سنڌ جو يگانو ۽ انسان دوست اديب امر جليل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مدهوش مير انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2017۔

  1. مدهوش مير انصاري

    مدهوش مير انصاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    منافقط کان وڌيڪ ٻيو ڌندو ڪهڙو هن دور ۾
    اروڙ جي رڻ جو راهي، ڪپيل ٻانهن جو واڪ ڏيندڙ، ڏينهن جي روشني کان ستايل، رات جي اونداهي ۾ روشني جي ڪرڻي جو منتظر، سنڌو جي سينڌ ۾ ريگستان جي رڻ پٽ کان خوشين جي تيز ڇولين جي آس رکندڙ، ڏينهن جي خوابن کي کڻي، ڪاري رات جي سناٽي ۾ سائي جو ساٿ سمجهي تعبيرن جي تلاش ڪندڙ، اڌ ڪپيل سج ڏي نهاري صدين جي سورن جي تاريخ جا تخت اولڙن ۽ عڪس وانگر گم ٿيل ڏسي، سورن جا صليب کڻي ان راڪاسن واري رياست ۾ رهندڙ يگانو اديب انسان دوست ۽ سنڌ پرست محترم جناب امر جليل کي جنم ڏينهن تي سندس ڪروڙين وڌائيون اڄ سائين امرجليل جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪجهه لکڻ جو خيال ڪندي سوين خيال تري آيا ته سائين جي شان ۾ ڇا لکي ڇا لکجي، ٿورن لفظن ۾ امر حق آ امر سچ آ امر تاريخ آ امر امر آهي سو اڄ امر جي حوالي سان ان جي امر زندگي تي ئي ڪجهه لکجي سگهجي ٿو هن جي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڪجهه ڪتاب ميگزين اسٽوريز آرٽيڪلز مان سهارو وٺي ڪجهه لکان ٿو، سنڌ جو امر ڪردار رکندڙ چوٽيء جي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نثر نويس، ڪالم نگار، ۽ ڊرامه نگار، سنڌ جي پاڪ ڌرتي مان جنم وٺندڙ امر جليل جو جنم 8 نومبر 1936 تي سنڌ جي مشهور شهر سنڌ جي تاريخ جي جان رکندڙ شهر روهڙي ۾ ٿيو، محترمه جناب امر جليل جو اصل نالو قاضي عبدالجليل آهي، سندس والد جو نالو عبدالغني آهي، امرجليل ابتدائي تعليم سنڌ جي ڪُک ڪراچي جي رتن تلاء پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، وڌيڪ تعليم بي اي تائين نوابشاهه ۾ حاصل ڪئي، ان کانپوء وري ساڳيو ئي ڪراچي ۾ اچي ايم اي اقتصاديات ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين،ان کان سواء پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي تاريخ ۾ به ڪيائون، سائين امر جليل آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي مان ايجيوڪيشن ۾ گريجوئيشن جو ڪورس به ڪيائون، سائين امرجليل جي ادبي سفر جي شروعات پڙهائي دوارن ئي نوابشاهه جي گورمينٽ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور کان شروع ٿي، جڏهن سندس ويجهي ساٿي ۽ سنڌ جي مهان ناليواري اديب دانشور قمر شهباز کيس ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي وڃڻ شروع ڪيو، شروع ۾ سائين امر جو ادبي تخليص “جليل پريمي” هو ۽ ان کان پوء سندس استاد محترم قمر شهباز جي هم قافيه امر جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين، سائين امرجليل جي پهرين ڪهاڻي 1956 ۾ سندس اندرا جي عنوان سان نوابشاهه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ادا ۾ ڇپجي آئي،۽ سائين امرجليل جو پهريون سنڌي اسٽيج ڊرامو 1963 ۾ انسان جي نالي سان ڪراچي جي نيشنل ٿيٽر ۾ پيش ڪيو ويو، سائين امرجليل جو ريڊيو لاء لکيل پهريون ڊرامو “درياء توتي دانهن” 1967 ۾ ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيو، سائين امرجليل جي لکيل پهرين سنڌي فلم ڪهاڻي “نوري ڄام تماچي” هئي ان کانسواء سائين امر جليل گهونگهٽ لاء ڪنوار، بادل، مٺڙا شال ملن ۽ البيلا جهڙن نالن سان ڪيتريون ئي سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون، تنهنجون منهنجون ڳالهيون، جي عنوان سان سندس پهريون ڪالم 4 مئي 1972 تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو، ساڳي ئي عنوان هيٺ سندس ڪالمن جو مجموئي ڪتاب پڻ ڇپيو، ان کانسواء سندس مختلف اخبارون ۾ لکيل ڪالمن جو ٻيو مجموعو “سنڌو منهنجي ساهه ۾” پڻ ڇپجي پڌرو ٿي مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن پڻ وڏي شهرت ماڻي، ان کانسواء سائين سنڌي اخبارون سان گڏوگڏ اردو اخبارون ۾ به لکندو رهيو، سندس جو اردو ۾ پهريون ڪالم “ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ” 8 اپريل 1974 ۾ هفتيوار الفتح اردو اخبار ۾ ڇپيو،سائين امر جليل جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعي ڪتاب “دل جي دنيا” ڇپيو جيڪو پهريون دفعو 1968 ۾ مارڪيٽ ۾ آيو، ڪتاب “دل جي دنيا” جو سنڌي ٻولين سان گڏ ٻين ٻولين ۾ به ترجمو هجڻ سان گڏ ڪتاب “دل جي دنيا” جا ٻيا به ڪيترائي شمارا مختلف پبليڪيشنن طرفان ڇپجي چڪا آهن، سائين امرجليل کي هن ڪتاب “دل جي دنيا” جي مقبوليت تي ادبي انعام به پڻ مليا، سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن مان سائين محترم جناب امر جليل جا هي ڪتاب قابل ذڪر آهن، هر مجموعي ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن ڪيترائي دفعا سنڌيڪا پبلڪيشن، ڪاڇو پبليڪيشن، روشني پبليڪيشن سان گڏ ٻين ڪيترئن ئي پبليڪشن طرفان ڇپجي چڪا آهن، دل جي دنيا، سنڌو منهنجي ساهه ۾، سرد لاش جو سفر، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، تنهنجون منهنجون ڳالهيون، جڏهن مان نه هوندس، تاريخ جو ڪفن، راهون جدا جدا، ٽيون وجود، رني ڪوٽ جو خزانو، هن ڄار ۾، چنڊ وسامي ويو، جيجل منهنجي ماء امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون لهندڙ سج جي لام، ادب ۽ سياست چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون، سنڌ نامو، امر ڪهانيان، ۽ ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي ويچار ڊاٽ ڪام پاران سائين امر جليل جون سرائڪي ۾ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپيل آهن، سائين امرجليل کي لکيڻ سبب ڪيترائي دفعا ڪتابن ڪالمن اسٽورين تي پابندي پڻ لڳائي وئي، سائين امر جليل کي ادبي دنيا ۾ اچڻ سان ڪيترائي مسئلا درپيش آيا، پر امر جليل مختلف سختين هوندي به لکڻ نه ڇڏيو، سندس ٽي وي تي لکيل ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ڊرما پڻ نشر ٿي چڪا آهن، کيس مڃتاءَ طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن، جن مان ڪجهه ايوارڊ ئي خاص هجڻ جو اعزاز رکن ٿا، جڏهن ته هڪ ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس مليو، شاهه لطيف ايوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ، پاڪستان رائيٽرس ايوارڊ، ٻه دفعا سنڌلاجي ايوارڊ، بيسٽ پلي رائيٽر آف ڊڪيڊ ايوارڊ مليا، سائين امر جليل جو تمام بهترين مقبوليت ماڻيندڙ لکيل ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو” مقبوليت جا ريڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا، امر جليل سنڌي ادب جي افسانه نگاري جو اهم ڪردار آهي، امر ادب جي دنيا جو بادشاهه آهي امر جي لکڻين مان پڙهڻ وارن کي جوش جذبو اتساهه پيدا ٿئي ٿو، سائين امرجليل جي ڪالمڪاري افسانه نگاري پنهنجي هلندڙ وقت ۽ ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿيون، سائين امرجليل جي لکڻين ۾ مزاج ۽ چٿر جي خاصيت اهم آهي، سندس تحريرن ۾ پنهنجو اسلوب بيانِ دلڪش ۽ بي مثال آهي، امر جليل جا مختليف اخبارون ۾ ڇپيل ڪالم ڪهاڻين اسٽوريز ۾ پڻ انهي جي نشاندهي ڪن ٿا ته سندس لکڻيون ڇرڪائيندڙ جذباتي ۽ مزاحيه هوندي به سنجيدهه ۽ پراثر آهن، سائين امر جليل سنڌي افسانه نويسي ۾ ڊائيلاگ ڪهاڻي معتارف ڪرائي، سندس انوکا ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ ڊائيلاگ جن سان ڪهاڻين ڪالمن اسٽوريز ۾ واڌ ويجهه ۽ جان پيدا ٿي ٿئي، پڙهڻ وارن کي اهو لطف ۽ چس ملي ٿو، سائين جي لکڻين کي پڙهڻ دوران هڪ الڳ ئي مزو آهي سائين جي لکِڻين مان پڙهڻ وارن جا احساس جذبا ۽ جوت جاڳي پون ٿا، تنهن ڪري سائين امر جليل تمام ليکڪن جي لکڻين کان منفرد آهن، سائين امرجليل جو آکاڻيون، سندس ڪهاڻيون حقيقت پسندي ۽ مختليف موضوعن جي ڪري مقبول آهن، سائين امر جليل جي لکڻين وارا ڪردار عوامي آهن، سندن ٻولي به عوامي استعمال ٿيل هوندي آهي، سائين امر جليل پنهنجي ڪهاڻين وسيلي پنهنجي ئي ڪردار ۾ مرڻ ۽ جئين جا ڪردار نڀائن ٿو، سائين امر جليل پاڻ پنهنجي ڪردارن ذريعي عوام کي سجاڳي جو پيغام ڏنو، سادن ۽ بيوقوف ڪردارن سان عقل وارا نقڪا سمجهايا اٿن، سائين امر جليل جي لکڻين جي ان انداز ۽ بيان کي ڏسي سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، هن وقت هڪ سنڌي ٽي وي چينل تي ڪلاس روم جي نالي سان پروگرام پڻ ڪري ٿو، سال 2008ع ۾ امر جليل جي لکڻين جا پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ حڪومت ۽ اڪيڊمي آف ادبيات پاران 29 جون 2008ع تي ڪراچي ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند سان تعلق رکندڙ اديبن سندس فن ۽ شخيت کي ڀيٽا ڏني، هن ڪالم کي امر جليل جي ڪتاب “ڪراڙو گِدڙ” ۾ سندس لکيل ارپنا جي انهن لائين سان ختم ڪندس ته پيرن، سردارن ۽ سيدن هٿان بتال ڪيل اٻوجهه، وهمي ۽ نٻل سنڌي، جيڪي پنهنجي ووٽ سان پنهنجي لاءِ هر دور ۾ جَڏا، بد اخلاق، ڪم ظرف حڪمران چونڊيا آهن

    مدهوش مير انصاري 03000354216
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    شاندار ڀيٽا... اهو مضمون اڳ پڙهيو هئم. :)
     
  3. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  4. ھمايون سنڌي

    ھمايون سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
     
  5. ھمايون سنڌي

    ھمايون سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    به
    بهترين ڀيٽا بهترين سٽون ادا مدهوش انصاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو