سنڌ جو ڪولمبس الطاف شيخ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو ڪولمبس الطاف شيخ جي جنم ڏينهن [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي ڌرتي صدين کان وٺي علم ،ادب جو مرڪز رهي آهي ڪيترئن ۽ علم ادب جي ڏاهن جو جنم ديس پڻ سنڌ آهي جن سنڌي ادب جي هر صنف ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي ، سنڌي ادب جي صنف ۾ سفرنامي جي هڪ منفرد حيثيت پڻ آهي سفر نامو سير سفر جي مشاهدن اها لکڻي آهي جيڪا ليکڪ سفر دوران قلم جي نب سان پيو بيان ڪندو رهندو آهي هڪ ادبي سفر نامي جي وچور لاءِ انهن ماڳن ،مڪانن ، يا ملڪن جن جو سير سفر جي ياترا کي اکين سان ڏسي پسي ، انهن جو تاريخي ، سياسي ، سماجي ، ثقافتي، اقتصادي ، معاشرتي احوال بيان ڪري تاريخي ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي سفر نامي اوائلي زماني منجهه ابن بطوطه جو سفر نامو ، مارڪو پولو جو سفر نامو ، عربن سياحن ، يورپين ، چينن جا سفر ناما زياد مشهور آهن ، مڱر سير سفر تي پهريون ڪتاب جنهن کي سفرنامو چئجي سو لکيو آهي سنڌ جي ڏاهي ۽ سگهاري اديب مرزا قليچ بيگ صاحب جو (ڏاڙهياري جبل جو سير ) سندس جو هي سفر ان زماني لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه (نصيرآباد ) جو جڏهن پاڻ 1887ع ۾ مختيارڪار واري اهم منصب تي فائز هو ، مڱر هي سفر نامي وارو ڪتاب 1900ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي جيڪا ادبي پذرائي الطاف شيخ صاحب ڏياري آهي تنهن جو ڪو مٽ ثاني ناهي الطاف شيخ صاحب سنڌ جي سياسي ، ثقافتي ، سهڻي شهر هالا (مرتضي آباد ) جي معزز شخصيت گل محمد شيخ جي گهر منجهه 14 نومبر اڱاري ڏينهن سال 1944ع ڌاري پهريون ساهه کڻي جنم ورتو الطاف شيخ صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جو مس ٿيو ته والدين سندس ڦرهي هٿ منجهه ڏئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا منجهان حاصل ڪئي . بعد ۾ هالا اسڪول جي مخدوم غلام حيدر اسڪول منجهان نصابي تعليم ورتائين هالن جي اسڪول ۾ صرف (ٽي درجا ) انگريزي جا پڙهي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق جاڳس جتان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نهايت هوشاري سان پاس ڪيائين تنهن بعد سونهاري سنڌ جو واحد سنڌي شاگرد هو جنهن مئرين انجيئيرنگ جي تعليم پرائڻ لاءِ اوڀر پاڪستان هاڻوڪي ملڪ بنگلاديش جي (مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ) منجهان سند حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو . جلدي ئي ان زماني منجهه جهازراني (پاڻي وارن جهازن ) جو انجنيئير واري عهدي تي وڃي پهتو هن نوجوان الطاف شيخ صاحب جو ان زماني ۾ شوق ويو وڌندو مئرين جي وڌيڪ علم ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِميرپٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن ) منجهان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين پس پوءِ الطاف شيخ صاحب مئرين اڪيڊمي م ملائيشيا جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جا سڀ فن مهارت سان پيو سيکاريندو هو بس پوءِ اتي سکيا کان علاوهه انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ مختلف سبجيڪٽن جا درس پيو ڏيندو هو سنڌ جو اديب ۽ سياح صفت سال 1968ع کان وٺي دنيا جي ڪيترئن وڏن وڏن سمنڊن ۾ جهاز هلائيندي ملائيشيا ، جپان وڃي ڌنگ ڪيائين ۽ سڄي دنيا جي سمنڊن جي ڪنارن جا ديدار پسيا اٿئين ، هن سونهن ڀري ڪائنات جي هر خطي کي سياحت ڪندي ڪندي ڏسڻ جو زبردست شرف حاصل اٿس ، الطاف شيخ کي رب سائين اهڙي ته ڏات سان نوازيو آهي جو هو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ سياحت ڪندي گهميو ان جا نظارا اکين سان ڏٺا آهن هن پنهنجي ڏات ۾ اضافو ڪندي قلم کنيو آهي الطاف شيخ صاحب هر ملڪ جي اتان جي سياسي ، سماجي ، ثقافتي ، زندگي جو گهرائي سان مشاهدا ڪري جيجل سنڌ ڌرتي جي سماجي ، سياسي ، ثقافتي کالهين سان ڀيٽ ڪري سفر ناما لکيا آهن سندس کي پنهنجي ڌرتي سهڻي نظر اچي ٿي سندس کي پنهنجي ڌرتي جي ٽقفتي ورثي تي فخر محسوس ٿئي ٿو الطاف شيخ صاحب جي لکڻين سفرنامن جي تحريرن منجهان اها ڳاله نمايا نظر ٿي اچي ته هو سنڌ جي معاشري کي دنيا جي ٻين معاشرن سان ڀيٽيندو نظر اچي ٿو انهي ڪري هن مله جا ڏات ڌڻي سندس کي سفرنامن لکڻ جي عيوض ( سنڌ جو ڪولمبس ) سنڌ جو ابن بطوطه )۽ سفرنامن جو بادشاهه جي خطابن سان ياد ڪن ٿا سنڌ جو هي ڏاهو سياح سنڌي ادب ۾ پهرين تحرير ڪهاڻي جي صورت ۾ نوجواني ارڙهن (18سالن ) جي وهي ۾ لکي داخل ٿيو جڏهن هو چٽگانگ اڪيڊمي ۾ تعليم پرائيندو هو، سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو (اناميڪا ) هو ، الطاف شيخ صاحب ٻاهرين ٻين ٻولين جي ادب منجهان چونڊ ڪهاڻين جا پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجما پڻ ڪيا جن منجهه ڪهاڻي لنڊن تائين لفٽ ، سوزي سان پيار ، شامل آهن الطاف شيخ صاحب ادبي تحرير ته ڪهاڻيون لکي ڪري ڪئي مڱر اڳتي هلي هن سهڻي ڏاهي اديب سفرنامن واري صنف جو بادشاهه بڻجي ويو ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين ، سندس سفرنامن لکڻ لاءِ هن جي قلم جي نب کي ڪڏهن به ننڍ ناهي آئي سنڌي ادب لاءِ سفرناما لکندي لکندي سنڌي ادب جي سونهن ۽ آسودگي ۾ هميشه اضافو ڪندي الطاف شيخ صاحب لڳ ڀڳ 50 کان مٿي ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڏنا آهن جن منجهان 40 کن ڪتاب سفرنامن سان سرشار لڳا پيا آهن ، الطاف شيخ صاحب کي سفرنامن لکڻ جو ڪوڏيو ليکڪ مڃو وڃي ٿو سندس جي لکڻي ۾ سلاست ۽ واهه جو بلاغت ۽ روانگي تمام سهڻي ۽ سهجي لڳي ٿي الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ نهايت دلفريب ڳالهيون بيان ڪري ٿو ٻين ملڪن جي تاريخ ، جاگرافي ، ثقافتي ، تهذيبي ، رنگ ، ڳالهين جي نهايت آسان نموني سان بهترين ۽ شاندار ڄاڻ ڏئي ٿو، هن دنيا گهمندي گهمندي دنيا جون مختلف زبانن (ٻولين ) جي مهارت رکي ٿو هن ڪيتريون زبانيون سکي اتان جي ملڪن جا دوست ٺاهي انهن سان سندن ئي واري زبان سان ڳالهائي رلي ملي وڃي ڄاڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف کي آسودو ڪري ٿو الطاف شيخ صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هو چيني ، جپاني ، ملئي ، بنگالي ، اردو ، انگريزي ، ۽ سنڌي زبان ماهران طور آساني ڳالها ئي ٿو سندس ۽ دلي لڳاءُ سان سير سفر ڪري سفرنامن ذريعي پنهنجي لکڻين ۾ ڏات ڀري اسان کي پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ سير ڪرائي ٿو ، الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن جو پهريون مجھموعو سال 1971ع ڌاري ( منهنجو ساگر منهنجو ساحل ) نالي سان ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيو تنهن بعد هن جي سفرنامن ڇپجڻ جي برسات لڳي وئي جهڙي طرح سفرنامن ۾ ( بندر بازاريون سال 1971) جاني ته جهاز ۾سال 1972ع ، پيار جي گهٽ سال 1973ع ، دنيا آهي ڪاڪ محل سال 1975ع ، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين سال 1976ع ، وايون وڻجارن جون سال 1976ع ، سي ئي جوڀن ڏينهن سال 1977ع ، ارائونڊ دي ورلڊ سال 1979ع ، ڪويت ڪنارا سال 198وع سانبا هو سمونڊ جو سال 1980ع ڳالهيون تنهن جپان جون سال 1982ع موج نه سهي مڪڙي سال 1984ع ، سينگارپور ويندي ويندي سال 1986ع دنگيءَ منجهه دريا سال 1987ع، مڪلي کان ملاڪا تائين سال 1987ع ، جت جر وهي ٿو جال سال 1988ع ، ڳالهيون آهن ڳچ سال 1989ع ، سينگارپور ٿو سڏ ڪري ، ملائيشيا منهنجي من ۾ ،اي جرني ٽو ٿائلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا ، ڀلي پار تان ڀيرو ، رٺي آهي گهوٽ سان ، يورپ جون راتيون ، اي روڊ ٽو مدينه ، ڪوالالپور ڪجهه ڪوهه تي ، ايران ڏي اڏام ، ملائيشيا ڪي دن ، سمندر ڪي دن سمندر ڪي راتين ، شامل آهن الطاف شيخ صاحب جي ادبي پورهي کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي سندس سفرنامن کي پڙهندڙن جو تعداد به تمام گهڻو آهي الطاف شيخ کي سنڌي ادب جي ڏاهي اديب پنهنجي ڏاهپي واري قلم سان مدد علي سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چوي ۽ لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مورخ جو قلم يقينن الطاف شيخ جي نانءَ اچي بيهي رهندو الطاف شيخ صاحب اهو اڪيلو ليکڪ آهي جنهن سفرنامن سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو آهي ، سنڌ جو هي بهترين سياح هن وقت رٽائرمينٽ واري زندگي پنهنجي گهر وارن سان ڪراچي منجهه گذاري ٿو سندس ادبي قلم سفرنامن لکڻ کان رڪيو ناهي سندس اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي سفرنامن جو بادشاهه 14 نوبر 2017ع اڱاري ڏينهن پنهنجي زندگي جو 73هون جنم ڏينهن ملهائي ڪيڪ ڪاٽيندو سندس ادبي لڏي جا سڀئي ساٿي جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن ڏاهي سياح اديب لاءِ رب سائين جي بارگاهه منجهه دعائون ته هو وڏي ڄمار سان گڏ سٺي صحت عطاءَ ڪري جيئين پنهنجي ادبي قلم سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهي سندس کي جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون مبارڪون

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو