دوستن ۽ ٻيڙين جو ساٿ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ منصور حمزه طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2017۔

  1. منصور حمزه

    منصور حمزه
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏2 جولائي 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    جيوگرافي جو ليڪچرار
    ماڳ:
    ڪراچي
    زل
    منصور حمزه

    دوستن ۽ ٻيڙين جو ساٿ هو
    نرم مٽيءَ ۽ کڙين جو ساٿ هو

    ڪجھ ڪپر تي چنڊ جا پيرا هيا،
    ڄڻ نديءَ سان راتين جو ساٿ هو!

    ننڊ پلر تي سبز رنگت جيئن هئي،
    جاڳ ۾ جر جي گهٽين جو ساٿ هو!

    تون هئين ڄڻ ڏور ويندڙ ڪو پکي
    منتظر کي بس اکين جو ساٿ هو!

    ونجھ ڀي منهنجي رڳن مان پئي مٽيو
    روح کي دل جي ڪنڌين جو ساٿ هو!

    تو ڇڏيو پئي ته گگن ڀي هو اداس
    شام سان جوڳين، پکين جو ساٿ هو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو