چانهه جي ڪوپ جو قرض ۽ ايوب گل!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چانهه جي ڪوپ جو قرض ۽ ايوب گل!

    ناشاد رحم علي


    واڌو واهه جي آسپاس الفريد اسڪوائر وٽ، مرحُومہ الک اخبار جي آفيس ۾، کيس ڦوهه جوڀن ۾ ڏٺو هئم.موڪري ۽ ڪڻڪائين مُنهن تي سفيد چشمي مان نهاريندڙ غمناڪ اکيون،ڪنهن اڻپوري عشق جا داستان ڇيڙي وجهندڙ لڳيون هئم. اکين جي پلڪن ۽ چپن جي هم آهنگ چُرپر سان گڏ، مٿي جي ملائم ۽ نفيس وارن تي باربار هٿ گهمائڻ واري ھن جي ادا پڻ باربار ڌيان ڇِڪائي رهي هئي! هن جا نيڻ هڪئي وقت حسن،عشق ۽ آرٽ جي قدرن کي جُوسر مشين جيان گڏ-وِچڙ ۽ ڌارو ڌار ڪري رهيا هئا هئا! سندس ڀرسان هڪ خوبصورت ڇوڪرو ويٺل هو ۽ آئون فيصلو ڪري نہ سگهيو هئس تہ ٻنهي مان وڌيڪ خوبصورت ڪير هو؟! پر مون دل ئي دل ۾ اهو سوچيو هو تہ”واهه قدرت جي بيمثال تخليق حسن آھي!“
    هن طرفان پياريل چانهه جو ڪوپ،ٻن ڏينهن کان حيدرآباد ۾ رُلندي اهو پهريون ڪوپ هو،جنهن سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيا هئا.ان ۾ ٺاهڻ واري جو ڪمال گهٽ پر ايوب گل جي اها پنهنجائپ ۽ پُرخلوص ميزباني هئي،جيڪا مون ان وقت صرف ٿر جي ڀٽن ۾ ئي ڏٺي هئي!
    ان وقت ايوب نئون نئون حيدرآباد آيو هو ۽ الک اخبار ۾ ڪم سان لڳو هو.پر هن جي اندر جو انسان اهو نج ڳوٺاڻُو سنڌي لڳي رهيو هو،جنهن وٽ حساسيت، معصوميت، سنجيدگي،شائستگي ۽ خلوص جا انبار هيڪاندا هوندا آھن! پر اهڙي وکر جا خريدار گهڻُو ڪري کُٽي پوندا آھن! ان وقت هو مونکي ڪيترو نہ ملاوتن کان پاڪ ۽ فطري بيساختگين سان ڀرپور لڳو هو،سوچيو هئم:”هي حساس ۽ دل-ڦينڪ ڳڀرُو نوجوان، ڪنهن غير سنجيدهه حُسن جي بيرُخين هيٺيان لتاڙجي،مورڳو کاڄي نہ وڃي!؟ گاڊ بليس هِم!“
    اها ڳالهه مون طرفان ڪاليج ۾ پڙھڻ واري زماني جي آھي.اڌ ڪلاڪ تي مشتمل ان ملاقات جي مٿي تي هاڻ اوڻيهن سالن جا اوڻيهه ڪوڪا لڳي چڪا آھن! ان زماني ۾ ڀانيان ٿو مون ايوب کي هڪ ٻہ خط بہ لکيا هئا،جن جي رپلائي جو ”قرض“ اڃان مٿس رهيل آھي.پر مون لاپرواهه شهري تهذيب جو مصروفيتون برداشت ڪري،ڪري ،هاڻ اهي دوستاڻا قرض سڀني کي معاف ڪري ڇڏيا آھن! بهرحال انکانپوءِ ايوب لاڳيتو شهرن ۾ ڏَسائيندو رهيو آھي.واءُ جا لوڏيا بہ وري ڪڏھن ڪٿي ملي ڪون سگهياسين،جو آئون سندس حال احوال پڇي سگهان ها.فيس بڪ تي تہ بہ الاءِ ڇو اسان ڪڏھن احوال اورڻ ضروري ناهي سمجهيو.شايد انساني زندگيءَ ۾ ڪي پهر اهڙا بہ ايندا آھن،جڏھن اڻ اوريل احوال اورجي پوندا آھن.۽ خاموشيون بہ پُڇيل توڙي اڻ پُڇيل سوالن جا جواب ڏيئي وجهنديون! ڪڏھن ڪڏھن ٽي وي چينلز تي سندس لکيل ڊراما ڏسي، ٻن متضاد سوالن جا اٺ، دل جي مَڪ ڪرٽيندا رهيا آھن،هڪ اهو تہ ”ڇا ايوب سندس ڊرامن جيان درد جو شهر تہ نہ ٿي پيو آھي؟!“
    ۽ ٻيو اهو تہ ”ڇا ايوب شهري ماحول ۾ ڊراما لکي،پاڻ ڊرامائي تہ نہ ٿي پيو آھي!“
    مونکي خبر ناهي تہ فلرٽ، دوستي يا وري محبت جي نالي ۾،ميڪ اپ جي پُوڄاري شهري حُسن کان ايوب ڪيترو سنگسار ٿيو آھي يا مورڳو اڇڙي ٿر جي هوا ۾ ڪڪوريل سندس شخصيت، ڪنهن ٻالاڀولي حسن کي اڻپُورڻتا جي پنڌ ۾ ڀٽڪايو آھي!؟ پر مونکي اها خبر ضرور آھي تہ، شاعريءَ کان تصويرن تائين،ايوب اداسيءَ جي پَروڻ مان ڦُڙو ڦُڙو ٿي ٽِميو آھي! اهو ايوب جيڪڏھن اوڻيهه سال اڳُوڻُو ڳائي گيهه جهڙو نج-نڪورو ايوب ئي آھي،تہ پڪ سان ھن عشق جي پُرپيچ رستن تي دل جي ڪيترن ئي حادثن سان هٿڙا ملايا هوندا! بس اها هن جي شاعري ئي آھي،جنهن هن کي هيستائين زندهه رکيو آھي.جڏھن بہ ”سمونڊ کيس سڏيو“ آھي،تڏھن پکيءَ جي نظرن سان وڻ جي ڇانءُ کي ماپيندڙ هن دلبر شاعر ” نظر هي بيوضو ناهي“ جهڙيون لافاني سٽون سرجيون آھن.هن وٽ ڏات محبوبا جيان پير پير ۾ ڏيئي،لڪي ڇپي ڪون آئي آھي پر ٻڪراڙ کنوڻ جي برسات جيان اوڙڪون ڪري آئي آھي-جنهن ڪيترن ئي دلين جا جهرجهنگ ۽ ترايون تار ڪيون آھن.
    ايوب جي شاعريءَ ۾ جتي ڏات جي پاڻيءَ مان وهنجي ورندڙ گهري خيال جي دلڪش سطح موجود آھي،اتي فن پڻ پاليل پکيءَ جيان سندس شاعريءَ جي ڪُلهن تي لاتيون لنوندي نظر اچي ٿو.جمالياتي رنگن ۽ درد جي ڦنگهن سان ڀرپور هن جي شاعري، يرغمال بڻجي پيل دل جو جِھيڻُو سڏ محسوس ٿيندي آھي.
    ايوب وٽ ايوب جي شاعري رڳو لفظن،جذبن ۽ احساسن جي مصوري ناهي پر هن جي ڏات جا هٿڙا انوکن خيالن جون گُڏڙيون پرڻائڻ تي هِريا پريا آھن.ان ڪري سندس خيال جيترو نئون ۽ اڇُوتو آھي،اوترو ئي ڊڀ جي پاڙ جيان اُونهون ۽ لاشعور جي پاتال ۾ پيوند ٿي پيل آھي.ان ڪري ئي سندس شاعري روح جي رڻپٽ تي محظُوظات جي ماڪ ۾ ڀِڄائڻ سان گڏوگڏ خيالن جي کٽولن تي اُڏائڻ جو آرٽ بہ پاڻ ۾ سمائي ٿي! سندس شاعريءَ جون ڪي ڪي سٽون تہ پڙھڻ پڄاڻا گهڻي وقت تائين منهنجي دل جي پڌر تي ڪامورين ٻڪرين جيان ايئن ليٽنديون رهيون آھن،جيئن هن جي پياريل ڪڙڪ چانهه جو قرض اڃان تائين ڪڏھن ڪڏھن اندر ۾ ڪتڪائي ڪري وجهندو آھي.ٻنهين جي انويلڊ نہ ٿيڻ جو سبب اهو آھي جو هن جي شاعريءَ پويان ڀوڳنائن جي ڊگهي ڪهاڻي موجود آھي شايد، جڏھن تہ سندس پياريل چانهه ۾ خلوص جي جيڪا کٿوري هئي،ان کي صرف محسوسات جي ٻَٽونءَ ۾ ويڙھي سگهجي ٿو!
    ايوب جي شاعريءَ مان ڪي سٽُون ڪڍي حوالي طور هتي آڻڻ ايتري ئي زيادتي آھي،جيتري مورن ۽ ڪارونجهر جو ذڪر ڪري، باقي ٿر جي سمورن جمالياتي نظارن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ بيواجبي آھي.ان ڪري مون ايوب جي شاعري هتي ڪوٽ ڪونہ ڪئي آھي،بلڪل ايئن جيئن اوڻيهن سالن تي مشتمل دوستيءَ باوجود اسان ڪڏھن هڪٻئي سان نہ روبرو ملڻ ضروري سمجهيو آھي ۽ نہ ئي فيس بڪ تي هڪٻئي سان گهڻي ويجهڙائي رکي آھي.بس دوست ۽ دشمن مشترڪہ نہ هوندي بہ،اسانجون هڪٻئي لئي نيڪ تمنائون ساڳيون رهيون آھن.پر شايد اسين ٻئي ساڳيا نہ رهيا آھيون!
    ٻُڌو اٿم تہ سڀاڻي ايوب سان شام ملهائجي رهي آھي.نہ ايوب شام جو ۽ نہ ئي منهنجي هنن ناچيز لفظن جو محتاج آھي.بس محبت ۽ عقيدت جي اظھار طور هي لفظ لکيا اٿم.
    سريلي اديب ۽ منهنجي گهڻ گُھري دوست حاجي شاد راڄڙ مون کي انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ مان ايوب ۽ منور سان ملهائجندڙ شام جي دعوت موڪلي آھي.آئون پياري حاجي شاد راڄڙ لاءِ فلائنگ ڪسز سان گڏ پياري ايوب گل لاءِ لفظن جي هيءَ اجرڪ اماڻي رهيو آھيان.
    (انتهائي اڻٽر سبب پروگرام ۾ منهنجي شرڪت نہ ڪري سگهڻ جي مجبوري بڻيل آھن.)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو