ڳالهه مان ڳالهوڙو....

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڳالهه مان ڳالهوڙو....
    پاڻ وارو يار سلامون گهٽي لنگهندي مليو، سلام دعا کان پوء پڇيو مانس ته ڇو اڄ لڙڪيل ٿو لڳين؟
    ٿڌو ساه کڻي چيائين ته استاد توکي سڄي خبر آهي پوء به پڇين ٿو.
    ابل گٽڪي جي وڪري تي سختي ڪئي اٿن. مانڊڻي تي مائو ڪونه ٿو ملي شهر وڃڻو پوندو.[​IMG]
    مون چيومانس ته اهو ڪو وڏو مسئلو ڪونهي هن کان اڳ به هزار ڪوششون باوجود گٽڪو بند نه ٿيو.
    پر استاد ڏس نه رڳو باھ اسان گٽڪي وارن جي پويان، هي پٺاڻ نسوار جا ٽوڪرا ڀريو گهٽي گهٽي ويٺا آهن ان تي ته سرڪار جو موچڙو ڪونهي.[​IMG] سلامون ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هيو مون به سندس دل نه ڀڳي ته ڀلي اوٻر ڪڍي. سائين ڏسو نه نسوار ڏئي پٺاڻ وتي هنڌ هنڌ وٺ لاھيندو، نسورا کائجي ته اڳيان هيٺيان مٿان ڏند ڳريو وڃن، مٿي ۾ ڦيري الڳ....... استاد گٽڪو ماٺيڻو نشو آهي، وات ۾ وجهي مست ٿيو ويٺو هج، ڪلاڪ کن لاءِ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو روزو، مٽون ڦوڪيو ڪلاڪ کان پوء وات کولي گڏ ڪيل مال کڻي پچڪاري ڪر..... ڪراچي جي ڳوٺن جا روڊ رستا ڳاڙها ڳاڙها لعل لڳا پيا آهن. رنگ روغن جي ڪا ضرورت ناهي، رستي جو جيت جڙو مڇر ناس ٿيو وڃي. استاد اڪثر ماڻهن جي ڪپڙن تي ڳاڙهي رنگ جو ڀرٿ نظر ايندو، گٽڪي جو ڪمال ته آهي. گٽڪي وات ۾ هجڻ ڪري ماڻهو ماٺيڻان سڏجن نه ويڙه نه جهيڙو......... وڙهون به ڇا تي وات ٿا کوليون ته؟؟.......... سمجهو آهيو.[​IMG]

    "يار گهڻو گٽڪي کي نه ساراه هتي رهندي ست سال ٿيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد آهن، 19 ڄڻا ته هوندا جيڪي وات جي ڪينسر ۾ فوت ٿيا آهن. " مون چيو.[​IMG]
    بي شڪ پر سائين سچ ٿو چوان ته ان کان وڌيڪ ته ڪچي شراب پيڻ وارا جگر جي ڪينسر ۾ مئا آهن پوء گتا به بند ڪرائين رڳو گٽڪي تي مار.[​IMG]
    هاڻي سلامون جوش ۾ هو.
    پٺاڻن کي ته دماغ جو ڪينسر ٿيو پوي ڪلاڪ نسوار نه ملين ته چريا ٿيو پون وتن بسن ۾ ماڻهن کي ڏاڙهيندا. [​IMG][​IMG].
    سلامون جي سلامتي واريون خبرون سُڻي ساه ۾ ساه پيو......... * س* سان سنڌ جي *سائي* ياد پئي. سرڪي هنيون سرور سان ستو پيو هج. [​IMG]
    نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀوُ.
    سائين جو سر سلامت پاڻ کي لهر نه لوڏو. [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو