غلام رباني آگرو سنڌي ادب جو ممتاز ڪهاڻيڪار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    غلام رباني آگرو سنڌي زبان جو برک دانشور ۽ ممتاز ڪهاڻيڪار جي سالگره جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ صدين کان وٺي علم ادب جو گهر رهي آهي ۽ رهندي نظر پڻ اچي ٿي وادي مهراڻ هن سهڻي ڌرتي وقت به وقت وڏن علم ادب جي ڏاهن انسانن کي پنهنجي ڪک ۾ هميشه جنم پئي ڏنو آهي اهڙي طرح نوشهروفيروز ضلعي ڪنڊياري جي مٽي به هڪ ممتاز ڪهاڻيڪار سهڻي اديب کي جنم ڏنو جيڪو سنڌي ادب کي هميشه پنهنجي قلم، ڏات وسيلي جرڪائيندو رهيو اهڙن ڏاهن اديبن جي موتين مالها منجهان

    غلام ربا ني آگرو ولد عبداللطيف آگرو 5 نومبر 1933 مطابق 1352 هه ڌاري ڳوٺ محمد خان آگرو تعلقي ڪنڊياري جي ضلعي نوشهرو فيروز۾ پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي پاڻ برک اديب دانشور ۽ ممتاز ڪهاڻيڪار آهي سندس والد صاحب پڻ تعليم کاتي ۾ استاد هو هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان حاصل ڪئي بعد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نوشهرو فيروز منجهان1951ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين .وڌيڪ تعليمي حاصلات لاءِ حيدرآباد شهر جو رخ ڪيائين جتان ايل _ايل _بي _ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1957ع ڌاري غلام رباني آگري صاحب گريجوئيشن ڊگري حاصل ڪرڻ بعد سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي حيثت ۾ ملازمت اختيار ڪئي سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1970ع کان وٺي 1976ع تائين سيڪريٽري جي عهدي تي فائز رهيو وري ساڳئي سال 1976 ۾ جڏهن محترم شيخ اياز (مبارڪ) سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو هو ، ته غلام رباني آگرو صاحب سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو هو جتي هو 1979ع تائين ان اهم عهدي تي ڪم ڪندو رهيو . 1984ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ ئي ساڳي عهدي ( منصب) سرانجام ڏيڻ کان پوءِ وفاقي وزات تعليم کيس اسلام آباد گهرائي خدمتون حاصل ڪيون ، پاڪستان جي ممتاز علمي اداري (اڪيڊمي ادبيات پاڪستان) جو پهرين ڊائريڪٽر ۽ ٿوري عرصي کان بعد وري ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو جتي 6 (ڇهن) سالن جي عرصي کان بعد کيس چئرمين جي عهدي تي ترقي ڏني وئي انهي عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻ اردوسائنس بورڊ چيو وڃي ٿو)غلام رباني صاحب اسلام آباد ۾ چئرمين اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءَ بعد1993ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر 2002ع تائين پڻ رهيو هو 1996ع ڌاري غلام رباني صاحب سرڪاري عمر پوري ٿيڻ بعد رٽائر ٿيو کيس حڪو مت پاڪستان پاران ( تمغه امتياز)جو ايوارڊ عطاءَ ڪيو ان بعد صدر پاڪستان پڻ کيس ڌار (حسن ڪارڪردگي) ايوارڊ سان نوازيو غلام .رباني صاحب سارڪ ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان وفد جي قيادت پڻ ڪئي ، رباني صاحب لاءَ فخر جهڙي هڪ ڳالهه اهيا به آهي ته شهنشاه ايران جي دور ۾ ۽ وري ٻيو ڀيرو امام خميني جي دوري حڪومت ۾ ايران ملڪ ويو اتي حڪومت پاران انهن کي ڏنل دعوت تي اهم شخصيت طور گهميو کيس ( شاهنامه فردوسي)جي هڪ ڪاپي تحفي طور ڏني وئي .پاڻ ٻه ڀيرا چين ملڪ پڻ گهمي آيو وري ٻئي ڀيري پاڪستان اسڪالرز جي قيادت جا فرض سرانجام ڏنائين اتي چين ملڪ ۾ پيپلز ڊيلي چيني اخبار هڪ زبردست انٽرويو پڻ شايع ڪيو هو آگرو صاحب پنهنجي گونا گون وسيع علمي ۽ ادبي خدمتن ذريعي سنڌي ادب ۾ فخر ۽ عزت جي قابل مقام جو مالڪ هو سندس شمار جديد ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو سندس جي ڪهاڻين جو مجموعو (آب حيات) پهريون ڀيرو 1966ع ۾ شايع ٿيو سندس ڪهاڻين کي جديد سنڌي ادب ۾هڪ زبردست منفرد ۽ مستند مقام حاصل آهي سندس ڪافي ڪهاڻيون مختلف زبانن چيني ،جرمني ، فارسي ، اردو، ۽ هندي ۾ پڻ ترجمو ٿي مختلف ملڪن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن.سندس پهريون افسانو (اترادي)1955ع ۾ سه ماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو هو ان کان علاوه سندس سوانحي مضمونن جا ٻه جلد ( جهڙا گل گلاب جا) شايع پڻ ٿيل آهن غلام رباني آگرو صاحب ٻارڙن جي ادب ۾ پڻ سڀني اديبن کان آڳتي اڳتي هو، هن ٻارن لا ( گل ڦل )رسا لو شايع ڪرايو جنهن جو ايڊيٽر 1959ع کان وٺي 1964ع تائين پاڻ رهيو رباني صاحب سنڌي ادب جي وڌاري لاءَ ڪيترائي مضمون مختلف موضوعن تي پڻ لکيا ۽ ڪجهه ڪتاب( سنڌ جا بر، بحر پهاڙ) به لکيائين جن کي سنڌي ادب ۾ قدر لائق مقام حاصل آهي .خاص طور تي ( سنڌي ڪلچر) عنوان سندس فڪري مضمونن جو قسطون نهايت زبردست ساراهه جي لائق آهن رباني صاحب ورهاگي کان پوءِ پهريون ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين ۾ فڪري بحث علامتي انداز ۾ پيش ڪيا آهن ان سلسلي منجهه ڪهاڻيون ( مان پل هجان اکڙيون اجايون ) ۽ ڪرئڪ اهم آهن مطلب ته سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جي لحاظ کان اتم آهن رباني صاحب سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيوآهي سندس تحريون سنڌي ادب لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون تحريرن مجهنان معلوم ٿئي ٿو ته جئين ئي احساس تجربا ۽ جذبا سندس ذهن تي تري آيا آهن ته انهن کي لکڻ ڪاغذ تي اتارڻ ۾ ويرم نه وڌي اٿس آخر ڪا ر سنڌ جو برک دانشور پاڻ شگر جي مرض ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو دل جي تڪليف سبب پاڻ کي لطيف آباد حيدرآباد جي هلال احمر اسپتال۾17 جنوري 2010 آچر ڏينهن مطابق 2 صفر1431هه ڌاري پننهنجي زندگي جو سفر 76سال 2 مهينا ۽ 12 ڏينهن گذاري سڀئي ادبي محفلون ۽ پنهنجن اديب دوستن کان موڪلائي هي عظيم ممتاز ڪهاڻيڪار اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس اڄ 5 نومبر 2017 ع تي 84 سالگره ملهائي ويندي

    __________________________________________________________________________ ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو