18 آڪٽوبر سانحو ،،،، نفيس الزمان لوهاراڻي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت کيس ڪنهن سوال ڪيو هو ته توهان سڀ کان پهرين ڪهڙي شهر ۾ قدم رکندو ته ان وقت شهيد بينظير ڀٽو چيو هو ته هو سڀ کان پهرين پنهنجي ڌرتي ۾ قدم رکندي، جنهن سبب هنءَ سڀ کان اڳ سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي اچڻ مناسب سمجهيو هو، شهيد بينظير ڀٽي جي اعلان بعد سندس پارٽي جي لکين ڪارڪنن تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون، ايتري قدر جو بينظير ڀٽو لاءِ بليٽ پروف ٽرڪ به ٺاهيو ويو هو، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ڪراچي ايئرپورٽ پهتي هئي ته لکن جي تعداد سندس پارٽي ڪارڪن آجيان لاءِ بيٺل هئا ، 18 آڪٽوبر 2007 جو اڀرندڙ سج پاڪستاني عوام لاء هڪ نئين اميد ٿي اُڀريو ، 18 آڪٽوبر پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو ڏينهن هيو ، جڏهن پاڪستان جي غريب ، هاري ، ۽ ابتر واري حالت مان گذرندڙ ماڻهن کي پنهنجي مسيحا جي پاڪستان آمد جو بيچيني سان انتظار هو ، غريب ۽ بي سهارن جي چهرن تي جيڪا مُرڪ محترمه جي پاڪستان آمد تي هئي اها خوشي ڪنهن عيد کان گهٽ ڪانه هئي ،
    قائد عوام ۽ ملڪ جي پهرئين متفقه آئين جي خالق شهيد ڊولفقار علي ڀٽو جي ڌيء ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي جي قائداعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پير رکيا پوء ته سڄي ملڪ مان پهتل جمهوريت جي پروانن جو سمنڊ پنهنجي مسيحا جو شاندار استقبال ڪرڻ لاء ايئرپورٽ تي پهچي ويو ، مون کي ياد آهي اهو 18 آڪٽوبر جو ڏينهن اسين ٽي وي سڪرين تي هي منظر ڏسي رهيا هئاسين ، جڏهن جهاز جو دروازو کليو ته هڪ سائي رنگ جي لباس ۾ مٿي تي اڇو رئو ڌڪيل هڪ عورت ٻاهر نڪتي ، سندس اکيون سرزمين پاڪستان تي پير رکڻ جي خوشي ۾ ڇُلڪي رهيو هيون ، ۽ دنيا ڏٺو ته واقعي به بينظير لڳي رهي هئي ڄڻ ڪنهن روحاني شخصيت جي آمد ٿيندي هجي ، محترمه جهاز مان ٻاهر نڪري خدا جو شڪر ادا ڪيو هٿن کي فضا ۾ بلند ڪيو ۽ قرآن پاڪ جي ڇانو ۾ جهاز کان هيٺ لٿي ، ڀٽو جي نياڻي جون اکيون پنهنجي سرزمين تي پير رکڻ جي خوشي ۾ ڇُلڪي رهيو هيون ، هزارن قافلن جي شڪل ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل جيالا هي منظر ڏسي خود اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا ، ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا نمائيندا هن منظرن کي ڪور ڪندا رهيا ۽ پوري دنيا ۾ منظر لائيو ڏٺا پئي پيا ويا ، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن پارٽي اڳواڻ جي استقبال لاء ايترا سارا ماڻهو گڏ ٿيڻ هي پهريون ڀيرو هو ،
    بينظير ڀٽو کي آگاهہ ڪيو ويو ته سندس جان کي خطرو آهي پاڻ ماڻهن جي هجوم کي الوداع چئي ڪنهن محفوظ جاء ڏانهن منتقل ٿي وڃي پر ان وقت پنهنجي ماڻهن پنهنجي زمين تي پهچي سندس جيڪا ڪيفيت هئي اها خطرن جي خوف تي حاوي ٿي چڪي هئي بس سندس هڪ ئي ٻولي هئي ، ميرا مرنا بهي عوام ڪي ساتهہ هي ميرا جينا بهي عوام ڪي ساتهہ هي ، بينظير ڀٽو کي عوام سان بي پناهہ محبت هئي 8 سالن جي ڊگهي جلاوطني پنهنجي عوام کان جدا سندس لاء ڄڻ ته سو سال هيا،
    هاڻ محترمہ بينظير ڀٽو جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هئو محترمه جي چاهيندڙن ، توڙي جيالن جي قافلن ته ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو ، ڪنهن به خطري کان بي خوف ٿي عوام جو هجوم گڏ هلندو رهيو باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ۽ ان کانپوء 70 ڪلفٽن تائين وارو ڪجهہ دير جو سفر ، ڄڻ ته ڪنهن به حالت ۾ پڄاڻي جو نالو ئي نه وٺي رهيو هئو ،
    نعرن جي گونج سان قافلو شاهراهه فيصل کان ماڪوڙي جي رفتار سان اڳتي وڌندو رهيو
    جيالن ۽ انهن جي همدردن جي ڄڻ ان ڏينهن عيد هجي
    سڀني قوميت جا ماڻهو ڪي گھٽ ڪي وڌيڪ ، جهومندا نچندا ، موٽر سائيڪلن جي وچ ۾ ويٺل معصوم ٻار به هلندي موٽر سائيڪل تي نچندا خوش ٿيندا پئي رهيا
    ماڻهن ۾ عجيب خوشيء جوتاثر هيو ماڻهن پنهنجي ليڊر جي آمد جي خوشي ۾ ڪنهن به خطري جي خوف بغير وڏي جوش جذبي سان نعرا هڻندا رهيا ، محترمه بينظير ڀٽو به پارٽي جي سنيئير اڳواڻن سان گڏ نعرن جا جواب ڏيندي رهي آخرڪار ڪارساز ويجهو محترمه ٽرڪ ۾ بنيل ڪمري ۾ جڏهن پهتي ته اوچتو ٻاهر هڪٻئي پويان زوردار ۽ خوفناڪ دهماڪا ٿيا هر پاسي تباهي مچي وئي ڪنهن کي به خبر نه پئي ته آخر ڇا ٿيو ، محترمه بينظير ڀٽو کي سندس جانثارن ٽرڪ مان ڪڍي حفاظت سان گهر پهچايو ، محترمه کي ته سهي سلامت محفوظ جاء ڏانهن منتقل ڪيو ويو ، دهشتگردن پاران محترمه کي ڊڄارڻ لاء ڪيل قاتلاڻي حملي ۾ لڳ ڀڳ 179 ماڻهو شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا جن ۾ ڪيترائي سڄي زندگي لاء معذور ٿيا ، آڪٽوبر جي ان خوفناڪ حملي کانپوءِ بينظير ڀٽو جي بهادري ۽ بي باڪي وارو ڪردار اڃان وڌيڪ نکري نروار ٿيو، جڏهن هوءَ ٻئي ڏينهن صبح جو لياري ۾ شهيدن جي وارثن ۽ اسپتالن ۾ زخمين سان ملڻ هلي وئي. نه صرف ايترو پر بينظير دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي جي خلاف پنهنجو موقف وڌيڪ واضح ۽ چٽي نموني سان رکڻ شروع ڪيو ۽ بينظير ان معاملي ۾ صرف لفظن جي حد تائين رهڻ پسند نه ڪيو، پر هوءَ ڪوئيٽا ۽ پشاور جهڙن علائقن ۾ جلسن کي خطاب ڪرڻ پهتي، جنهن بابت کيس ڪافي منع ڪيو ويو ، آخرڪار حق سچ جي جنگ وڙهندي 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ هڪ عاليشان جلسي بعد جڏهن قوم جي راڻي عوام کي نعرن جا جواب ڏيڻ لاء پنهنجي گاڏي ۾ مٿي اُٿي ته ظالم هن ڀيري پنهنجي واردات ۾ ڪامياب ٿي ويا ، ۽ ملير جي مارئي ، ڀٽو جي نياڻي کي هميشه جي لاء پنهنجي عوام کان جدا ڪري ڇڏيو ، ڏهہ سال گذري وڃڻ باوجود به پي پي پي قيادت نه ڪارساز سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي سزا ڏياري سگهي ۽ نه وري محترمه بينظير ڀٽو جي خون سان انصاف ڪري سگهي ، هر هڪ اهو ئي سوال ڪري رهيو ته آخر بينظير ڀٽو جو قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ان وقت وفاق ۾ به پيپلزپارٽي اڪثريت ۾ هئي ۽ صوبائي حڪومت به سڀ کان وڌيڪ سيٽون کنيون هيون پر افسوس جو نه ته صوبائي سطح تي ڪا خاص جاچ ڪئي ۽ نه ئي وري وفاقي سطح تي ڪو اهڙو قدم کنيو ويو جنهن سان ماڻهومطئمن ٿي سگهن. پر ان وقت هڪ ڳالهه سبب آصف علي زرداري تمام گهڻو ڪاوڙجي ويندو هو جڏهن ڪو صحافي کائنس سوال ڪندو هو ته آخر بينظير جا قاتل ڪير آهن ۽ ڪڏهن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پر افسوس جو آصف علي زرداري ان جو جواب نه ڏيندو هو، پر هڪ ڏينهن جڏهن ڪنهن صحافي اهو ئي سوال ورجايو ته اچانڪ آصف علي زرداري ڪاوڙجي پيو هو ۽ چيو ته کيس خبر آهي ته قاتل ڪير آهن ۽ هو وقت اچڻ تي ٻڌائندو، هاڻ جڏهن پيپلزپارٽي صوبائي سطح تي حڪومت ۾ آهي ته ان وقت به سندن اهو ئي سوال ڪري رهيا آهن ته آخر ڪڏهن 18 آڪٽوبر سانحي جا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ۽ آخر ڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، افسوس جو هن وقت تائين بينظير جا قاتل ته نه گرفتار ٿيا آهن پر پيپلزپارٽي طرفان اهو واضع ڪيو هو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، جنهن بعد ته هاڻ بينظير جي قاتلن بابت پيپلزپارٽي کان سوال ڪرڻ بهتر نٿو لڳي،
    18 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لهڻ وقت ۽ ان کانپوءِ 27 ڊسمبر تي شهادت جو جام نوش ڪرڻ تائين بينظير ڀٽو ملڪ جي اندر جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي بالادستي، مذهبي تنگ نظري ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جيڪو علم بلند ڪيو هيو، ان ملڪ جي اندر جمهوريت پسند ۽ لبرل قوتن ۾ هڪڙو وڏو اتساهه پيدا ڪيو هو، پر گذريل ڏهن سالن کان وٺي ملڪ جو جمهوريت پسند ۽ روشن خيال عوام ويڳاڻو ٿي ويو آهي، ملڪ جي ڪا به قيادت، ڪا به پارٽي ان جي جذبن جي ترجماني نه پئي ڪري، تنهنڪري اهو عوام اڄ به ان اوسيئڙي ۾ آهي ته ملڪ جي اندر ڪا اهڙي قيادت، ڪا اهڙي پارٽي اچي سندن اڳواڻي ڪري، جنهن ۾ 18 آڪٽوبر جي شهيدن ۽ انهن جي قيادت وارو جذبو موجود هجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو