حوصلا بيهي رهيا همٿن جي آسري لفظ ها ڪا سٽ نه هئي گول چڪر ۾ هو چڪر جي لکيا احساس ها سي وبا سمجهي روڪيا ويا هو اڪيلي رڃ جهڙي ايندي ڇا ارمان ۾ منهنجي هن غمان ۾ ڇو ٽٽي ئي ڪين ٿو اميد جو آسرو ڀل ڳاڙهو رنگ آهي هن جو هو صدا ڌرتي جي منهنجي من ورتي جي آءُ توسان اوريا ڪا صدا صدين جي آ توتي هي ارمان پورا جي ڪيا ن پو ڪو مران هي امر ٿي آس منهنجي ڌرتي سنڌ ٿي آجي منهنجي هي نه ڪا عام آ، هي نه آ هي رواجي آءُ توکي مان ٻڌايان آءُ توکي سيني لايان تون ئي ته منهنجي مرڪ آن تون ئي ته منهنجي سرڪ آن آءُ هليو پيرن پٻن تي هٿ ۾ درنالي تنهنجي ڪر ٺڪاءُ ...ڪو گوگاءُ ڳيرو نه مار عقل ڌار هو جي آئي حل آ ڳجه جهڙو ڏائڻ پکي مار تنهن کي ڪين ڇڏ هي کائي ٿي ڍونڍ هڏ هي موزي منهنجي وطن ۾ ڪين گهرجي ڪين گهرجي ... لبستم دائودپوٽه