ضراب حيدر ايس يو پي سنڌ مارچ پراڻيون يادگيريون ورجايون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    وادي مهراڻ سنڌ ڌرتي ۾ پيدا ٿيل شخصيتن جي تاريخ ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ عظيم ڏاها،محقق،سنڌ دوست،سنڌ سان محبت پيارڪندڙ
    ،سياستدانن سنڌ لاءَ جانن جا نظرانا ڏيندڙ ڪيترائي ماڻھون سنڌ جا حق گهرندي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ دُشمنن سان جنگ جوٽڻ وقت شھيد ٿي امر ٿي ويا،جيڪي هر ماڻھون جي دلن ۾ هن وقت به راڄ ڪري رهيا آھن جنهن سنڌ لاءِ تاريخ رقم ڪئي ڇو ته اهي ماڻھون هر دور ۾ سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ سان پيار جو ناتو نڀائيندا آيا ڇو ته سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آھي سنڌ جا سٻاجهڙا ماڻھون محبتي ۽ مهمان نواز آھن، سنڌ جي حلالي پُٽن هميشه سنڌ جي دشمنن خلاف هروقت ڏونگر وانگي مظبوط ٿي جوش جذبي سان سينو تاڻي دُشمنن سان مهاڏو اٽڪائي اک اک سان ملائي للڪاريو. جهڙي ريت جي ايم سعيد سنڌ دشمنن خلاف ترت اُٿي کڙو ٿيندا هئا ايئن ئي محترم بشير خان قريشي سندس جي پيروي ڪندي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ خلاف غلط پروپڳنڊا ڪرڻ انتها پسندي،شرپسندي، ۽ ڪراچي شھر ۾ سرعام خونريزي جي روڪٿام لاءِ سنڌ امن ريلي جي اڳواڻي ڪري لکين ماڻھن جي قافلي سان اهو ثابت ڪري ڏسيو ته اسان سنڌي سنڌ جا حلالي پُٽ ئي اصل وارث آھيون دهشگردي خونريزي نا منظورآھي، ۽سنڌ اسان سنڌين جي جاگير آھي جيڪا امن جي ڌرتي آھي. اُنکان علاوه تازو آچر واري ڏينهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ۽سندس ڪارڪنن ، ڪرپشن،مذھبي انتهاپسندي جي آڙ وٺي ماڻهن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ، بلاجواز قومي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪري سندس جي مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي خلاف تاريخي سنڌ مارچ ريلي جهر جهنگ مان نڪري لکين ماڻھن جي تعداد ۾ ڪراچي پهچڻ سان ڪارڪنن جو سمنڊ اُٿلي پيو لکين ماڻھن سنڌ سان ۽ ايس يو پي اڳواڻ سعيد جلال محمود شاھ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ثابت ڪيو ته اسان سنڌ جا ڌڻي زنده قوم آھيون اسان مذھبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف آھيون، ۽ امن جي مڪمل بحالي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ سان سنڌ ۾ دهشگردي ختم ٿي سگهي ٿي. رپورٽ مطابق ايس يو پي چيئرمين سعيد جلال محمود شاھ چيو ته مذھبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏي جيڪا سنڌ ۾ ناسور بڻجي چڪي آھي جنهن جي خاتمي لاءِسڀني کي نڪرڻون پوندو ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته کنڀيل ڪارڪنن کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ جيڪي فيصلا دهشتگردي جي خاتمي بابت ڪيا ويا هئا انهن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آندو وڃي، نواز ليگ صرف پنجاب کي پاڪستان سمجهي ٿي جيڪو سراسر غلط عمل آھي.پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سندس جي ماڻھن کي حق ڏيارڻ لاءَ سعيد جلال محمود شاھ ڪوششون تيز ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي ۽ بنا ڪنهن خوف جي سنڌ جي دُشمنن کي للڪاري اهو ثابت ڪيو ته ڪنهن جا غلام يا وري ڪنهن جا خريد ٿيل نه آھيون، امن جا راهي سنڌ جا حلالي پٽ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي اهو ثابت ڪيو ته اسان دهشتگردي، شرپسندي ۽ ڪرپشن جي خلاف آھيون، سنڌ مارچ ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن جو جوش جذبو ڏسي دل ۾ جيئڻ جو نئون حوصلو پيدا ٿيو اگر اسان سڀني سنڌين ۾ اهڙو جذبو پيدا ٿي پوي سڀ پارٽيون ذاتي مفادپرستي کو پوئتي ڌِڪي هڪ ٿي وڃن ته اسان جا حق ڪير به ڦٻائي نه ٿو سگهي ۽ اسان پنهنجا حق وقت سر وٺي سنڌ امڙ کي سينگاري دُشمنن کي ڏيکاريون ته اسان امن پرست ۽ سنڌ دوست آھيون...
    حميدشڪيل
    ڪي اين شاھ
    Mobile:-03000368844
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو