استاد بخاري

'شاعري' فورم ۾ عبدالرحمان مڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2017۔

  1. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    جدائي ۾ جاني جيئڻ ناهي سولو

    ڏسي زهر اکين سان پيئڻ ناهي سولو

    تنهنجا سور سڀ سيني ۾ سمائي سهڻا

    هن ظالم دنيا ۾ هلڻ ناهي سولو

    تو ته ڇڏيو آهي مونکي مٺڙا وساري
    پر سهڻا جاني توکي وسارڻ ناهي سولو
     
  2. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    عبدالرحمان صاحب استاد ته استاد اهي سندس ڪهڙي ڳاله ڪجي، هتي چند شعر عبدالغفار تبسم جا ياد اچي ويا ......

    دل ۾ اڄ رات تنهنجي ياد وري آ شايد

    اونداهيءَ رات ۾ ڪا چڻنگ ٻري آ شايد

    ريءَ برسات سڄي رات پسيو آ دامن

    دل کي اکين مان ڳجهو دريا دري آ شايد

    تنهنجي واعدن جي اڃان اعتبار تي آهي

    دل منهنجي ناهي ڪا پٿرن جي ڀري آ شايد

    ڪير ايندو ڇو هتي ڪير سڏيندو مونکي

    دل چري آهي خالي گهر کان ڊڄي آ شايد

    تون پنهنجي شوق سان ها شوق سان ڪر ظلم ۽ ستم

    ڪا تبسم ۾ اڃان ساه ذري آ شايد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو