سپرمون Super-Moon ڇا آهي؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    رضوان گل

    سپرمون Super-Moon ڇا آهي؟؟

    اسانجي نظامِ شمسي ۾ جيڪي به گرهه آهن انهن کي پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ چنڊ آهن اهڙي ريت زمين کي به پنهنجو الڳ چنڊ آهي اهو چنڊ جنهن کي شاعر محبوب جي سونهن سندرتا سان به ڀيٽيندا رهيا آهن پر لطيف سائين وري ان ئي چنڊ جي سموري حسناڪي کي پنهنجي پرين جي مٽ ڀانئيو ئي نه:

    چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛
    ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
    مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.

    اسين اڪثر ”سپرمون“ بابت ٻڌندا رهندا آهيون ان جي سائنسي حقيقت ڇا آهي مختصر طور سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. چنڊ جي گرد پنهنجي بيضوي مدار ۾ چڪر هڻندي زمين کان پري ۽ ويجھو ٿيندو رهندو آهي جنهن سبب اسان کي چوڏهين جو چنڊ ڪڏهن وڏو ته ڪڏهن ننڍڙو نظر ايندو آهي. چنڊ جي زمين واري ويجھي ترين هنڌ کي حضيض قمر Perigee ۽ پري واري هنڌ کي Apogee چيو ويندو آهي.
    جڏهن چنڊ زمين جي تمام گھڻو ويجھو اچي ويندو آهي ته ان کي سپر مون يعنى وڏو چنڊ چيو ويندو آهي. هڪ ئي سال ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا به سپر مون يعنى وڏو چنڊ نظر اچي سگھي ٿو ان جو تازو مثال گذريل سال 2016 ۾ 3 ڀيرا سپر مون نظر آيو. اڄ کان لڳ ڀڳ 70 سال اڳ جنوري 1948 ۾ به گذريل سال جيترو وڏو چنڊ نظر آيو هو، چون ٿا اهڙو ئي تمام وڏو چنڊ ٻيهر 25 نومبر 2034ع ۾ نظر ايندو. فلڪيات جي ماهرن مطابق سپر مون عام چنڊ جي ڀيٽ ۾ 14 ڀيرا وڌيڪ ۽ تيز روشني ڏيندڙ هوندو آهي.
    عام حالتن ۾ چنڊ جو زمين کان مفاصلو 384400 ڪلوميٽر هوندو آهي پر جڏهن سپر مون نظر ايندو آهي ته اهو مفاصلو گھٽجي ٻه لک 26 هزار ڪلوميٽر به ٿي ويندو اهي ته ان کان گھٽ وڌ پڻ. اڄ رات به اسان وٽ سپر مون نظر اچي رهيو آهي جنهن جي روشني عام طور تي جيڪا چنڊ جي روشني هجي ٿي ان کان تمام گھڻي تيز آهي.
    چنڊ جي روشني ڀل ته ڪيڏي به چٽي ۽ تيز هجي پوءِ به لطيف سائين انهيءَ چنڊ کي ئي مخاطب ٿيندي اهو به چيو هو ته:

    چَنڊَ! تنهنجِي ذاتِ، پاڙيان نه پِرِيُنِ سين؛
    تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِھرا.

    چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِئين سينگارَ؛
    پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛
    جهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گذريل ڏينهن منجهند ڌاري ڪراچي کان نڪتم. رات جو ڳوٺ پهتم ۽ رات ڳوٺ گذاريم ... چنڊ ڪجهه وڌيڪ روشن، وڏو ۽ ويجهو لڳو ..... ان جو سبب اهوئي هيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو