ٻول : ها نڪ جي ڦليءَ جهڙو ڪٿي آ نصيب مُنهنجو اهڙو

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    ها نڪ جي ڦُلِيءَ جهڙو ڪٿي آ نصيب مُنهنجو اهڙو!
    تنهنجي ڪنَ جِي واليءَ جهڙو، ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو!

    يا مان هُجان ها ململ جو چولو، پائين ها پنهنجي بدن تي،
    يا ته هجان ها پازيب تنهنجي، جوت چمانءِ ها پيرن کي،
    يا گُل ٿيان ها سڳيءَ جهڙو! ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو؟


    يا ته هُجان ها چوڙيون ته سنگ مرمر جهڙيون ٻانهون ڇُهان ها،
    يا ته هجان ها ڇلڙو پڇاڙيءَ چيچ ۾ پيو ته هُجانءِ ها،
    ناهيان بٽڻ ڳچيءَ جهڙو! ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو!

    اي ڪاش تنهنجو سپنو هجان ها ساري رات سوچين ها جنهن کي،
    يا ته مان هجان ها آئينو ”تبسم“ هرهر ڏسين ها تون مونکي،
    ناهي ڀاڳ ٻنهِي جهڙو! ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو!


    آواز : سرمد سنڌي
    ٻول : عبدالغفار تبسم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو