تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيار سنڌي دوستو قربان وڃان مهان سنڌي شاعر عبدالغفار تبسم تان جنهن چيو آهي ته
    ها ، مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان
    مونسان گڏ گڏ هجين ته مان آهيان​

    پر ڪالهه کان وٺي هنِ چرئي شاعر ناز هي سوچيو پي ته
    “ها مان تُنهنجي بنا ڀي رهي ٿو سگهان
    ڪنهن سهاري بنا ڀي هلي ٿو سگهان​

    وڌيڪ لکان ڪونه ٿو هن غزل کي ڊيزائن وارا ڪپڙا پارايا اٿم جيڪو به آهي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي تصنيف آهي۔
    اڄڪلهه ڏات جي ديوي مهربان آهي ڇو جو شاعر ويچارو صفا بکيو آهي، کيسو به خالي اٿس، شاعر نثار ناز سان اها وڏي مصيبت آهي، ته پيٽ ڀريل ۽ کيسو پُرڪاش هوندو آهي ته ڏات جي ديوي سنگل ئي ڪونه ڪرائيندي آهي۔ هن شاعري جي باري ۾ توهان جي محبتي راين جو شدت سان منتظر رهندس

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    هاڻ اسان سان ويڌن اها آهي ته اسين ڇا ڪريون؟ اوهانجي کيسي ۽ پيٽ لئه دعائون گهرون يا وري اهڙي شاعري ڏسي اها دعا گهرون ته اوهانجو پيٽ ۽ کيسو خالي رهي ته ڀلو۔۔۔؟ ۽ ها ناز جي کيسي ۾ پئسو آيو ته هڪدم ”حيدرآباد “ هليو ويندو آهي ۽ ڪا راڳ رنگ جي محفل ٻڌي پاڻُ به وندرائيندو آهي ۽ اسانکي به ۔۔۔ ۽ آخر ۾ وري کيسو خالي ڪري اچي ماسات مٺي ذات سان ملندو آهي ۔۔۔ ساڳيا ٽڪر ساڳ سان ۔۔۔

    شاعري به سهڻي، خيال به سٺا ۽ وزن بحر کي پورو ڪرڻ ته اوهانکي ايندو ئي آهي، باقي هڪ ڳالهه واضح ٿي ته اوهان به ماڻا ڪري ڄاڻون ۔۔۔ ماڻا ته معشوق ڪندا آهن، عاشق ته ماڻا سهندا آهن، هن شاعريءَ ۾ لڳي ٿو ته اوهان ڪنهنجا معشوق آهيو ۔۔۔ ۽ پنهنجي عاشق کي سڪايو پيا ته ۔۔۔ مٽيءَ تي سمهبو پر سندس آغوش کي ڇا ڪبو ۔۔۔ !!!

    عاشق ۽ معشوق جي راند به ٽام ۽ جيريءَ واري راند آهي، ڪڏهن هو ڀاڪر ۾ ته ڪڏهن هو ۔۔۔

    “ناز“ يار! الله توکي وڏي ڄمار ڏي ۽ هميشه ويٺو اسان دوستن کي اهڙن سهڻن خيالن سان نوازين ۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    ها ها ها ها ها واهه جو سُڃاتو اٿئي ابڙا، يار توکي هڪ وار اڳ ۾ چيو هُئم ته هميشهه معشوق ئي عاشق بڻبا آهن، پر عاشق رڳو ڏنڊو ڪلهن تي ماني راڄن تي، رانجها رانجها ڪرڪي مين آپي رانجها هوئِي پر ڪڏهن به ڪنهن رانجهي چيو ئي ڪونهي ته هير هير ڪرڪي مين آپي هير هويا، وڏا استاد اٿئي اهي عاشق ان ڪري مجبوري جو ڊرامون ڪيو پيا هلندا آهن، بس يار معشوق ٿيڻ ۾ تمام گهڻو مزو آهي، گهٽ ۾ گهٽ موبائل ۾ فري بيلنس، چائينيز ۾ پيٽ ڀري ماني، پرس جو پيٽ به پريل هوندو باقي هڪڙي ڳالهه معشوقن لاءِ ڪونه ٿو لکان سينسرٿي ويندي، اصل پنجئي آڱريون گيهه ۾‌ آهن معشوقن جون۔ ان ڪري اهڙي شاعري ڪري معشوقن جو مان وڌائي رهيو آهيان۔ باقي حيدرآباد وڃي راڳ رنگ جون محفلون ڏسندو آهيان ته اهو سنڌ سلامت لاءِ هُوندو آهي۔ ماسات سڳوري کان سواءِ زندگي جو گاڏو هلڻ ئي مشڪل آهي، دير سوير وري به در ماسات مٺي ذات جو ڀلو آهي ۔ لک لائق جو توهان منهنجي هن غريباڻي شاعري تي پيارا ڪامينٽس ونڊيو ٿا۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    سائين اسان ته گهٽ ۾ گهٽ هن عُمر ۾ پنهنجي پرينءَ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون۔۔ \:d/ هاڻي معشوق جا ناز ماڻي واري اچانڪ عاشق اهڙي بي رخي ڏيکاري ته صحيح نه ٿو لڳي۔۔۔
    باقي مان ته دعا ڪندس ته توهان جي لفظن جو ذخيرو خالي نه ٿي ٿئي۔۔ پيٽ کي پيو انسان منهن ڏيندو
     
  5. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    واه سائين واه بهترين۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    سائين توهان جي شاعري جا ته اسان اصل کان شوقين رهيا آهيون

    سائين نثار ابڙو صاحب ، مست به بهترين ڪمينٽس ڏنا آهن هاڻي مون جي چوڻ لا۽ ڪجهه بچيو ئي ناهي پر وري به ايترو ضرور چوندس ته سائين اها چمين جي خيرات ڪٿان ملندي ته وڃي اتي صدا هڻان ته اصلي واه واه ٿئي وڃي


    سدائين گڏ
     
  7. منصور سيتائي

    منصور سيتائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جون 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    سائين ڦلپوٽا صاحب هڪ گذارش ته ها مان تنهجي بنا ڪجه به ته ناهيان استاد بخاري جون سٽون ناهن اهي سٽون عبدالغفار تبسم جون آهن
     
  8. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    واهه واهه سائين زبردست،،،
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    سائين شاعري ته بهترين شاعري آهي، لفظن جي حساب سان توڙي شاعري جي اصولن جي حساب سان، مگر ادا عمر ڪهڙي به هجي پر محبوب کان سواء رهڻ ڏکيو آهي ۽ محبوب کانسواء به ماڻهون اڌورو آهي، محبت ۽ چاهت ۾ عمر جي ڪا به قيد ڪونهي، سائين توهان ڀلي ائين چئو، ( “ها مان تُنهنجي بنا ڀي رهي ٿو سگهان
    مگر مان ته ائين نه ٿو چئي سگهان، پر مان ته هميشه اهيو چوندس

    ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به نه آهيان۔ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=kvQ51xQ0qX4
    اڃان به هيئن کڻي چوان ته بهتر ٿيندو
    ( تون مڃين نه مڃين مهربان مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان )​

    http://www.youtube.com/watch?v=ur8qIA8Xz48&feature=related
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    سائين منصور سيتائي توهان جي وڏي مهرباني جو منهنجي ڪيل غلطي جي نشاندهي ڪئي۔ لک لائق۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    پڄ سائين ”ناز“ متان سمجهين ته اڱڻ تي رڳو تون ئي عاشق به ته معشوق به آهين هت ته عاشقن جي قطار لڳل آهي، ادو ممتاز به ڀريو پيو اٿوَ ۔۔۔ اوهانجي چواڻي ته عاشق ڪڏهن معشوق ته معشوق ئي ڪڏهن عاشق هوندو آهي ۔۔۔ بس جيڪو ملهه ماري ۔۔۔

    باقي ڦلپوٽو فقير سو ئي فقير، چمين جي خيرات جون صدائون هڻندو وتي ۔۔۔ الله خئير ڪري جي ڪا اهڙي خيرات ملي ويس ته همراه جو گودڙي ئي گم ٿي ويندي ۔۔۔

    ادا منصور سيتائي، اوهانجي مهرباني جو اوهان ياد ڏياريو ته اها شاعري ” ها مان تنهنجي بنان ڪجهه به ته ناهيان“ سنڌ جي سهڻي شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعري آهي ۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    ادا مست منهنجي به سدائين ڪنڌار عاشقن کي اهي دُعائون آهن ته هُو ڪڏهن به پنهنجي پرين جي آغوش کان ڌار نه ٿين، ادا شاعر اڪثر ڪري پنهنجي دل جُون ڳالهيون، شاعري جي رنگ ۾‌ پيش ڪندا آهن، پر ڪي شاعر وري پنهنجي آس پاس جي ماحول ته به گهري نظر رکندا آهن، ٿي سگهي ٿو منهنجي هي شاعري به آس پاس جي ڪنهن ماحول کي ڏسي تخليق ٿي هُجي، پيار هميشهه بي لوث ڪيو ويندو آهي چاهي عاشق هُجي چاهي محبوب هُجي، ڪو دلبر عاشق جي ڏنل پيار جي جواب ۾ اهو چئي ته مان به توسان پيار ڪريان ٿو يا ٿي اهو توتي منهنجو احسان آهي باربا محبوب پنهنجي پيارجو احسان جتائي بس اهڙي ڪنهن پس منظر ۾ هي شاعري تخليق ٿي آهي، محبوب پنهنجي عاشق کي خيرات جي صورت ۾ پيار ڏي ته اهو پيار ڪهڙي ڪم جو، خيرات ۾‌ مليل پيار جي ڪا معنا ئي ڪين هوندي آهي، هڪڙو مثال مشهور آهي مخمل جي لباس ۾ ڇيٽ جو ٽڪرو ڪونه لڳندو آهي ، آخر ۾ شاعر اها ئي سمجهاڻي ڏئي احسان جتائيندڙ محبوب کان جان ڇڏائي ٿو۔ شاعر جي شاعري جي فني ٽيڪنيڪ تي ڪير به ڪونه ڳالهائيندو آهي پر هرڪو شاعر جي خيال تي ڳالهائيندو آهي، شاعر گهڻو ڪري معاشري جا ٻئي رُخ واڌو ۽ ڪاٽو ايڪسپوز ڪري ٿو، معاشرو ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو ڪاٽو رُخ جو ڪڏهن به پاسو ڪونه وٺندا آهن پر واڌو رُخ تي پنهنجي سوچن کي نروار ڪري اڳيان وڌندا آهن۔ وفادار ۽ بي وفا وارو جهيڙو اڄ جو ناهي صدين کان هلندو اچي۔ ڪڏهن ڪڏهن صدمن جو بار بي وفائين جو بار، ڪنڌار عاشق کڻي ويندو آهي ته ڪڏهن اسان جهڙو ڪمزور عاشق عشق ٿي ڳيا ڦشڪ ميڪون ٽڪا ولا ڏي جو نعرو هڻي ڀڄڻ ۽‌ اڪيلو رهڻ جو راهون پيو نهاريندو آهي۔ بهرحال جيڪي پرين کان دور رهڻ نٿا چاهين اهي به سلامت هُجن جيڪي پرين جي احسان جتائڻ واري پر کان ڀڄي هڪڙي پاسي ٿي ويٺا آهن اهي به خوش هُجن۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    پيارا نصير چنا تو منهنجي هن غريباڻي شاعري کي بهترين چيو لک لائق مٺا
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    واهه واهه ! ڇا فقير ۽ ڇا شوقين ؟ پر جاني وري به تنهنجي مهرباني جو مون ٽي درجي واري شاعر جي شاعري توهان کي وڻندي آهي۔ فقير وڏو استاد آهين پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ جي بدران واري به ادا نثار ابڙو جي ڳالهه لکي پنهنجي جان ڇڏائي اٿئي، آخر فقير آهين نه پنهنجي هڙ مان اهي ڪامينٽس ڪيئن لکندي، هرڪو خزانو جيڪي لکڻ وارو هجي يا ونڊڻ‌وارو هُجي فقير ڪڍن ته اصل کُٽي پون۔ باقي تون فقير آهين تنهنجو ڪم ئي الله ڪي نام پر دي بابا آهي سو توکي خيرات واريون چُميون به هضم ٿي وينديون پر اسان جهڙا چريا خيرات ۾ مليل پيار کي ٺوڪر هڻي ڀڄي پاسو ڪندا آهن فقير ڳالهه سمجهه ۾ آئي يا انٽر نيشنل فقير کي فون ڪريون۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    مٺا وقار منهنجي هي حقير ڪم تر شاعري توهان کي پسند آئي همت افزائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    پيارا ممتاز شال جُڙيو هُجين ، يار اهو کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي ته عاشق به سڏائي ۽ محبوب جي هنج ۾ به هُجي، دنيا جون جيڪي پريم ڪهاڻيون عالم آشڪار آهن، ان ۾‌ عاشق سدائين جُدائي جي ڪنهن اونهي سمنڊ ۾‌ ڪڏهن ٻُڏندا ته ڪڏهن ترندا نظر ايندا آهن، آخر ڪيستائين محبوب جي هنج جو سهارو هوندو آخر ته ڌرتي جي گود ۾ هر عاشق کان وٺي معشوق تائين ابدي آرام واري ننڊ سمهندا، مٺا عاشق هر جنم ۾‌ صرف جلندو ۽‌ پچندو آهي چند لمحن جي پيار لا عاشق معشوق جي در سامهون بسترو لڳائي ويهي رهي اهو به مناسب ڪونهي۔ خير جيڪي محبوب جي هنج ۾ آرامي ٿيڻ‌ جاخواهش مند آهن يا هنج ۾ سُتا پيا آهن انهن جو به خير ته ڪي وري محبوبن کان دور ، ڌرتي جي هنج ۾ ازلي آرام ڪري رهيا آهن انهن جو به خير۔ ۽ اسان جهڙن ڊڄڻن عاشقن جو به خير جيڪي محبوب جي بي رُخين ، بي واجبين ۽ بي وفائين کان ڊڄي پاسو ڪرڻ وارو جو به خير۔ مهرباني ادا ممتاز وگهيا جو توهان منهنجي هن حقير ۽ ڪم تر شاعري تي پنهنجا ويچار ونڊيا۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    بس يار ابڙا الله عاشقن کي سندن محبوب ملائي ، اڪثر عاشق دسجي پوندا آهن معشوقن جي ماڻن جون سٽون جهلي ڪونه سگهندا آهن، ان ڪري توهان کي سعودي جي ته خبر ناهي هتي پاڪستان ۽ هندوستان ۾‌ الاهي سارا عاشق بلڪل الف هر ڪپڙي کان آجا نظر آيا هوندا، پو ڪو چوندو آهي ته انهن کي نوراني لباس پيو آهي ته ڪي چوندا ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اهي اٿئي معشوقن جون سٽون جو همراهه ڪپڙن جي گرمي به برداشت ڪرڻ لا تيار نه هوندا آهن۔ ان معاملي ۾ وري عاشق تمام اڳرا اٿئي معشوق رانجها رانجها ڪرڪي آپي رانجها هوئي چوندا آهن پر عاشقن وانگر الف ٿي هلڻ‌ ان جي وس کان ئي ٻاهر پر ناممڪن هوندوآهي۔ عجب کيل آهي ابڙا عجب کيل ۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ڊڄڻي فقير جي ڳالهه نه ڪر! ان جو ڪم ئي رڳو خيرات وٺڻ‌ آهي پنڻ آهي، ان کي خيرات وارو پيار هضم ٿي ويندو۔۔۔
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    آخر ته ڌرتي جي گود ۾ هر عاشق کان وٺي معشوق تائين ابدي آرام واري ننڊ سمهندا،

    ادا توهان ۽ توهان جون ڳالهيون برحق ، پر عاشق کي هميشه محبوب جي ڳولا ۾ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهڻ گهرجي ۽ هميشه ان جي طلب ۾ رهڻ گهرجي، نه ڪي بيزاري ڏيکارجي، بقول شاه سائين
    جي قيام مڙن ، ته اوڏا ڀائنج سپرين۔​

    جڏهن ته سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر شيخ اياز جا خيالات وري هن ريت آهن،
    ٻئي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون۔ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=aeL8bcUJXDw
    جڏهن ته سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر استاد بخاري ته پنهنجي هڪ سرائڪي شعر ۾ پنهنجا خيالات هن ريت ونڊيه آهن ( سٽون ته هوبهو مون کي ياد ڪونهن پر جنهن جو مفهوم هن ريت آهي) ) ته اي محبوب تون گهڙي کن اچي مون وٽ ٽڪ ( ره،) پر اها گهڙي به گذري ويندي، تون اچي ڏينهن ٽڪ، پر ڏينهن به ويندو گذري تون هفتو اچي مون وٽ ٽڪ ( ره ) پر هفتن تي به ڪو ڀروسو ڪونهي تون اچي مهينو ٽڪ، پر مهينا به وڃن ٿا گذري، تون اچي سال ٽڪ ، پر سال به وڃن ٿا گذري تون زندگي ڀر ٽڪ ، پر اي پرين زندگي تي به ڪو ڀروسو، عتبار ڪونهي تون اچي محشر تائين ٽڪ ( ره )
    باقي سائين ناز صاحب توهان جي مرضي
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    نه ادا منهنجي مرضي بلڪل ڪونهي، ۽ نڪو هلندي مرضي منهنجي سهڻي مولا سائين جِي آهي، پر ممتاز اسان سان ته
    جب بهار آئي تو صحرا ڪي طرف چل نڪلا ، صحن گُل چهوڙ چلا دل ميرا پاڳل نڪلا۔
    لک لائق ادا ممتاز
     
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    سائين ناراض نه ٿئجو، مون ته پنهنجا خيالات + سنڌ جي ٻين عظيم شاعرن ۽ مفڪرن جا خيالات توهان سان ونڊ ڪيا آهن، باقي عاشقن جي ڇا حالت ڪئي ٿي وڃي اها ته سڀني کي خبر آهي ( جنهن جي جهلڪ سچل سرمست جي هن شاعري مان به ملي ٿي جنهن کي سائڻ عابده پروين تمام سهڻي نموني سان ڳايو آهي ) اگر پوء به منهنجي ڪا ڳالهه ڏکي، يا نه وڻندڙ لڳي هجي ته هٿ ٻڌي معذرت ٿي ڪجي
    http://www.youtube.com/watch?v=b16MAvIHedY
    http://www.youtube.com/watch?v=9kJy8A1eWV0&feature=related
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو