سنڌ جو ليجنڊ اداڪار ۽ فلم اسٽار شهباز دراني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ جو ليجنڊ اداڪار ۽ فلم اسٽار شهباز دراني

    حميد ڀٽو

    سنڌ ڌرتي جي سونهن سان سينگاريل سوين خوبصورت ۽ مڻيادار، موتين جهڙا اداڪار،فلمسٽار موجود آهن. اهڙن ئي خوبصورت احساسن جو مالڪ اداڪاري وسيلي سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ شهبازخان دراني به هڪ آهي. شهبازخان دراني هڪ اداڪار هجڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي لاءِ وسيع ۾ بهترين سوچون رکندڙ ماڻهن ۾ هڪڙو موتيءَ داڻو هو.ٽيليويزن جي متعارف ٿيڻ بعد ناٽڪ جي دنيا تمام گهڻو اوج ماڻيو، جنهن ۾ تمام ٿورڙن اداڪارن پاڻ ملهايو جن جي نرالي اداڪاري اڄ به ڪنهن کان وسري نه ٿي سگهي. اهڙن ئي اداڪارن منجهان ” شهبازخان دراني “ پڻ هڪ آهي شهباز دراني 31 ڊسمبر 1945ع ڌاري حافظ محمد جمن جي گهر پٺاڻ ڳوٺ ويجهو نيو سعيد آباد ۾ جنم ورتو. سندس والد انگريز دور جو دوراڱو ھو. سندس ننڍپڻ ۾ حافظ قرآن جي گهر ۾ جنم وٺڻ سبب کيس مذهبي پاسي ڏانهن لاڙو هو. شهباز دراني کي ننڍي هوندي ئي نيو سعيد آباد جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن ديني تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ انجنيئرنگ ڪورس ڪري آبپاشي کاتي ۾نوڪري ورتائين. جتان شهبازخان دراني سال 2000ع ڌاري ايگيوڪيٽو انجنيئر جي عهدي تان ريٽائرمينٽ حاصل ڪئي. شهباز دراني کي 1965ع ڌاري فني دنيا ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو کيس ناليواري فلمي ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار موسيٰ ڪليم ۽ هدايتڪار ايس واءِ احمد جن سنڌي فلم رنگ محل ۾ اداڪار طور هن کي متعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ شهباز دراني 30 کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجي فني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، جن فلمن ۾ ڌاڙيل جو دشمن، جانو ڌاڙيل، پرو چانڊيو، غيرت جو سوال، جلال چانڊيو، بي.بي.سي لاءِ تيار ڪيل عالمي شهرت يافته فلم جناح ۾ خان عبدالغفار خان جو اهم ڪردار پڻ ادا ڪيو. اردو فلم جهان برف گرتي هي، ديواني دو، تلاش، هانگ ڪانگ ڪي شعلي، ٽينا ۽ دنيا جي پهرين پشتو فلم يوسف خان شهربانو سميت انگار، فرار، ڦانسي، ديلار بدر، آخري گولي ۽ ٻين فلمن ۾ هن اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ بي.بي.سي لاءِ تيار ڪيل انگريزي ڊرامي ٽريفڪ ۾ ڊرائيور جو مک ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته شهباز دراني کي ٽيليويزن تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. جنهن سان شهباز دراني جي تمام پراڻي سنگت رهي. شهباز دراني ٽيليويزن جي سمورن وڏن پروڊيوسرن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي، سندس ٽيليويزن تان ديوارين ناٽڪ ۾ ڪيل ڪردار کيس تمام گهڻي شهرت ڏياري. جنهن بعد مقبوليت جي بلندين تي فن جي دنيا اندر وڏي شهرت ماڻي.
    شهباز دراني ڪي ٽي اين ،سنڌ ٽي.وي، آواز، ڌرتي.مهراڻ ٽيلويزن لاءِ تيار ڊرامن، سيريل ۾بهتر ڪردار نگاري جو مظاهرو ڪيو آهي، شهباز دراني جي 16 سالن جي عمر ۾ مائٽن مان شادي ڪرائي وئي، پهرين زال جي ڊليوري دوران وفات کانپوءِ سندس مائٽن ٻي شادي ڪرايس ۽ ٻي گهر واري جي وفات کانپوءِ مائٽن کيس ٽئين شادي ڪرايس جنهن مان 7 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد اٿس، جن ۾ وڏو پٽ ڪريم گل، سي پورٽ تي ليبر آفيسر، رحيم گل هيڊ ماستر، زرين گل ڪمانڊر، شميم گل ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ورڪس کاتي ۾ ۽ سليم گل چيف انجنيئر، وسيم گل ۽ عظيم گل تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالين ٿا جڏهن ته ٽنهي نياڻين جي شادي ڪرائي ڇڏي اٿس.شهباز دراني زندگي جي آخرتاھين خانگي ٽي.وي چينلز جي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي علائقي ۾ زمينداري ڪندو رهيو..
    شهباز دراني پنهنجي قدآور شخصيت ۽ منفرد انداز جي اداڪاري ڪرڻ سبب فني دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ٺاهي جنهجو ٻيو ڪو اداڪار مقابلو ڪري نٿو سگهي. هڪ بهترين انسان دوست انسان هو جنهنجي 21 آڪٽوبر2017ع تي رات جودير سان وڇوڙي تي سنڌ جي سمورن ساڃهه وندن جي دل جهري آهي. شهباز دراني گذريل پنجن سالن کان مسلسل بيمار رهيو سندس علاج ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف اسپتالن اندرٿيندو رهيو پر زندگي وفا نٿي ڪري هر انسان کي مالڪ حقيقي ڏي هلڻو آهي پر ڪجهه اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن جي وفات تي وڏو صدمو رسندو آهي. شهباز دراني اهڙن ماڻهن ما هڪ آهي. شهباز دراني کي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سنڌ ايڪسلينس ايوارڊ ،لائف ٽاِئيم ايوارڊ ملڻ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويوھو پشتو فلمن تي کيس حڪومت طرفان تڏھوڪي صدر پاڪستان اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو. شهباز دراني جي تدفين 22 آڪٽوبر2017ع تي سندس آباڻي شهر سعيد آباد ڪئي وئي.شهباز دراني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي وائيس چيئرمين هو. سنڌ فنڪار ويلفير ٽرسٽ طرفان شهباز دراني جي وفات تي ٽن ڏينهن جي سوگ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شهباز دراني صدائين مرڪندڙ اعليٰ انسان هو.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مالڪ سائين سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي.. آمين ثم آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو