لوڪ جي گفتار جو غازي: محمد ملوڪ عباسي فقير محمد سنڌي انـھـي سـرزمين تي پنھنجا پير هوندا، اگر مان نه هوندس منھنجا شعر هوندا. (محمد ملوڪ عباسي) سنڌ ڌرتي شعور جي سرزمين آهي، ان لاءِ ته ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وسلم فرمايو ته ”مون کي سنڌ ڌرتيءَ جي طرفان هيرَ ٿي اچي.“ اهڙي طرح سنڌ کي باب الاسلام جو اعزاز به حاصل آهي. دنيا جي اندر سنڌ کي تھذيب يافته ڌرتيءَ جو مان مرتبو مٿاهون آهي. مالڪ مھربان جا تمام گهڻا احسان آهن جو سنڌ جي ڪک مان هزارين عالمن، مفڪرن، دانشورن، اديبن، ڏاهن، سگهڙن سان گڏ شاعرن به جنم ورتو آهي، انهيءَ ڏات جي مالها مان محمد ملوڪ عباسي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙي ۾ جنم ورتو، سگهڙ مردن جي آڏو دنيا جي تعليم ڪابه حيثيت ڪونه ٿي رکي. محبت جڏهن اچي من ۾ ديرو ڪندي آهي ته اتي عقل، عشق جي آڏو مات کائي ويندو آهي، عشق جي ڪري سسئي کي ڏونگر ڏرڻو پيو، تڏهن ته سچل سرمست فرمايو، ”علم عقل ويو اڏري عين عشق جي آئي“ يا وري محبت جي ميدان تي بيھي سچل سرمست چيو ته، ”ڏونگر سي ڏورينديون، محبت جن کي من ۾“. اهي سڀ پاسا جڏهن محمد ملوڪ عباسي ڏسي، ڪري محبت جي ميدان ۾ ڪڏي لهي پيو. سنڌ ۾ سگهڙ جي فن کي عام ڪرڻ لاءِ 1972ع ۾ سگهڙ سنگت نالي تنظيم جو بنياد رکيائين. انساني فڪر جا ساٿي محمد ملوڪ جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا، سڄي سنڌ کي سگهڙائپ جي فن کان واقف ڪيو. ڀٽڪيل ماڻهن کي سڌيءَ راهه تي آندو ويو، ڪومايل ذهنن کي جوان جذبا مھيا ٿيا، معاشري ۾ سڀني شين کي سگهڙائپ جي ڏانءَ جي ڪري زندگي ملي. محمد ملوڪ عباسي سنڌي لوڪ ادب جو سرجڻھار ۽ ان جو پارکو هو، پنھنجي علم فھم جي آڌار تي لوڪ ادب جي صنفن ۾ ڳجهارت، ڏور، ڏٺ، گرچيلو، سينگار کان علاوه ڪافي، غزل، مولود، رباعي، حمد، نعت سان گڏ شاعريءَ جي سڀني اسمن سان عشق ڪيو ۽ ان جو فيض سڀني سگهڙن تائين روشن ڏيئي وانگر روشناس ڪرايو. سنڌ جي تاريخ ۾ محمد ملوڪ عباسيءَ جا ڪتاب پنھنجي الڳ حيثيت رکن ٿا. جنھن ۾ ”منھن مٿاهان جن جا“، ”گلشن ڏور“، ”موتي مور ملوڪ جا“، ”موتين مُٺ ملوڪ جي“، ۽ ”موتي ماڻڪ ملوڪ جا“ شامل آهن، جن جي وسيلي محمد ملوڪ عباسي جا دوست، شاگرد ۽ خاندان جا فرد سھارو وٺي لوڪ ادب کي جرڪائي رهيا آهن. تاريخ جي ورقن ۾ اهي جملا شانائتا ملن ٿا ته ادبي دنيا ۾ شاعريءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي، جنھن جي ڪري قومون پنھنجو وجود بچائي سگهنديون آهن. قرآن پاڪ جي سورة الشعراءَ ۾ واصع نموني سان بيان آهي ته، شاعرن جا پوئلڳ ته ڀٽڪيل ماڻهون هوندا آهن، ڀٽڪيل کي راهه تي آڻڻ لاءِ سنڌ جي اندر ڪافي سگهڙن ۽ تصوف جي رمز ۾ شاعري ڪندڙن عام انسانن کي سڌي راهه ڏيکاري آهي جن کي شاعريءَ وسيلي سڌي راهه نصيب ٿي انهن ۾ محمد ملوڪ عباسي به هڪ آهي، جنھن تاريخ ۾ ڪيترائي مثال قائم ڪيا آهن، جنھن جي ڪري سنڌ ۽ هند ۾ مشھور ۽ معروف بڻيل آهي. سنڌ جي اندر سچل سرمست وحدة الوجود جي اثر هيٺ پنھنجي من کي شاعريءَ وسيلي هيئن پيو ريجهائي: سچل ڪج صبر، مٿي خيال کڙو رهين، ڪـيـنـو ۽ ڪُبـر پـري ڪـر پاڻ کئون. مستي اهڙي ڪيفيت جو نانءُ آهي جنھن ۾ ڪنھن مقصد لاءِ بي اختيار ٿي جوش جذبي سان مسلسل جھد ڪجي، عارف وٽ مستي هڪ اصطلاح آهي، جنھن جو مقصد آهي عشق جي انتھا تي پھچڻ تي سچل سرمست چئي ٿو ته: مــچ مـچـايــو مــن ۾، ٻــاڦ نـه ٻـھـروجهن، وتـن ويـڳـاڻـا ورهـه ۾، نـيـڻـن ننڊ نه ڪن، سـڏڪـا سـيـئـي سـوز جا، ڀني رات ڀرن، پـنـھنجي پر ۾ پاڻ کي، ٿا پريتون پڇائن، سکيو ساميئڙن، عشق اهو سڀ آئيءَ کان. اهڙي واٽ تي هلندي سگهڙ محمد ملوڪ عباسي عشق جي ميدان ۾ مچ مچايو، جيڪو مچ ڪڏهن وسامڻ جو نالو نه وٺندو، اها جوت صدين تائين حق حق ڪندي رهندي. محمد ملوڪ ولد محمد صالح عباسي 13 ڊسمبر 1944ع تي جنم ورتو، تعليم جي عمل ۾ پرائمري ئي حاصل ڪري سگهيو، علم جي ميدان ۾ لوڪ جي گفتار جو غازي ٿي لوڪ ادب جي خدمت ڪئي. محمد ملوڪ عباسي، سنڌ ۾ رهندڙ ذاتين بابت الف ب وار شاعري ڪئي، سنڌ جي سڀني ماڳن، پکين ۽ جانورن کي به پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو، مزاحيه شاعري ۾ ڪمال جو شاعر آهي، تخلص ۾ ”ملوڪ“ استعمال ڪندو هو. محمد ملوڪ عباسي کي مڃتا طور 29-ڊسمبر 1991ع تي ٻيڙو فقير گولڊ ميڊل ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ طرفان ايوارڊ به مليس. وقت جي دامن جا ليڪا ننڍا ٿيندا ويا آخرڪار 3-جون 1998ع تي جناح اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي ڳوٺ ۾ اٿس. سگهڙ غلام رسول ”غلام“ مڱريو جو شعر ڀيٽا طور تي جيڪو محمد ملوڪ عباسي جي شان ۾ چيل آهي. جـنـھـن ۾ مــورُ مَـلـوڪ عـبـاسـي، ڳــالـهـه ڪـنـدو هـو کــري خـاصي، پــنــجــن تــنــن جــوهــيــو پياسي، سـگهڙن سان جنھن سنڌڙي واسي، جــنــھــن ۾ مــمــتــاز ۽ لــقــمــان، اهـــو ٿــــي مــنــھــنــجو پاڪستان. فراق ۽ وڇوڙو انسان کي ماري ٿو وجهي، اهڙن دردن کي پروڙڻ لاءِ حقيقي سوجهري جي ضرورت آهي. ان سوجهري کي سمجهڻ جي اشھد ضرورت آهي. جيئن مولانا رومي پنھنجي شاعريءَ ۾ بئنسري کي بنياد بڻائي انسانن جي دردن تي مرهم رکي آهي. چئي ٿو ته: بشنو ازني چون حکايت مي کند؟ وز جــدائــيـهـا شـکـايـت مي کند. ترجمو: بئنسريءَ جي آواز ڏانھن ڪن ڏي، ته هوءِ ڇا ڇا چئي رهي آهي؟ وڇوڙي جا ڪھڙا ڪھڙا سور روئي رهي آهي؟“ سنڌي ادب جي افق تي ورهاڱي کانپوءِ نئون رخ اختيار ڪيو، نون شاعرن تقليدي شاعري ترڪ ڪري، شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ ۽ روپ ڏنو آهي. شاعريءَ جي مضمون ۾ به جدت مقصديت پيدا ڪئي وئي ته فني سٽاءَ ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا. قديم سنڌي شاعريءَ جي صنفن ۾ بيت، وائي ۽ ڪافي ۾ نئون رنگ روپ ڀريو ويو، غزل ۽ نظم ۾ نوان تجربا ڪري انهن کي سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان هم آهنگ ڪيو ويو. ان پيش قدمي جي لڙهي ۾ محمد ملوڪ عباسي به سگهڙائپ جي فن کي اڃا معطر بڻايو. ڀيٽا طور سندس جو شعر: شـڪارين شڪار تي تتر ڪالهه تڙيا، وانـجـهـن ويهي واٽ تي وڏا گهٽ گهڙيا، کڻي ڪان ڪونجن سين اچي لب لڙيا، ڏنائون باهه ڀڏي کي سايون سنگ سڙيا. حوالا: 1. ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو) 1996ع، ص:226. 2. ”سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر“ ڊاڪٽر مخمور بخاري (ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي) 2011ع ص:144-145-210. 3. ”مارو جي ملير جا“ مرتب: خادم حسين چانڊيو (گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد سنڌ) 2004-2005ع، ص:653. 4. ”گفتا ٻُڌ غلام جا“ لوڪ شاعري، (سگهڙ غلام رسول غلام مڱريو) آگسٽ 2014ع. 5. ”مثنوي رومي“ جلال الدين رومي رح- مترجم: غلام محمد شاهواڻي (سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي) ٽيون ڇاپو سال 2008ع، ص:26. **