ٻول : هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ داهون گھڻيون ڪيون

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    نڪري آ نجيب تون، ٻُڌي عاشق جون آهون
    درد ڀري دل ڪري دم دم ۾ داهون،
    علي گل چوي سانگي، منهنجيون ويون سڀ واهون،
    آيس تو در دوست مان..

    ___
    هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ داهون گھڻيون ڪيون،
    بيدرد لوڪ بند کڻي، در دريون ڪيون.

    بازار ۾ انهن جا لڳي اشتهار ويا،
    ڳالهيون جي تو ته نڪي مونسان، نڪي توسان مون ڪيون،
    بيدرد لوڪ بند کڻي، در دريون ڪيون..

    تنهنجيون اکيون ڪڪوريون، منهنجيون ڀنيون ڀنيون،
    مون ڪن گھٽي گھٽيءَ ۾ ساريون سچيون ڪيون.

    هڪ گل قطار ڀؤنر ته هڪ ڀؤنر گنج گُل،
    هن باغ جي بهار جون ڪهڙيون ڪيون.


    هڪ ڪن اٿئي ڀتين کي ۽ جاسوس ٿئي هوا،
    هل چنڊ تي چڙهي ته ڪي ڳالهيون ڳجھيون ڪيون.


    ٻُوٽي اکيون نه پِيڇو ”استاد“ پيار جو ڪر،
    ڪي ئي وتن ٿا قرب جون ڪاتيون تکيون ڪيون.



    آواز : منظور سخيراڻي
    ٻول : استاد بخاري

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو