ضراب حيدر فقير علي حسن جانوري جون مختصر وصفون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    سهڻي سنڌ ڌرتي سچن سپوتن ۽ حلالي پٽن سان سان ڀري پئي آ پر سچائي،ايمانداري،انسانيت ڌيانتداري هر انسان جي وجود ۾ ناهي هوندي ڪنهن ڪنهن ماڻھون جي اندر ۾ اهڙيون ڪيفتيون جنم وٺنديون آھن جيڪي کيس تخليڪاريء ۾ مختلف انداز ۾ ظاهر ٿينديون آھن اهڙي طرح ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري به اهڙن سچن سپوتن مان هڪ آهي جنهن ۾ ڪيترائي گڻ ۽ خاصيتون آھن هڪ باصلاحيت جاکوڙي ڪردار انسان دوست، ھمدرد، ايماندار،محبتي انسان ۽ جنهن جي مرڪڻ سان گلابن جا گل ٽڙي مهڪي پوندا آھن دشمن به دوست ٿي پون ٿا، فقير علي حسن جانوري هڪ پورهيت غلام قادر جانوري جي گهر ۾ 20سيپٽمبر تي اک کولي ان ٻار جو نالو علي حسن رکيو ويو باقي فقيري جو لڪب بيسهارا ۽ مسڪين ماڻھن طرفان ڏنو ويو ۽ مليل آھي ان کان پوءَ فقير جي نالي سان هن وقت به مشھور آھي ، فقير پرائيمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ منگواڻي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج ڪي اين شاھ ۾ تعليم حاصل ڪئي فقير جو ان وقت کان سماجي ڪم ڪرڻ ۽ انسان ذات جي مدد ڪرڻ جو ڀرپور شوق رهيو تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري نه ملڻ ڪري درزڪو ڪم ڪري پنهنجي والدين جي حوصلا افزائي ڪئي ان سان گڏوگڏ سوشل ورڪر طور پنهنجي تعلقي جي عوام لاءِ ڀلائي وارا ڪم ڪري پنهنجون سرگرميون سرانجام ڏيندو رهي ٿو هر ظلم جي خلاف مظلومن جو ساٿ ڏئي ظالمن خلاف آواز اٿارڻ ۾ اڳڀرو رهيو آھي جيسيتائين ڪنهن مسڪين جو ڪو تدارڪ نه ٿو ٿئي ان وقت تائين فقير علي حسن جانوري سک جو ساھ ناهي کڻدو اهي مسئلا کڻي شھر جي ماڻھن جا هجن ،ٻھراڙي جا هجن يا واري ڌاريو يا پري کان ڪهي آيل ٻاهريون ماڻھون هجي تڏھن به فقير ان مسئلي کي پنهنجو ذاتي مسئلو سمجهي جنگ جوٽيندو آھي فقير جي ٻي هڪ اهم خاصيت هي به آھي ته بي پهچ مسڪين مريضن کي رت عطيو طور وٺي ڏئي دعائون وٺندو رهي ٿو، شادي هجي يا غمي فقير هر وقت اتي شامل هجي ٿو، تعلقي جي روڊون ۽ آس پاس جي علائقن ۾ حادسا روز جو معمول بڻيل هجن ٿا روڊ حادسو ٿيڻ جي خبر پوڻ سان اتي به فقير پهچي انهن هي مدد ڪري انهن کي علاج ڪرائڻ لاءِ اسپتالن تائين پهچائيندو آھي،فقير جي دل ۽ دماغ ۾ هر وقت انسان ذات لاءَ
    ڪم ڪرڻ ۽ مددڪرڻ جا سوال اڀرن ٿا ۽ھر ماڻھون کي انسان ذات سان چڱائي ڪرڻ جا سبق ڏيندو رهي ٿو، مون جڏھن به فقير سان ڪچهري ڪئي ته ڪچهري جي شروعات پنهنجي کلڻ مسڪرائڻ سان ڪندو آھي ڳالهائڻ دوران فقير جو تڪيا ڪالام (صفا بادشاھ آھين يار)يا صرف لفظ لفظ ۾ (بادشاھ) چوندو رهندو آ فقير جي زبان ۾ ايڏي ته شيري آهي ڳالهائڻ وقت من موهي وجهندو آھي مون سميت ننڍا وڏا پجا پوڙھا سندس سان ڪچهريون ڪري منڊل مچائيندا آھن اهڙي سنڌ جي حلالي پٽ جو اڄ جنم ڏينهن آھي سندس دوستن ۽ عزيزن طرفان فقير سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽڻ جو پروگرام رٿيو زنده دل انسان حق ڇني وٺڻ وارو دلير دوست شال خوش رهي آمين
    Mobile:-03000368844
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو