ٻول : وفا ڪٿي نه رهي آ وفا تلاش نه ڪر

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي



    دور ڪهڙو ته ويو اچي آهي
    روح جيئڻ تان ويو کڄي آهي
    ڀروسو ڇا ڪجي ڀلا ڪنهن تي؟
    سج ماڻهن جو ويو لهي آهي.


    وفا ڪٿي نه رهي آ وفا تلاش نه ڪر،
    خدا جي واسطي اهڙي خطا تلاش نه ڪر.


    پرائي غم جي حقيقت کي ڪير ٿو ڄاڻي!
    اڄوڪي دور ۾ دل جِي دوا تلاش نه ڪر..

    گذار هيٺ کان ٿي هيٺ تون زماني ۾،
    بلندين تي وڃي تون خُدا تلاش نه ڪر..

    زمانو ڪنهنجي چڱائيءَ ۾ ڪونه آ ”بزمي“،
    دغا جي در تي وڃي تون دُعا تلاش نه ڪر...





    ٻول : نثار بزمي
    آواز : برڪت علي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو