شاه صاحب (سر ڪلياڻ)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ nadar baloch طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2010۔

  1. nadar baloch

    nadar baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    HYDERABAD
    1
    اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
    قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
    والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
    سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
    ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
    2
    وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
    تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
    3
    اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
    هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
    بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.
    4
    آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛
    لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
    مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
    5
    وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
    هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
    معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
    سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛
    ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.
    6
    وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛
    ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛
    ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.
    7
    وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛
    کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
    پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.
    8
    وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
    ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
    9
    سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
    هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
    وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.
    10
    عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
    خالق چَؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
    سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
    11
    وحدتان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
    هُو هُلاچو هُل، با الله سندو سڄڻين.
    12
    پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
    پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
    پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
    سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
    13
    پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛
    پاڻهِين خلقي خوب، پاڻهِين طالب تن جو.
    14
    پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
    هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
    15
    ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.
    16
    ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
    جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
    پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.

    وائي
    سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
    نيهن نيڻيڻ، ڳُڻُ ڳالهه وو.
    جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
    لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.


    شاه صاحب

    (نوٽ) متعلقه سيڪشن ۾ ٿريڊ کي موو ڪرايو ويو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شاه صاحب (سر ڪلياڻ)

    تمام بهترين سائين

    لاجواب ڪوششون آهن توهان جون سنڌ سلامت فورم لا۽

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: شاه صاحب (سر ڪلياڻ)

    تمام سٺو سائين
     
  4. حامد گبول

    حامد گبول
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2013
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    مونکي انهن بيتن جي سمجهاڻي ۽ معني گهرجي ڪو دوست مدد ڪندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو