ٻول : ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    الله اچن اُوءِ، جن آئي مَن سَرَهو ٿئي،
    پَسان شال پر ڪهين جَتَن سندِي جُوءِ،
    لنگھي لَڪَ لطيف چئي، سُڻان هوتَن هُوءِ،
    ٻولِي ٿيان گُلبُوءِ، جي سُڃاڻا ساٿ سِين.
    __

    ايندو سڄڻ سائين الا،
    منهنجو ايندو ڍولڻ سائين.

    [سِڪي جان سُتياس، تان سِڪ سُمهڻ نه ڏئي،
    جاڳي سُتيس جن لئه، سي آيا تان نه اُٿيا،
    ڀينر آئون ڀُلياس،نه ته سِڪَ سُمهڻ ڇا لڳي.

    ]

    مٿان لڪن ساٿڙو،
    صحيح سلامت نيندو،
    ايندو سڄڻ سائين الا....

    ڪپي ڪندين ڪوھ، ڏونگر ڏُکوين کي،
    تو جي پهڻ پٻ جا ته لڱ منهنجا لوھ،
    ڪنهنجو ڪونهي ڏوھ، امُر مون سين ائين ڪيو.

    هادي ڏيئي هٿڙا،
    اچي چڪڻ مان چاهيندو،
    ايندو سڄڻ سائين الا....

    اُتي عبداللطيف چئي،
    هادِي هَٿُ جھَلِيندو،
    ايندو سڄڻ سائين الا...







    آواز : عابده پروين
    ٻول : شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو