تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    پيارا ممتاز مون ته تنهنجي ڪنهن به ڳالهه کي جهٽلايو ڪونهي، جن شاعرن جا تو حوالا ڏنا آهن اهي ته عظيم آهن انهن جي جُتي ۾ مون جهڙو ٽي درجي وارو شاعر پير پائي نٿو سگهي۔ پر هڪڙي ڳالهه توکي ٻُڌائي ڇڏيان ته لازمي ڪونهي ته بخاري جيڪو سوچي ، شاهه سائين جيڪو سوچي، شيخ اياز جيڪوسوچي، هن دور جو ٽي درجي وارو شاعر نثآر ناز به سوچي، مون ڪٿي شايدهن ئي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته شاعر اهو جيڪو زندگيجا ٻئي رُخ واڌو ۽ ڪاٽو ڏيکاري، پو اها شاعري پڙهندڙن تي منحصر آهي ته ڪهڙو رُخ قبول ٿا ڪن لطيف سائين، جا ڪئين بيت ، شيخ اياز جا ڪئين شعر، اُستاد بُخاري جا به ڪئين شعر انهن واڌو ڪاٽوڪيفيتن سان ڀريا پيا آهن دفتر کولبا ته پو نڪو نثار ناز پوري پئجي سگهندو ۽ نه وري ممتاز وگهيو ! توکي محبوب جا ماڻا مست لڳن ٿا تو ڀلي اهي ماڻا ماڻ ، هن شاعري ۾ شاعر جيڪو بددل ٿيو آهي لازمي ڪونهي ته ڪير اها شاعري پڙهي بددل ٿئي ۔ وري ڪنهن ٻي شاعري ۾‌ لطيف سائين ، شيخ اياز سائين ۽ استاد بُخاري جي خيالن جي جيڪا تو اپٽار ڪئي آهي انهي خيالن جي پازيٽو پهلو کي به اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔ بس مٺا ٿورو انتظار ۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    ادا ممتاز، ضروري نه آهي ته سڀ شاعرن جا خيال هڪ جهڙا هجن، شاعري دل جي جذبن جي ترجماني جو نالو آهي۔ ڪنهن جي دل جا جذبات ڪجهه ٿا چون ته ڪنهن جي دل جا جذبات ڪجهه چون ٿا۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    ممتاز علي وگهيو طرفان لکيل
    سائين شاعري ته بهترين شاعري آهي، لفظن جي حساب سان توڙي شاعري جي اصولن جي حساب سان، مگر ادا عمر ڪهڙي به هجي پر محبوب کان سواء رهڻ ڏکيو آهي ۽ محبوب کانسواء به ماڻهون اڌورو آهي، محبت ۽ چاهت ۾ عمر جي ڪا به قيد ڪونهي، سائين توهان ڀلي ائين چئو، ( “ها مان تُنهنجي بنا ڀي رهي ٿو سگهان
    مگر مان ته ائين نه ٿو چئي سگهان، پر مان ته هميشه اهيو چوندس

    ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به نه آهيان۔ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=kvQ51xQ0qX4
    اڃان به هيئن کڻي چوان ته بهتر ٿيندو
    ( تون مڃين نه مڃين مهربان مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان )​

    http://www.youtube.com/watch?v=ur8qIA8Xz48&feature=related
    ادا مست صاحب توهان منهنجي تحرير ۾ اهيو ڏيکاريو ته مون اهيو لکيو آهي ته هر ماڻهون جا ( شاعر ) جا خيالات هڪجهڙا يا ساڳيه هوندا آهن، ۽ ائين ته مان ڪڏهن به ڪو نه چوندس، ۽ مون پنهنجي لکيل تحرير ۾ به هي لکيو آهي ته ( سائين توهان ڀلي ائين چئو، ( “ها مان تُنهنجي بنا ڀي رهي ٿو سگهان
    مگر مان ته ائين نه ٿو چئي سگهان، پر مان ته هميشه اهيو چوندس
    ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به نه آهيان۔) ​

    سو ڀاء مست منهنجو عرض اهيو آهي ته منهنجا ۽ باقي حوالو ڏنل شاعرن جا خيال هي آهن جن جو ذڪر مان مٿي ڪري ويٺو آهيان ۽ مان ته اهيو به چوندس ته هر شاعر کي بلڪه هر ماڻهون کي اهيو حق حاصل آهي ته پنهنجا خيالات ظاهر ڪري ۽ مان اهيو به چوندو هلان ته سائين نثار ناز جا خيالات به بهترين خيالات آهن ۽ ان خيالات جي پٺيان ان منظر جي، ان ڪيفيت جي ته سائين نثار ناز کي ئي خبر هوندي ۽ مان اها ڪيفيت ۽ حال محسوس ڪري نه ٿو سگهان ، سو ان ڪري مون پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا،۽ اهيو به ضروري نه آهي ته توهان يا ڪو ٻيو به منهنجي هنن خيالات سان مطفق هجي جنهن لاء مان به اهيو چوندس ، جيئن هميشه اخبارن ۾ لکيل هوندو آهي ته ( ايڊيٽر جو خط جي متن سان مطفق هجڻ ضروري نه آهي ) ۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

    بهترين تمام سٺو ونڊ ڪرڻ تي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو