شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    سنڌ جي بقا بهود لاء مثالي انسانن جون بي مثال قربانيون ،،،،،،،،،،،،،،،،،،

    نفيس الزمان لوهاراڻي ،،

    سنڌ ڌرتي جنهن جي سلامتي ۽ بقا بهود لاء هزارن سالن کان مثالي انسانن جا بي مثال ڪردار رهيا آهن ، تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته سنڌ ۾ هزارين اهڙا لعل موجود آهن جن پنهنجو تن من ڌن قربان ڪري وطن ۽ عوام جي ويرن قاتلن لٽيرن ۽ فوروئن خلاف لوهي ديوار بنجي مقابلو ڪيو ، سنڌ ۽ سنڌين جي حق جو آواز بنيا سنڌ ڌرتي جي تاريخ تي جيڪڏهن جاتي پائي ڏسجي ته عظيم رهنمائن جي شهادتن سان ڀري پئي آهي ، سنڌ جا سورهيہ جوڌا پٽ ۽ دلير نياڻيون جن سنڌ جي بقا ۽ سنڌين جي حقن جي ترجماني ڪندي شهادتون ماڻيون ، جن خدمت کي عبادت سمجهي وطن ۽ عوام لاء جان جا نذرانا ڏنا ، دودو ، دريا خان ، شاه عنايت ، مخدوم بلاول ، ڊولفقار علي ڀٽو ، بينظير ڀٽو ، فاضل ، بشير خان قريشي ، شهيد مير مرتضي ، جن پنهنجي وطن جي عوام لاء جان جا نذرانا ڏنا ،
    29 نومبر 2014ع جي صبح جو فجر نماز ادا ڪندي سجدي جي حالت ۾ وحشي ظالمن سنڌ جو هڪ ٻيو سورهيہ پٽ پنهنجي اندر شينهن جي دل رکندڙ جنهن وقت جي ظالم حڪمرانن سان اک ۾ اک ملائي سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪندي سنڌين جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو مرد مجاهد عاشق رسول عاشق سنڌ شهيد سنڌ علامہ ڊاڪٽر خالد محمود کي بي دردي سان نماز جي حالت ۾ گولين جا وار ڪري اسان کان هميشه هميشه جي لاء جدا ڪيو
    علام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پڻ اهڙن مرد مجاهدن مان هو جنهن دين اسلام سان گڏوگڏ سنڌ ڌرتي جي سلامتيَ لاء وڏي جهدوجهد ڪئي ۽ شهادت ماڻي ، شهيد علامہ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو 7 مئي 1959ع تي لاڙڪاڻي کان چار ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ عاقل ۾ هڪ غريب ۽ وقت جي نامياري عالم علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم ورتو ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ننڍپڻ کان ئي هوشيار ۽ پختا اراده نيڪ سوچ جا مالڪ هئا ،ڊاڪٽر خالد محمود سومري پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ عاقل مان حاصل ڪرڻ بعد مڊل گورنمينٽ پائلٽ سيڪيڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان 1974ع. ڪئي ،
    انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڪيو ،
    ايم بي بي ايس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي
    1987ع.MA اسلامڪ ڪلچر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان ڪئي
    1988ع ۾ ائمه ڪورس انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيو
    1985ع عاليه وفاق المدارس العربيه پاڪستان مان ڪئي ،
    پاڻ شاگردي واري دور کان ئي سنڌ ۽ سنڌين جي جهدوجهد لاء هڪ نئون سج ٿي اُ ڀريو ، سنڌ جي مظلوم عوام سان ٿيندڙ ناحق زيادتين خلاف آواز بلند ڪيو حق ۽ سچ جي هڪ نئي اميد ٿي اُڀريو ، امير ۽ غريب وارو تعاثب ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جنرل ضياء الحق جهڙي قاتل ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف جڳمڳائيندڙ تحريڪ جو اڳئين صفن ۾ وڙهندڙ اڳواڻ هو ،
    ڪالاباغ ڊيم جهڙي ڪُڌي منصوبي ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت واضح ۽ کليل الفاظن نه صرف مذمت ڪندو هيو، پر عملي جاکوڙي به هيو. سنڌ جي زرعي زمين لاءِ به سنڌين هارين جي حق ڏيارڻ لاءِ هن جون ڪوششون قابل تعريف هيون.
    ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڇهه مهينا جيل ۾ رهيو ٻه مهينا لاڙڪاڻي جيل ۾ ۽ چار مهينا سکر واري جيل ۾ رهيو ،
    ڊاڪٽر خالد محمود سومري 1985ع ۾ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات جمعيت علماء اسلام جي پليٽ فارم تان ڪئي ،
    لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 207 کان پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ۾ اٿيا ۽ ٽي ڀيرا سنئون سڌو محترمہ بينظير ڀٽو صاحبه جو اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو 1990ع 1993ع ۽ 1997ع ۾
    بينظير ڀٽو سان ،
    2002ع ۾ شاهد ڀٽو ۽ 2013ع فريال ٽالپر سان مقابلو ڪيو
    ۽ آخري ڀيري پاڻ چاليهہ هزار ووٽ کنيا ،
    2006ع کان 2012ع تائين هو پارليامينٽ جي ايوان بالا سينيٽ آف پاڪستان جا معزز رڪن به رهيا . جنهن جي گرجدار آواز ڇهن سالن تائين ايوان بالا ۾ گونجندي رهي ايوان ۾ سن ڪارڊ تي سياست ڪرڻ واري پي پي پي جي گهڻائي جي باوجود سنڌ جي عوامي مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿارڻ جو اعزاز ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي حاصل رهيو ، ڪالاباغ ڊيم جو معاملو هجي يا قومپرست ليڊر بشير خان قريشي تي حملي جو ڪيس فضيلا سرڪي جي اغوا جي واردات جو معاملو هجي ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه هجي يا تيرنهن هزار پرائمري استادن جي بحالي جو مسئلو ، قبائلي جهيڙن ۾ انساني جانين جي قتل عام جو معاملو هجي يا سنڌ يونيورسٽي جي بند ٿيڻ جو معاملو مطلب ته هر ٻرندڙ اشوء تي ڊاڪٽر خالد محمود سومري ايوان بالا ۾ دليري ۽ جرئتمندي جو مظاهرو ڪيو ۽ نمائندگي جو حق ادا ڪيو
    ڊاڪٽر خالد محمود سومرو واحد پارليامينٽيرين هو جنهن پهريون ڀيروايوان جي ڪيفي ٽيريا ء لائبریري ۾ سنڌي اخبارون مقرر ڪرائڻ جو ڪم ڪيو، ان کان اڳ ايوان ۾ فقط اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون هيون، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو حقيقي عوامي ماڻهو هو، سندس جي رهائشگاهه تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل رهندو هو
    ماڻهن کي ڪمن جي حل واسطي هزارن جي تعداد ۾ خط لکي، فون ڪري ۽ پاڻ ڪهي وڃي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرايا، هن کي سنڌ جي هر سور جو احساس هو
    ۽ انهيَ دوران سڄو عرصو هو سينيٽ ۾ سڀ کان نمايان ميمبر رهيا جيڪو پنهنجي ڳالهه ٻولهہ ۽ بي باڪي جي ڪري سڀ کان نرالا نظر ايندا هئا سينيٽ جي رڪنيت جي دوران پاڻ ٽي سال سينيٽ جي قائم ڪيل ڪاميٽي براء بلدياتي جا چيئرمين به رهيا سندن اعزاز رهيو آهي ته هو اڪيلو سينٽر هئا جيڪو پنهنجي رهائشگاهہ پارليامينٽ لاجز کان پارليامينٽ تائين پنڌ ايندا هئا ، جيڪڏهن رستي ۾ ڪو ملي ويو ته الحمدالله نه ته پنڌ وڃڻ کي ترجيح ڏيندا هئا ، جنهن ڇهن سالن ۾ ڪڏهن به اراڪين پارليمان جي لاء ٺاهيل ريسٽورنٽ ۾ ماني نه کاڌي بلڪہ هميشه پاڻ عام ڪينٽين ۾ جتي پارليامينٽ جو عام ملازم ۽ چوڪيدار ماني کائيندو هو انهيَ ٽيبل تي ويهي ماني کائيندا هئا ،

    جڏهن 2012ع ۾ سينيٽ جي رڪنيت کان ريٽائر ٿيا ته پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳا ته سندن هٿ ۾ هڪ هينڊ ڪيري بيگ هئي پاڻ پنهنجي فرزند ناصر محمود کي چيائون پٽ شاهد رهجان ۽ آئون پنهنجي رب کي به شاهد ٿو بنايان ته جڏهن آئون هتي آيو هوس ته منهنجي هٿ ۾ ان وقت به فقط اهو ئي هڪ هينڊ ڪيري بيگ هئي ۽ هاڻي جڏهن هتان وڃان ٿو تڏهن به هڪ هينڊ ڪيري بيگ آهي ان وقت به منهنجي بيگ ۾ ڪپڙا هئا ۽ اڄ به منهنجي بيگ ۾ ڪپڙا آهن ، مون پيسہ نه بلڪ عزت ڪمائي آهي جنهن کي سمجهيس ان کي ضرور ڳالهايو منهنجا رب منهنجون ڪوتاهيون معاف فرماء ,
    اعليٰ ايوان ۾ اسلام، سنڌ، ۽ سنڌين لاءِ ڪجهه ڪري وڃڻ جو وچن ڪيو ۽ هن حقيقت ۾ اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ مسلسل 6 سالن تائين سنڌ جي حقن لاءِ ايوان بالا م گرجندو رهيو، ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو هو جو ايوان ۾ ڪو مولوي نه پر هڪ قومپرست اڳواڻ ڳالهائي رهيو هجي. ڪيترن ئي تجزيي نگارن جو سندس اعليٰ صلاحيتن کي ڏسي چوڻ هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڄائو هجي ها ته پنھنجي جماعت جي پليٽ فارم تان ضرور اتان جو وڏو وزير ٿئي ها،
    پاڻ سياسي خدمتن کانسواء فلاحي خدمتن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ هن وقت تائين پاڻ تقريباً 50جي قريب مختلف پسمانده علائقن ۾ مسجدون ٺهرايون ۽ تقريباً 150جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي پنهنجي احباب جي تعاون سان گهر به ٺهرايا ڏنا ، 2010ع جي ٻوڏ ۽ 2011ع جي برسات ۾ پاڻ تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ تقريباً هڪ لک جي قريب گهراڻن جي ڪفالت پنهنجي ذمي کنئي جيستائين ماروئڙا پنهنجي گهرن ڏانهن نه ويا ، پاڻ ان وقت تائين بي سهارا ماڻهن لاء بي چين رهيا ،
    ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي سنڌ لاء ڪيل جهدوجهد سنڌ هزار سالن تائين ياد رکندي ،
    ڊاڪٽر صاحب تي لڳ ڀڳ اڳ ۾ به 5 حملا ٿيا ، آخر ڪار پاڻ حق سچ جي جنگ وڙهندي سکر ۾ 29 نومبر 2014 جي صبح جو فجر جي نماز مهل 6 هين ٿيل حملي ۾ هو شهيد ٿي ويو ،
    سنڌ جا دشمن ائين نه سمجهن ته ڊاڪٽر صاحب کي شهيد ڪري اسان پنهنجو رستو خالي ڪري ڇڏيو ، سنڌ امڙ جي ڪک مان پيدا ٿيل هر سنڌي ڊاڪٽر خالد محمود بنجي ظالمن حڪمرانن کي للڪاريندو ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو