سنڌ ،سنڌي ماڻهن بابت تاريخ جا ڪجه ڪوڙ ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن بابت ڪجه تاريخ جا ڪوڙ...

    جڏهن به ڪنهن تاريخ لکي آ ته ان ۾ هن لکندڙ جا وجودي اٿر اثرائتا رهيا آهن ڪن جا ٿورا ته ڪن جا تمام گهڻا ،انهي کي مد نظر رکندي وقت جي عالمن جو ڪم آ ته ڪو وچ ٿرو ۽ عقلي دليل سان مشابه صورت حال کي سمجهندي سرت وٺن جنهن سان اڳ پو ۽ حال جي هييت پوري پني رهي نه ڪي ڪڄاڙو ڪهان وارو حال هجي .
    هي لکڻ جو سبب ان ڪري ٿيو جو ڪجه دوست پاڻ کي شودر چوڻ تائين لهي آيا جنهن جي تقابلي ڀيٽ آريائن کان ڪن پيا .....
    اسان جي راءِ هن طرح آهي
    سنڌ صدين تي مشتمل هڪ پرڳڻو رهيو آ جيڪو هر حال ۾ الڳ ۽ اڳواڻي ڪندڙ تهذيبن جوتصور آ جنهن جا ماڻهو هر طرح کان با وقار بلند سوچ اخلاق جي بلندين تي پڳل هيا ۽ ڌرتي جا دودا هيا جن وٽ محنت ڪرڻ پهريون اصول هيو جنهن سان هن سنڌ ماڳ کي مانائتو ڪيو هيو اهو رهڻي ڪرڻي ،يا پائڻ پوشاڪ يا گذران جو طريقو هڪ اعليٰ آدرشي ۽ سڀاوتي طور ظاهر پيو ٿي آريا ته ڪله آيا هي دراوڙن جهڙا دودا موئن جي دڙي جا آثار هڪ مسلسل تهذيب جي جٽاداري سان هن خطي ۾ آباد ٿيل ڏسجن ٿا جن تي فارسي يوناني ترڪ عرب تاتاري منگول ۽ ٻيا بي هوده حملا ڪندا رهيا ان ڪري جو هي پاڻ ڀرا آسودا هيا .
    هي پنهنجي کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪندڙ هيا ۽ هي سرزمين ڪڻڪ جي پيداوار جو پهريون خطو جتي ڪڻڪ پوکي آبادي ڪندا هيا جن جا آثار آئيٽ تي پاڻي هلائي زمين سيراب ڪرڻ جو سلسلو ۽ هر ڪاهڻ جو طريقو ۽ ڏاندن واري گاڏي جو بڻ بنياد هتي ملي ٿو .ماڻهو هتي دراوڙ جيڪي ڪنهن به مذهب جا نه نظر آيا يا انهن وٽ مذهب ان وقت نه پڳو هوندو چئي سگهجي ٿو .
    سنڌ تي ڌارين جي ڪاهن جا ڪجه ڪردار هن طرح به آهن
    مصرين جي ڪاه
    ڪلدانين جي ڪاه
    بابل ۽ اشوروارن جون ڪاهون
    ايرانين جون ڪاهون
    يونانين جي ڪاه
    سڪندر مقدومني جي ڪاه
    سٿين جون ڪاهون
    عربن جي فتح
    هي هيترا حمله آور سنڌ جي سرسبز آباد پوکن جا آثار ڏسي حرکجي ايندا رهيا ۽ هتان جا دلير پٽ انهن سان مهاڏو اٽڪائي پير پٽيندا رهيا ان ۾ ڪجه ٿورو عرصو ته ڪجه وڌيڪ عرصو ضرور لڳو هيو .
    وري ڪجه ماهر سنڌو سڀيتا جي نالي پوري هماليه کان سمونڊ تائي جي خطي کي هڪ ٿا ڪري بيهارين ان سان به پنهنجو اختلاف آهي ڇو ته سڀ کان پراڻي تهذيب جا آثار موئن جي دڙي کان پو اگر آهن ته هڙاپه پر هڙاپه هو بهو تهذيبي طور سنڌ سان مڪمل نه ٿو ملي ان ڪري اهي پوءِ جا آثار آهن جن کان سنڌ ڪوهين ڏور جدا حيثيت ۾ برقرار رهي آ جنهن جا ماڻهو پوک اپت ڪندڙ ڪپڙي جا جوڙيندڙ واپار ڪندڙ شهري زندگي ۾ هڪ بهترين ترتيب سان رهندڙ مهان ماڻهو هيا جنهن تي پوري دنيا فخر ڪري ٿي .
    هي آريا به يا مصر کان يا وچ ايشيا کان اچي قابض ٿيا پر انهن کي به هتان جي دراوڙن ڌوڙ مٿي ۾ وجهي ڀڄائي ڇڏيو .
    سو اسان هت هڪ ٽين به روءِداد رکنداسين ته جيئن ته موئن جي دڙي جي کوٽائي هڪ انگريز جي مهارت ۾ ٿي ۽ ان بابت به راءِ ان ڏني ته ان راءِ ۾ هڪ غلطي چئجي يا نا سمجهي ڪندي هڪ مورتي کي سنڌ جي ناچڻي طور متعارف ڪرايو جيڪو هتان جي تهذيب تي چٿر آهي اها هڪ باوقار سنڌي عورت آ جنهن جي هٿ ۾ هڪ لوٽو آ ۽ نه ڪي پيرن ۾ ڪي گهنگهرون اهن ۽ ٻه عورتو يا ڪا عورت خطابت ڪندي آ ته هو هڪ هٿ گوڏي تي ۽ هڪ چيله تي رکي گهڻي وقت لاءِ بيهي سگهڻ جو انداز اپنائي بيهندي آ ڪجه ڳالهائيندي .
    سو ان سلسلي ۾ محترمه زيب نذاماڻي ۽ سنڌ ٽي وي وارن وضاحت ڪري اسان جي موقف جي پس منظر ۾ خيال پختو ڪيو آ .سو سنڌ جي راڻي ناچڻي نه هئي dancing queen نه هئي .
    هي ٽي رخ
    سنڌي راڻي ناچڻي نه هئي
    سنڌي شوڌر يا ڀنگي نه هيا
    ۽ سنڌو سڀيتا هماليه تائين نه هئي
    هن خيال ۾ ڪنهن وٽ متضاد خيال آهي ته ڀلي ڀت دليل ڏيئي سگهي ٿو .
    فقط
    سنڌي سوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو