بس زرداري کان جان ڇڏرايو ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    بس زرداري کان جان ڇڏرايو ...
    _________________
    ڪله 26 تاريخ سنڌ ۾ هڪ نڪور سوچ سان لکي ويندي ....جنهن ۾ اهو ضرور چيو ويندو ته سنڌي قوم کي ايترا پروگرام جلسا ڪندي مٿي ۾ ڀنواٽي اچي وئي ڪجه بي هوش ٿي ڪري پيا ته ڪجه وري اڌ مٿي ڦريا ٿي ويا ...هاهاها ايڏا جلسا ايڏيو پارٽيون سنڌي ماڻهو وائڙن جيئان وات پٽي آسمان ٿو ڏسي ...هو اهو جهاز وو اهو جهاز ...پر جهاز ته نظر ئي نه ٿو اچي هنن سادن سٻاجهن سانگيئڙن کي ...
    لاڙڪاڻو ٻري پيو هو هڪ پاسي جميعت جو جلسو ته وري جلال محمدو شاه جي به جلالي ،وري ڪلاچي ۾ قادر منگسي مالهي جيئا سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿل هو ۽ پير به پنهنجن زري مريدن کي گهرايو هو پو ڀل اهي رحيم يار خان جا هجن يا بهاولپور جا يا صادق آباد کان ڪهي ايل هجن ...بس ماڻهو گهڻا ڏيکارڻا آهن پو ووٽ ڀل نه ڏين ڪا ضرورت نه آهي پر يار جلسي ۾ ڳچ ماڻهو هجن ته جيئن ماڻهن جي ڳڻپ جي حساب سان بريف ڪيس ايندا آهن انهن ۾ ڪمي گهٽتائي نه ٿي ...سمجهو ٿا نه ...بس ڪاروبار سياست هلندو رهي ...
    ڪنهن کي به سنڌ جي مشڪلاتن جي سڌ نه هئي نه قوم کي ڏيڻ ٿي گهريائون بس ايجنڊا جي پرچي ئي ڀلجي گهر ويهاڻي جي هيٺا رهجي وئي هين بس اهو صرف ڪنهن ياد ضرور ڪيو ته بارداني جي ٻوري نه ملي ...پر سنڌ جا وسيلا ڦريندڙ سائين جن جا يار دوست آهن ڪا ڳاله نه آهي جي سنڌي ماڻهو انگ اگهاڙا رهيا ته ڇا ٿي پيو هوئن به دنيا هاڻي ڪپڙن کا آجا ٿيڻ لاءِ فيشن شو ڪرائين پيا ...گهر اجهي کي سنڌي ڇا ڪندا آسمان جو آهي هيڏو سارو فلڪ گگن جنهن ۾ ڌرتي کي بسترو ڪري سمهي ماڪ جا مينهن وسائيندا ڪهڙو ٿو فرق پوي جي ڪنهن ماڪ ڦڙن تپايو ته ڪنهن وڻ جي هيٺا ئي تڏي کي گهلي ويندا ڇو ته هي پيڙهن کان ائين ڪندڙ آهن ڪي نوان ٿورو ئي آهن ...
    کاڌي ۾ لسي لوڙهيو يا بصر سان ماني ڳڀو کائيندي ته صديون ٿيون ڇو وسري ويو اٿن ڇا ...بس بابا ڀل توهان وٽ ڪارو سون هجي يا گيس جو هجڻ توهان جي آسودگي لاءِ نه آهي ياري دوستي اسان کي نڀائڻي آ بابا ..
    .بس زرداري کان جان ڇڏرايو ...
    سنڌي سڌي سوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو