ضراب حيدر وائيس آف يوٿ ڪي اين شاھ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    نئين جوش جذبي ۽ انسانيت جي هِڪ راھ هموار۽ تاريخي قردارن ۾ ڪي اين شاھ شھر جي ماڻھن جو ڳاٽ اونچو ڪرڻ لاءِ سرگرم نوجوان نئي ولولي سان تعليم کي عام ڪرڻ ، بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ،معصوم ٻارڙن جي تدريسي ميدان کي سينگارڻ ۽ دنيا اڳيان پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿي رهيا آھن جنهن ۾ صاف شفاف نموني سان ھي تنظيم غيرسياسي ۽ غيرمذھبي آھي نه وري ڪنهن لالچ لوڀ جي،بنا ڪنهن فرق جي تعليم جي شعور کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم آھن، جنهن ۾ ڪي اين شاھ جي باشعور ۽ با اخلاق نوجوانن پُٺ تي پيل تعيلمي ادارن ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي واڌ ويجھ لاءِ '''وائيس آف يوٿ''' جو بنياد رکي نئي تنظيم سازي جي افتطاح ڪري ڪي اين شاھ شھر جي نالي کي بلند ڪرڻ لاءِ هڪ نئين تاريخ رقم ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي جنهن سان نوجوانن ۽ ٻارڙن جي والدين۾ خوشي جي هڪ نئين لهر پيدا ٿي تعليم انسان جي ٽين اک آھي علم پرائڻ سان ئي عقل ۾ اظافو ٿيندو آھي ، پُٺ تي پيل ڪجھ علائقن ۾ تعليم جي بروقت کان شعور نه هجڻ ڪري نوجوان نسل تباهي ڪناري پهچي ٿو اهو سمورو اثر سنڌ امڙ مٿان ڪڙڪي ٿو پوي، ڏٺو وڃي ته '''وائيس آف يوٿ''' تنظيم جي نوجوانن زبردست فيصلو ڪري سچو هئڻ جو ثبوت ڏنو جهنگ جهر،ڳوٺ ڳوٺ، ۽ گهر گهر تعليم کي عام ڪري انسان ذات ۽ ملڪ توڙي صوبي جو مستقبل روشن ڪري اذلي اونداھ ۾ ڌڪيل عوام کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ وچن ڪري ڇڏيو، بند پيل اسڪول کولرائڻ،اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد گهڻون هجڻ ٽيچرس نه هئڻ جي برابر، ڪيترن ئي علائقن ۾ اسڪولن جو نه هجڻ ڪري کُليل آسمان ۽ تپيل زمين تي ويهي پڙھڻ وارن ٻارن کي اسڪول ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ، هر هفتي مختلف اسڪولن ۾ ڪوئيز ڪامپيٽشن ڪرائڻ ۽ ٻارڙن ۾ گفٽ ۽ انعام ورهائڻ، ٽيچرس کي ٽائيم تي اسڪول پهچڻ لاءِ آماده ڪرڻ ، سٺي تعليم سان گڏ سٺي تربيت ڏيڻ،والدين طرفان ٻارڙن کي وقت سر اسڪول موڪلڻ ۽ ڊيلي وڃڻ جي تلقين ڪرڻ لاءِ مورال بلند ڪري چيلھ سان سندرو ٻڌي ڇڏيو، اهڙي سوچ اگر هر انسان جي هجي ۽ ھر ماڻھون اهڙو بهترين عملي ڪم ڪري ته مان سمجهان ٿو اسان خوشحال پاڪستان ۽ انسانيت واري زندگي گذاري سگهون ٿا جنهن ملڪ ۾ تعليم جي ڪوتاهي آھي ته اهو ملڪ ۽ ان ملڪ جا ماڻھون تعليم حاصل ڪرڻ کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهن سنڌ سرڪار ۽ اين جي اوز، نجي ادارن وارا، بلڊرز گروپ ۽ وس وارا توڙي با صلاحيت نوجوان اڳتي نڪري اچي هن تنظيم
    '''وائيس آف يوٿ''' جي حوصلا افزائي ڪري هن تنظيم جون جڙون مظبوط ڪيون وڃن،تعليمي ادارن مان ڪميون ڪوتاهيون ختم ڪرائي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائن ته جيئن سنڌ ۾ تعليم جو ٻُڏل ٻيڙو تري پوي!!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو