا ’سٽو‘ (ٻج) نڪري، جنهن جي مٿئين حصي مان پيلي ۽ ڦڪي رنگ جو سفوف يا ٻُورو ملي ٿو. جنهن مان ٻُوري يا ’ٻوراڻي‘ ٺاهي ويندي آهي. ان کي ماڻهو سٽي ڪُٽي ڪپهه جي جاءِ تي ويهاڻن وغيره ۾ استعمال ڪندا آهن. جهنگراڙ، پن جي ڪچڙي پاڙ ’گوپ‘ وڏي چاهه سان کائيندا آهن. پَنِ آگسٽ کان جنوري تائين ڦوهه جوانيءَ ۾ هوندي آهي. پکائي پن مان پکا، تڏا، تئونرا، پينگها وغيره ٺاهيندا آهن. پَـنِ جي ٻوٽـن ۾ سـر جي ڪانن وانگر ڪانا ٿيندا آهن، پر سَرَ ۾ گُريون ٿينديون آهن ۽ پَن ۾ گريون نه ٿينديون آهن، پر اُن جا ڪانا سڌا، اُڀا ۽ نرم ٿيندا آهن، جيڪي سُڪڻ کان پوءِ ڪارسري- سليٽي رنگ جا ٿي ويندا آهن. پن جي ٻوٽن جي پنن مان تؤنريون ۽ پکا ٺهندا آهن. تؤنريون نرم انهيءَ ڪري ٿينديون آهن، جو هن گاهه جا سنها پوپا چپجي گهاٽا ٿي ويندا آهن، تنهنڪري تؤنريون گهاٽي اڻڻ سبب به نرم ٿينديون آهن، جيڪي وڇائڻ، ويهڻ يا سُمهڻ وقت آرام ڏينديون آهن. ڍنڍن جي ڪپن تي رهندڙن جو وڇاڻو ئي ڄڻ ته تؤنري آهي. پن جا ڪانا نرم ته ٿيندا آهن، پر انهن ۾ پاڻيءَ جي ڇول سهڻ جي قوت گهڻي هوندي آهي. لانڍين جون پترون، مَنهَن جي ڇت تي وڇاڻو به پن جي ڪانن جو سٺو ٺهندو آهي. پن جي ڪانن مان تُرها به ٺاهيندا آهن.


    سنگ

    هن ٻوٽي جو سنگ ڪانهن وانگر ڪمائتو ٿيندو آهي. ڪانهن جي سنگن مان ٻُوهه نڪرندو آهي ته پَنِ جي سنگ مان به ٻُور نڪرندو آهي، جيڪو پيلي رنگ جو اٽي وانگر ٿيندو آهي. ماڻهو اهو ٻور گڏ ڪري، ان ۾ کنڊ، ڪشمش، ڊاکون ۽ ڦوٽا وجهي، موڙيون ٻڌي ٻاڦ تي اوٻاريندا ته عجيب قسم جي ذائقيدار خوراڪ ٺهي پوندي آهي. جيڪا پاڻ به کائيندا آهن ته سوکڙيءَ طور به ڏياري موڪليندا آهن. انهيءَ خوراڪ کي ٻُوري ۽ ’ٻوراڻي‘ چوندا آهن، جيڪا شهرن ۾ به وڪرو ٿيندي آهي. پَن جو ٻوٽو سڄي ساريال ايراضيءَ ۾ سنڌ اندر ٿيندو آهي.[1]


    حوالو

    1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
     
    آخري ترميم: ‏18 آڪٽوبر 2017
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو