غزل منصور حمزه جيو جيو هي زندگي، جيئڻ جو ئي مقام آ مست مست ٿي وڃو، گهڙي گهڙي ڪو جام آ! هلون هلون ائين هلون، جا بادلن کي موج آ اڏئون اڏئون سڀئي اڏئون، قدم قدم اڏام آ! چٽان جيئن مٿي اٿئون، ۽ آسمان ٿي پئون، نگر نگر نگون ٿيئون، جو هر ڏسا ٿي گام آ! اماس ۾ ڪا لوَ ٿيئون، صبوح لئه شمع ٿيئون، اهو جيئَڻُ آ زندگي، اِنهِيءَ کي ئي دوام آ! ادا ادا ۾ شوخ هوءَ، نظر نظر ۾ با ڪمال، پرينءَ جي ڳالھ ڳالھ تي، ڪيو سمئه قيام آ! ملئون به ٿا وڙهئون به ٿا، روئون به ٿا کلئون ٿا، ڊهون به ٿا ٺهون به ٿا، عجيب عشق مام آ!