صنوبر جو وڻ هو ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    صنوبر جو وڻ هو
    يا نم ڇانو ٿڌڙي
    تپش هلڪي هلڪي
    سنهي واءُ ور ور
    وري ڪانگ لولو ڏيڻ ڪا پئي تانگهي
    اچن مارو منهنجا سڏي پئي هو سڪ مان
    جهروڪا ها جهرڪن
    اکيرا اندر ۾
    مٿان کان ڇپر ۾
    نه ٻوٽيل هيا وات ٻچا جن ٻاڪارين
    کڻي چهمب داڻو اچي هو ڏئي پئي
    اها ممتا هاءِ هاءِ وڏو سک وهاءِ
    ٻچن لاءِ هر هر ڦري ڦيرا ڏيندين
    کڻي داڻو ڌرٽي مٽي چهمب چٽيندين
    ڪري پئي هو ڪم اهڙا انسان کان وڌ
    وري جنهن آکيرو به مضبوط ڏاڍو
    نپائي ٿي ٻچڙا گڏ نر نرالي
    نه چهمب جنهن جي خالي
    ڏنو پئي ٿي ڏاتار
    جا مخلوق لاچار
    نه اونو صبح جو
    نه ذخيري جي ضد ڪا
    نه ئي بار برڪت
    نه ئي فڪر فاني
    ڪروڙن ۾ مخلوق پالي نپائي
    اهو ئي ته قدرت الله آهي
    اهو ئي ته قدرت الله آهي

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو