سنڌ کي ليجنڊ امر جليل جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]

    سنڌي ادب جو سڄڻ ، سنڌي ادب کي روشن راهون ڏيکاريندڙ مهان ڪهاڻيڪار امر جليل

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    رب سائين جي هن سونهن ڀري سنسار ۾ ڪيترئن ٻولين جا اديب ۽ ڏاهپ ڀريا انسان رهن ٿا جن کي پنهنجي پنهنجي ڌرتي ۽ خطي جي ترجماني پنهنجي قلم ،علم، عقل ۽ ڏاهپ سان ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيندو آهي اهڙي طرح وادي مهراڻ جي سونهن ڀري ڌرتي کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن عظيم مٽي منجهان عظيم علم جي اڪابرن ولين ، بزرگن ، عالمن ، شاعرن ، ڪهاڻيڪارن ، کي وقت به وقت پنهنجي سيني تي پالي وڏو ڪيو جن پنهنجي قلم وسيلي پنهنجي ڌرتي جي سماجي ، اخلاقي ، سياسي ، ثقافتي ، رنگن جي ترجماني اهڙي ته چٽي طرح ڪئي آهي جو سندس لکيڻ کي هن ڌرتي تي رهندڙن باشعور خلق دل سان داد ڏئي قبول ڪيو آهي اهڙن ڪهاڻيڪارن منجهان هميشه قلم جي نب سان سچ جو ساٿ ڏيندڙن انسان 8نومبر آچر ڏينهن 1936ع ڌاري قاضي عبدالجليل نالي مهان ڪهاڻيڪار روهڙي جي مانواري شخصيت عبدالغني قاضي جي گهر پهريون ساهه کڻي اکيون کوليون سندس مٺڙي امڙ جو نالو (فاطمه ) هو سنڌ جي هن شهنشاهه ڪهاڻيڪار ڏاهي اديب جي دائي جو شرف وري مڊ وائيف (رام پياري ) کي حاصل ٿيو سنڌ جي هن ڏاهي قلم ڌڻي جي اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ امر جليل جي نالي سان ٿي امر جليل صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڪراچي شهر جي ٽيمپل روڊ تي قائم پرائمري اسڪول (رتن تلاءُ ) ۾ داخلا وٺي ڏني جتي امر جليل نهايت شوق ،چاهه ۽ محنت سان سال 1942ع کان سال 1946ع تائين نصابي تعليم حاصل ڪندو رهيو ، وڌيڪ نصابي تعليم هن عظيم انسان سال1953ع ڌاري (اين _ جي _ وي هاءِ اسڪول) ڪراچي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ،ڪراچي ڊي _جي سائنس ڪاليج کي اهو شرف پڻ حاصل آهي ته هن ڪاليج سنڌ جي مختلف عظيم انسان جي نصابي تعليم حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ادارو ثابت پڻ ٿيو آهي هڪ ڪاليج کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته سنڌي ادب ۾ نوجوانن کي علم ادب جو روشن راهون ڏيکاريندڙ مانواري امر جليل جي فرسٽ يئر ڪلاس تعليم پرائڻ جو موقعو ميسر پڻ ٿيو ، ارڏي طبعيت جي هن مهان اديب وڌيڪ تعليم نوابشاهه (بينظير آباد ) جي گورنميٽ ڪاليج منجهان انٽر جي سند حاصل ڪئي امر جليل صاحب گريجوئيشن جي ڊگري سال 1958ع ڌاري وٺڻ بعد ڪراچي واري گهر ڏانهن رخ ڪيو بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي منجهه داخلا وٺي پوسٽ گريجوئيٽ (ايم _ اي اقتصاديات ) سال 1961ع ڌاري سند حاصل ڪيائين .پاڻ اعلي تعليم جي سلسلي ۾ آمريڪا ملڪ جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي منجهان گريجوئيٽ پروگرام ان ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي جو ڪورس پڻ مڪمل ڪيائين ، سنڌ جي هن برجستي اديب ادبي دنيا منجهه ننڍي هوندي پير پاتو پڙهائي واري زماني ۾ سندس جي قريبي دوست ناليواري اديب (قمر شهباز ) سان ويجهڙائپ هوندي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو ، امر جليل صاحب باقائدا طور پهريان (ڪهاڻي (اندرا ) جليل پريمي نالي سان نوابشاهه منجهان نڪرندڙ رسالي (ادا) ۾ سال 1956ع لکي مڱر ٿورڙي عرصي بعد( قمرشهباز ) جي نالي (قمر ) جي هم قافيه نالي (امر ) جو انتخاب ڪيائين پوءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ واري قلم جي نب سان (امرجليل ) جي نالي سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي ڪندي اڄ ڏينهن تائين روشن راهون ڏيکاريندي ڪڏهن به ٿڪو ناهي امر جليل صاحب پنهنجو نالو ادبي دنيا منجهه ڏيهان ڏيهه نشابر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ،سونهاري سنڌ جو هي پهريون مهان اديب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس لکڻين کي گهڻو کان گهڻو پڙهيو وڃي ٿو امر جليل صاحب جو پهريون اردو زبان ۾ لکيل اسٽيج ڊارمي جو نالو (انسان ) هو جيڪو سال 1963ع ڌاري ڪراچي جي نيشنل ٿيٽر ۾ اسٽيج پڻ ٿيو ،تنهن بعد امر جليل صاحب ڪهاڻي کيتر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين سال 1967ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان زماني جي پروڊيوسر محترم عبدالڪريم بلوچ سندس کان پهريون ريڊيو ڊرامو (درياهه تو تي دانهن ) لکرايو تنهن کانپوءِ سنڌ جي هن ذهين ناليواري ادين سال 1968ع ڌاري ٽيليويزن پاڪستان تي پهريون اردو ڊرامو (سفر زندگي کا )عبدالڪريم بلوچ جي گذارش تي پڻ لکيو ٿورڙي عرصي بعد امر جليل صاحب سنڌي زبان منجهه ڊرامو (ماءُ ) لکرايو جنهن نهايت وڏي مقبوليت ماڻي ان زماني منجهه اهو ڊرامو اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي سمورن سينٽرن تان بار بار نشر ٿيندو رهيو امر جليل صاحب سال 1968عهن پهريون ڀيرو لکيل فلم ڪهاڻي (نوري ڄام تماچي ) پڻ هئي ان کا نسواءِ امر جليل صاحب سنڌي ٻين فلمن جا پڻ مڪالما لکيا جن ۾ گهونگهٽ لاهه ڪنوار، بادل، مٺڙا شال ملن ، ۽ البيلي شامل آهن سنڌ جي هن ڏات ڌڻي پهريون ڀيرو سنڌي اخبار هلال پاڪستان لاءِ سال 1972ع ڌاري ڪالمن جي سلسلي (تنهنجون منهنجون ڳالهيون ) عنوان سان لکي پنهنجو نالو نروار ڪرايو ، سندس اردو ۾ پهريون اخباري ڪالمن جو سلسلو (ڪڇ سچ ،ڪڇ جهوٽ ) جي نالي سان هفتيوار الفتح ڪراچي منجهه سال 1974ع ڌاري ڇپيجي پڌرا ٿيا ، اهڙي طرح سنڌي زبان منجهه( سڀ ڪوڙ) ۽ اردو زبان منجهه (سب جهوٽ) جي عنوان سان سنڌي توڙي اردو جي مختلف اخبارن جهڙوڪ خبرين (اردو) سنڌي اخبارن منجهه روزاني عوامي آواز ، روزاني هلال پاڪستان ، روزاني خبرون ، روزاني ڪاوش جي زينت بڻجندا رهيا جن منجهان عام خلق زبردست لاڀ حاصل ڪيو ۽ نهايت دلچسپي سان انهن لکڻين کي پڙهيو ويو ۽ عوامي داد پڻ حاصل ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اهو سلسلو قائم پڻ آهي سنڌي ،اردو اخبارن کان علاوهه امر جليل صاحب انگريزي اخبارن ڊان ، دي نيشن ، دي پوسٽ ۾ پڻ تجزياتي ڪالم ڇپجندا رهن ٿا اهڙي ريت هن مهان ڪهاڻيڪار ڪڏهن به لکڻ کان ٿڪيو ناهي سندس جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ( دل جي دنيا ) سال 1986ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو سندس جو اهو ڪتاب مختلف زبانن منجهه ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن پڻ بار بار ڇپجي چڪا آهن امر جليل صاحب جي ڪهاڻين جي ڪتابن ڏانهن نظر ڊوڙائبي تي جهجي انداز منجهه هن پنهنجي ڏات فلسفي سان سنڌي ادب کي پئي آسودو ڪيو آهي سندس ڪهاڻين جي مجموعن منجهان دل جي دنيا ، تاريخ جو ڪفن ، جڏهن مان نه هوندس ، ٽيون وجود ، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو ، رني ڪوٽ جو خزانو ، جيجل منهنجي ماءُ ، امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون ، چنڊ وسامي ويو ، اهڙي ريت هن جا ٻيا ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ سنڌو منهنجي ساهه ۾ ، رني ڪوٽ جو خزانو ،( نيٺ گونگي ڳالهايو سندس ناول وڪري جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن سبب ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪتابي ڪاپيون وڪرو پڻ ٿيو ) ادب ۽ سياست ، سرد لاش جو سفر، لهندڙ سج جي لام ، سنڌ نامو ، چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون ، آتم ڪٿا ، فدا حسين ڦودني ،ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندن جا ڪالم ، امر جليل جي سنڌو ، آتم ڪٿا آڏي پڇا، جمود ، منهنجي نصيب ۾ تون نه آهين ، زوال جو عڪس ، ان کان سواءِ پڻ ٻيا ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو ڪندا رهيا آهن اهڙي ريت سنڌ جو هي عظيم اديب بنهه ساهي جي هميشه پنهنجي ڏات جي ڏيئي سان علم ، ادب جي لاٽ ۽ مسلسل جدوجهد سان طنر، مزاح واري مزاج سان وڏيون وڏيو ڳالهيون ڪرڻ جي ادبي فن سان سرشار آهي اهڙي نموني سان سندس انداز بيان ٻئي ڪنهن به ڏاهي اديب وٽ مورڳ ناهي ، سندس سوچ ،فڪر ۾ ڏاهپ جو فن اعلي نموني جو پڻ آهي سندس جي مشاهدي واري نظر تمام وسيع آهي هو هرچرندڙ پرندڙ شي تي گهري نظر رکي ٿو امر جليل صاحب پنهنجن ڪهاڻي وسيلي ذات ،بات ، دين ،ڌرم جي آڌارتي ٺاهيل طبقاتي فرق کي رد ڪري ڇڏيو آهي هو بنيادي طور تي انسان پرست آهي هو پنهنجين لکين منجهه سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ محور تي گڏ ٿيڻ جي اميد ڏيکاري آهي ، امر جليل صاحب هر زماني جو ڪهاڻيڪار آهي سندس سنڌي ادب ۾ چاهيندڙن جو تعدا ۾ اڻ ڳڻيو نظر اچي ٿو امر جليل صاحب هميشه پنهنجي فڪري سوچ ، ڏاهپ سان معاشري جي ترجماني ڪئي آهي هن عظيم ڏاهي اديب کي فني ، فڪري صلاحيتن عيوض مڃتا طور ڪيترائن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي جن منجهه پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ، شاهه لطيف ايوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ ، پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ ٽي ڀيرا ، سنڌالاجي ايوارڊ ، بيسٽ پلي رائٽر آف دي ڊڪيڊ ايوارڊ ٽيليويزن اسلام آباد ايوارڊ ، نشان فصيلت ڪراچي يونيورسٽي ڪيترائي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو اهي اهڙي ريت سال 2008 ع منجهه لکڻين جي پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چئير ڪراچي يونيورسٽي ، ثقافت سياحت کاتي حڪومت سنڌ ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان ڪراچي شهر منجهه گولڊن جوبلي شاندار نموني سان ملهائي وئي جتي مڪل جي تمام وڏن وڏن اديبن شرڪت ڪري امر جليل صاحب جي فن ۽ فڪر تي روشني وجهي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي ، اڄڪلهه امر جليل صاحب سنڌ ٽي تان ( ڪلاس روم ) پروگرام ڪندي پنهنجي ڏات سان سنڌي ادب 7 نوجوانن توڙي عام خلق کي روشن راهون واري واٽ ڏيکاريندو نظر اچي ٿو سندس جي اڄ 8 نومبر 2017 ع اربع ڏينهن هي ڏات ڌڻي 81 سالن واري عمر جو جنم ڏينهن پنهنجي گهر وارن ۽ ادبي لڏي جي دوستن سان سالگره ملهائيندو منهنجي هن مهان ڪهاڻيڪار اديب لاءِ رب ڪريم جي بارگاهه ۾ دعا ته الله تعالي سندس وڏي عمر ۽ صحت عطاءَ فرمائي جئين هو پنهنجي فڪر ۽ ڏات سان سنڌي ادب کي نواريندو رهي ۽ سونهن بخشيندو رهي آمين

    ڏسپتو پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو