ڇا اوهان خبر آهي ته سنڌ تي حملي ۾ محمد بن قاسم پنهنجون ٻه نياڻيون حجاج ڏي ڇو موڪليو هيون

'تعارف' فورم ۾ سعيد عباس ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2017۔

  1. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    توهان کي ته محمد بن قاسم جي حملي ڪرڻ جي ڪارڻ جي ته خبر آهي ته آخر محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڇو ڪيو مون ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ته ان واقعي کان مان اوهان آڏو مختصر بيان ڪري سگهان پر منهنجو ذهن ان کي مختصر ڪرڻ ۾ قاصر آهي ته مان ان کي اوهان آڏو بيان ڪري سگهان ان لاءِ تاريخ جي پنن کي جيترو ٿي سگهي اوترو شاٽ نوٽ طور پيش ٿو ڪريان حجاج فوج ان لاءِ موڪلي ته ان کي غيرت آئي جو مسلمان نياڻيون هڪ غير مسلم ڪافر جي قيد ۾ هيون تنهن لاءِ ان فوج تيار ڪرائي سنڌ تي حملو ڪيو. سبب ياد رکجو غيرت جي ڪري حملو ڪرائين چچ نامي مان ورتل اصل سبب.

    محمد بن قاسم کي پوري اجات ملي ته هو سنڌ ۽ سنڌ واسن سان جيئن ڪراڻ چاهي ڪري سگهي ٿو. جڏهن عربي خليفي کي اهيا خبر هئي ته مسلمان ديبل ۾ قيد آهن ته هو پوري سنڌ لاءِ ڇو پيو چئي،

    جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته ان راڄا ڏاهر جي گهر واري لاڏي تي عاشق ٿي پيو ۽ ان سان ضوريءَ شادي ڪئي، ۽ راجا ڏاهر جون ٻه نياڻيون محمد بن قاسم خليفي ڏي موڪليون، واھ غيرت مند مسلمانن جا سپهسالار

    سوال پيدا ٿو ٿي ته راجا ڏاهر جي گهرواري سان شادي ڪرڻ بعد اهي ٻه نياڻيون محمد بن قاسم جون ڇاٿي ويون؟

    جواب: راجا ڏاهر جون ٻه ڌيرون هاڻي محمد بن قاسم جون به ڌيرون ٿيون. هاڻي اوهان ٻڌايو ته ان غيرت جي شهزادي جنهن غيرت ۾ اچي ڪري پوري سنڌ جا ٻاهتر راڄا ماري وڌا ان غيرت جي عظيم پتلي پنهنجي ٻن نياڻن کي خليفي جي درٻار ۾ ڇو موڪليو، ته جيئن خليفي جي دل خوش ٿي سگهي.

    جڏهن خليفي وٽ اهي ٻه نياڙيون ڏاهر جون چئو يا محمد بن قاسم جون پهتيون ته خليفي چيو ته توهان ڪجھ ڏينهن آرام ڪيو. ڪجھ ڏينهن بعد خليفي حڪم ڏنو ته راڄا ڏاهر جون ڇوڪريون مون آڏو پيش ڪيو، جنهن مهل ڇوڪريون خليفي وٽ پيش ٿيون ته خليفي فرمايو ته وڏي کي ترسايو ۽ ننڍي کي بعد لاءِ رکو. حڪم جي تعميل ٿي ۽ جڏهن راڄ ڏاهر جي نياڻي کي خلوت ۾ وٽي ويو ته اتي سورج ديوي چيو ته مان هڪ راڄا جي ڌي آهيان ۽ مونکي خبر آهي ته هڪ بادشاھ اڳيان ڪئين پيش ٿيبو آهي، مان هڪ بادشاھ اڳيان پيش ٿيڻ جي قابل نه آهيان اهو ان ڪري جو اوهان طرف موڪلڻ کان اڳ محمد بن قاسم اسان کي ڪجھ ڏينهن پاڻ وٽ ترسايو هيو. جڏهن اهيا ڳالھ عربي خليفي جي ڪنن تي پهتي ته ڪاوڙ منهنجا قمري مان ٻاهر اچي ڪري قاغظ ۽ قلم گهرائي ان تي لکيائن ته محمد بن قاسم جاتي به آهي پنهنجي پاڻ کي تازي ڳئون جي کلھ ۾ سبرائي مون وٽ پيش ٿي. جڏهن محمد بن قاسم وٽ خط پهتو ته ان بنا دير ڪرڻ جي پنهنجي پاڻ کي کلھ ۾ سبرائي اچي خليفي وٽ پهتو جڏهن حجاج کي خبر پئي ته محمد بن قاسم پاڻ کي خل ۾ سبرائي اچي پهتو آهي ته دربار ۾ ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي نياڻن کي به گهرائي ورتو ۽ دربار ۾ بهي ڪري سورج ديوي کي چوي ته ڏس اسان سان دوخي ڪرڻ واري جي هي حالت ٿيندي آهي تنهن تي سورج ديوي چيو ته اوهان ڀلي هڪ وڏي رياست جا بادشاھ آهيو پر اوهان عاقل نه آهي، اگر توهان عاقل هجو ها ته توهان هڪ ڪنيز يا غلام جي چوڻ تي توهان پنهنجي فوج جو سڀني کان بهتر جنرل يا سپهالار نه ماريو ها. ۽ محمد بن قاسم هڪ جاهل هيو جي عاقل هجي ها ته اوهان جي حڪم ملڻ بعد هن شهر جي ٻاهران پنهنجي پاڻ کي ڪنهن جانور جي کلھ ۾ سبرائي ها ۽ اوهان وٽ اچي پيش ٿي پر افسوس جو عالم هجڻ جي دعوا ڪيو ٿا پر هن وقت پوري مسلمان ۾ اوهان جاهل آهيو. خليفي کي سورج ديوي جي هنن ڳالھن تي ڪاوڙ لڳي ۽ ان ٻنهي نياڻن کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي ڪري انهن کي بهجايو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جون ٻه بهادر نياڻن پنهنجي جان ڏني پر لڄ نه ڏني.

    هي سچي داستان مون ڪاپي ڪئي چچ نامي مان ان ۾ منهنجي طرفان واڌان بلڪل به نه آهي.

    ڪجھ پنهنجي پاران واڌاءُ

    جي هڪ عورت جي ڪري ان خليفي سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو. جنهن جي فر لٽ ۾ سنڌ جون سنڌي نياڻيون جيڪي محمد بن قاسم هتان قيد ڪري مصر جي بازارن ۾ وڪيون ويون جنهن جو تعداد ڇھ هزار آهي انهن تي اسان سنڌن کي ڪيتري غيرت اچڻ گهرجي. هي حجاج ان وقت مسلمانن جو عالم هيو جنهن حوص خاطر پنهنجو سپهسالار ماري ڇڏيو واھ ڙي غيرتي پٽ واھ

    ڪنهن کي چڱون يا برو چوڻ اڳ ان جي تاريخ کي به پڙهي وٽ جي ته بهتر ٿيندو مسلمان سڀ ڀلا نه هيا ۽ نه ئي سڀ ڪافر غلط هيا خدا را هوش ۾ اچو.

    ليکڪ: سعيد عباس ٻرڙو

    ڪنهن غلطي جي صورت ۾ معاف ڪجو
     
    رضوان علي جمالي ۽ الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مانوارا سائين سعيد عباس ٻرڙو صاحب !!!! سچ ته چئي ويٺا آهيو، هاڻ ڀڄڻ جي تياري ڪيو ، جي نه ٿا ڀڄو ته ڪفر جي فتوى لاءِ تيار ٿيو.
    ڇو ته هت ظالمن جا حمايتي گهڻا اٿوَ
     
    سعيد عباس ٻرڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    ادا سچ سچ هوندو آهي ۽ ان لاءِ جان به حاضر آهي فتواھ لڳائن مون تي مونکي انهن جي ڪابه پرواھ نه آهي سچ ته اهيو آهي ته منهنجي اگلي پوسٽ ان کان به ڳوري هوندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو