ابراهيم جويي جو وڇوڙو: هڪ صديءَ جي پڄاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ابراهيم جويي جو وڇوڙو: هڪ صديءَ جي پڄاڻي

    آزاد مجتبى گهانگهرو

    غير معمولي ۽ جينيس ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن، اهي ماڻهو عوام ۽ قومن کي متاثر ڪندا آهن. قومن جي آزادي ۾ هڪ طرف هيرو ته ٻئي طرف وِلين جو ڪردار ادا ڪندا آهن، بلڪه اهي تاريخ جي مجموعي رخ تي اثر انداز پڻ ٿيندا آهن. انساني تاريخ ۾ اهڙا غير معمولي انسان يقيناً ٿورا ئي هوندا آهن. تاريخ جو به عجيب ۽ نرالو کيل آهي. اهڙن ئي اعلى انسانن سان تاريخ ۾ ڪٿي شديد نفرت ڪئي ويندي آهي ته ڪٿي وري لازوال محبت به ڪئي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو جن تاريخ ۾ قومن کي آزاد، ڪامياب ۽ ڪامران ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هوندو، آهي يا ته وري پنھنجا شديد مخالف پيدا ڪندا آهن يا ته وري پاڻ سان حد کان وڌيڪ محبت ڪرڻ وارا پيدا ڪندا آهن. اهڙو ئي هڪ ڪردار، ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو13-آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ ۽ هاڻوڪي ڄامشوري جي ڳوٺ آباد ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو پهرين مھاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏي بيماري ۾ لاڏاڻو ڪري ويس.

    سندس ننڍپڻ غربت ۾ گذرڻ باوجود همت نه هاريندي پرائمري جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهيا. 1927ع ۾ اي.وي اسڪول سَنَ ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مھربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو. ان زماني ۾ ستون درجو مئٽر شمار ٿيندو هو. هن 1934ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان ٻي پوزيشن ماڻي ۽ 20 روپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب 1938ع ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج مان (بي.اي) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي ۽ منگهار رامل ملڪاڻيءَ جھڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حصي ۾ ملي.

    1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان (بي.ٽي) ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو جتان موٽندي ئي کيس 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ”اسسٽنٽ ماسٽر“ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پھريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ 14 سالن جي عمر ۾ لکيو. سندس انگريزي ۾ پھريون مضمون “Democracy in School Administration” سال 1946ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ”ڪرانيڪل“ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پھريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو ۽ پھرين پارٽي جنھن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جي ڪتاب “Radical Democratic Party”. هن ايم اين راءِ جي ڪتاب “Historical Role of Islam” جو سنڌي ترجمو ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگين به برداشت ڪيون.

    1947ع ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزيرِ تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو، جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين 200 روپيه ماهوار پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. 1951ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب 56-1955ع ٻه سال بورڊ جو ٽماهي”مھراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. جنھن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ”مھراڻ“ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. 1963ع کان 1967ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ 1967ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ”سليم احمد“ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنھن جو عنوان هو، ”اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ جنھن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي، کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو. جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزيمينيشن ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ 1971ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب پڻ لکيا. 1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو. جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ 12-آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1955ع واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي نئين جاڳرتا جو اهم اڳواڻ رهيو. 1973ع ڌاري هن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديب جي سھڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو. پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين. 1973ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سوسائٽيءَ جو 1982ع ۾ وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. پنھنجي دوست نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحريڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ”سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ“ جو بنياد رکيائين. پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي ٿيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچر ڏنا، جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو. جويي صاحب سنڌ جي مھان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ پڻ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي 22-جامع جلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي. جنھن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو هو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ 1964ع جي مھاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي پڻ مھاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ مھاڳ نويسيءَ جي فن جو استاد لکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ئي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. محمد ابراهيم جويي جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتاب جن ۾: 1. اسلام جو تاريخي ڪارنامو، 2. ٻارن جي تعليم، 3. وحشي جيوت جا نشان، 4. سنڌي زبان جي بنيادي لغت. 5. فڪر جي آزادي، 6. شاهه سچل سامي، 7. ماڻهوءَ جو ڀاڳ، ناٽڪ، لوڪ ڪھاڻيون ۽ شاعري وغيره. ان کان سواءِ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن ، ڪرڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون ڪتابچا پڌرا ڪيل ۽ ڇپيل اٿس، جن جي ذريعي هن سنڌ جي پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي.

    جويي صاحب کي ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلو فر جو يو ڪھاڻيڪاره هئي. تازو مئي 2009ع ۾ سنڌ ثقافتي ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پھريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. جنھن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سسئي پليجو، نثار کھڙو سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران ايوارڊ، شيلڊون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو هو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ”ابراهيم جويو ڪارنر“ پڻ قائم ڪيو ويو هو. هِن شخص جنھن کي ساري دنيا ابراهيم جويي جي نالي سان سڃاڻي ٿي، ان پنھنجي زندگيءَ ۾ پنھنجي ڪردار، سوچ ۽ عمل جا پنھنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جيڪي مثال قائم ڪيا، سي اسان ۽ ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ رهنما اصول رهندا.

    هي ماڻهو، سراپا سچ هو، باڪردار، باوقار ۽ اصول پرست هو. هِن پنھنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين انهيءَ شعر جيان ته:

    جــي لــوڻ لــڱــيــن لائـيـن، چـيـري چيري چم،

    ته ڪــر مــون نه ڪــيــو، اهــڙو ڪوجهو ڪم،

    جان جان دعوى دم، تان تان پرت پنھوارن سين.

    سوين جذبا ڏيندڙ ۽ سنڌي ادب لاءِ بھترين ڪردار ادا ڪندي. محمد ابراهيم اڄ يعني 9 نومبر 2017ع تي 102 سالن جي ڄمار ۾، صبح جو 09:56 تي وڃي مالڪِ حقيقي سان مليو، هو جسماني طور ته اسان وٽ نه به هجي پر سندس سنڌي قوم لاءِ ڪيل خدمتون ۽ سندس شاندار ڪردار جي ڪري هميشه زنده رهڻو آهي.


    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو