بجلي، پاور۽ انرجي ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    بجلي ،پاور ،انرجي
    بجلي جو بحران اسان جي پياري پاڪستان ۾ شروع کان ئي ٻڌايو ويو ان پاور نه هجڻ ڪري هنن کي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ڏسڻو پيوجنهن ۾ ملڪ جي حڪومتن جا تخته اونڌا ڪرڻ وري نئين قيادت جو اچڻ صاحب موصوف امريڪا جي وفاداري کان سواءِ نه ٿي اچي سگهيو جيڪو کيل اڄ تائين هلائيندا اچن ٿا .
    ڪو فوجي آ به ان مها ڪنگ ميڪر جي پيرن ۾ سر نمائي ڪندي نه ٿو ٿڪجي جي وري عوامي ووٽن وارا آهن سي ته ڪانچ ئي لاٿيون بيٺا اهن .
    ڳاله شروع ڪئي سين بجلي جي بحران جي جيڪا اصل ان موقف جي ارد گرد گهمي ٿي .
    اهو تصور ته پاڪستان ۾ پاور جو فقدان آهي پو اهو اصل ۾ هجي يا نه پر صاحب کي هن آمريڪا جي پڇ لٽڪائو غدارن کي اهو قوم آڏو رکڻو ا ته بابا اسان وٽ پاور آهي ئي نه ...هن سلسلي ۾ اسان گهڻو ڪجه واضع ڪري سگهون ٿا پر پنهنجي ٽاپڪ بجلي آهي .
    گهڻو ٿيو بس هاڻي بس ڪيو هي واپڊا جو تصور جنهن جو هيڊ ڪوارٽر لاهور آ صرف ئي صرف مڪاري تي ٻڌل ڪوڙ تي مبني مفروضه هلائي قوم کي پريشان ۽ تنگ ڪندي هي وقت آيو .
    هاڻي اسان جي صلاح اها آهي ته هر صوبو پنهنجي بجلي پيداوار جو مالڪ ٿي ۽ ان جو استعمال ڪري جنهن وٽ سر پلس هجي اهو ڀل ٻي صوبي کي ڏي پنهنجي پيسن عيوض باقي هي واپڊا جو طوق ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو ڀنڊڻ بند ڪريو .
    سنڌ اليڪٽرڪ ،پنجاب اليڪٽرڪ ،ڪي پي ڪي اليڪٽرڪ ،بلوچستان اليڪٽرڪ نالا رکو ۽ انهن کي انهن جي پاور پيدا ڪرڻ جو ۽ استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏيو .
    ٻي تفقيل تي نه ٿا وڃو ،صرف سنڌ جو پاور پيداوار 12 هزار ميگاواٽ کان مٿي آهي ،۽ ان جو استعمال گهرج تقريبن 6000 هزار ميگا واٽ کان مٿي نه آهي سو اسان جي ماروئڙن جي لاءِ جهانگيڙن جي لاءِ هي ڪافي آ ۽ ٽوٽل ونڊ ،ٽوٽل ڪول پاور جيڪو مفت تائين بجلي مهيا ڪري ڏيئي سگهي ٿو اهو سورس سنڌ ۾ آ اسان کي بغاوت تي نه اڪسايو اسان جا وسيلا الله جي نعمتن منجها آهن انهن جي استعمال جو پهريون حق به سنڌين کي آ جي وفاق هلايو ته اهو دوستانه بنيادن تي سهپ ۽ ويچار جي بنياد تي باقي داٻ دڙڪي دونس سان اجهو ٽٽڻ جو منظر نظر پيو اچي جيئن بلوچستان لاءِ انٽرنيشنل مهم هلي پئي آ ساڳي سنڌ کي به اڪسائي پئي جي انصاف ڪري وسيلن جي مالڪي نه ملي ته پو مستقبل اونداهو نظر اچي پيو هي تجزيو ڪا ڪهاڻي نه اهي هي عوام جي اندر جي ڳاله لکون پويا سڀ صحيح وارو مفروضو نه هلندو صوبن کي پورو پورو امپاور ڪريو اختيار ڏيو جيڪي انهن جو فطري حق آ گڊو پاور جو 500 ڪي وي بلوچستان وڃي پيو ۽ ٻه 500 ڪي وي جو لائنون پنجاب، هڪ سنڌي کي استعمال لاءِ آهي هتي توهان جي سمجهڻ لاءِ ڪجه نقشه ۽ ڊيٽا رکون ٿا جيڪا پڙهي پاڻ اندازو ڪريو ...
    بجلي مستقبل ۾ صوبن جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ جهيڙا جهڳڙا وڌندا ملڪ افراتفري ۾ هليوويندو ....پو افسوس بنگال وانگر ڪرڻ مان ڪجه هٿ نه ايندو
     
    آخري ترميم: ‏8 نومبر 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو