نئين سال 2018 جي آمد تي ڪهڙي خوشي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ مدهوش مير انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2017۔

  1. مدهوش مير انصاري

    مدهوش مير انصاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    منافقط کان وڌيڪ ٻيو ڌندو ڪهڙو هن دور ۾
    نئين سال جي آمد ٿي رهي آهي، هر ڪو ماڻهو نئين سال لاء نئيون سوچيون رٿيون ويٺو آهي، ته نئين سال ۾ اسان لاء نئوان سج، اڀرندا نئيون خوشيون ملنديون، نئين سال ۾ رڳو ڪلينڊر ئي نه ٿا بدلجن پر ڊائريون به بدلجن ٿيون جن ۾ اسان پنهنجي ڏکن سورن صدمن خوشين جون خبرون، ڏکن جا نوحا، لکيل هوندا آهن، نئين سال جي آمد تي ماڻهو ڊائريون ته بدلائيندا آهن، پر انهن ڊائرين ۾ سالن جا سور صدما پراڻيون يادون دفن ٿيل هونديون آهن، سال بدلجندا رهندا صديون گذرنديون رهنديون پر انهن ڊائرين جي ورقن تي ٻڌل سورن جو صفون ڪڏهن به سجدي جو رخ نه ٿيون وٺي سگهن، ڊائرين جي انهن ورقن ۾ سانڊيل يادون ذهنن جي قيد خاني مان ڪڏهن به آزاد نه ٿي سگهنديون، سال بدلجندا رهندا صديون گذرنديون رهنديون هر ڪا نئين ڊائري به نيٺ پراڻي ٿيندي رهندي پر انهن ڊائرين جي صفي صفي تي گرم ڳوڙهن جي قطارن سان لکيل سورن جون سورتون ۽ ڏکن جي نوحن جو لفظ لفظ جڏهن به پڙهيو ويندو، تڏهن ان سال کي به ان سڏڪن واري صليب تي لٽڪيل پنهنجو وجود ملندو، صحراء جهڙي گرم ريت تي تڙپيل پنهنجو وجود ملندو، جڏهن به ڪنهن نئين سال جي آمد تي پراڻي ڊائري جا پنا ڦلهوربا تڏهن اهو ماڻهو سوچن جي سمنڊ ۾ ضرور گوتا کائي تڙبي تڙبي اذيت ناڪ موت جي ننڍ ۾ پاڻ کي آرامي محسوس ڪندو ــــ هن سال جي سج واري ڊائري جي ڪوري ڪاغذن تي جن ماڻهن پنهنجا ڏک درد سورن سان پنا ڀري ڇڏيا، اهي ڊائريون به بند ٿي وينديو، پر اسان جي زندگي جا حقيقي ڏک سور به انهن ڪلينڊرن جيان هجن هاته ڪيترو نه بهتر ٿئي ها پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي سنڌ جي انهن ماروئڙن جا ان سج کي ڪئين الوداع ڪيو هوندو، جنهن جون جهوليون رڳو ڏکن سورن صدمن آهون ۽ اذيتن سان ڀريل هجن جن امڙين جي ڳلن تان رڳو ڳوڙا ڳڙهندا هجن ڀلا اهي ڪهڙيون معيارون ڏئي هن سال جي سج کي الوداع ڪنديون، هزارين سال ايندا ۽ ويندا رهيا پر انهن سجن جيڪي انهن سورن تي پنهنجي روشني جا ڪرڻا ڇڏيا آهن، اهي ڊائري جي ورقن تان ته لهي سگهن ٿا پر اهي دل جي ڪتب خاني ۾ رکيل ريگستان جي رڄ جهڙي جلد واري ڊائري تان ڪڏهن به لهي نه ٿا سگهن، سو ان لاء ڀلي هر ڪو گهر جي ڀتين تي چراغا ٻاري نئين سال جي سج جي آمد تي ڀلي سج جي سلامي ڀرين پر ـ اسان نئين سال جي آمد تي ڪا به تياري نه ڪئي آهي مون لاء ڪو به نئون سال ناهي مون سال جي آمد تي ڪا به ريٿ نه جوڙي آهي، ته ڪو مان نئين سال جي آمد تي بتيون بجليون ٻاري نئين سال جي آمد تي هن سال جي اڀرندڙ سج کي خوشي وچان سلامي ڀريندس نه نه ڪتئي نه، پر ها مان سال جي آخري اڌ ڪپيل سج کي سڄي سال جو سفر ڪندڙ ٿڪيل سج جيان ڪل ڪائينات کي الوداع ڪري پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي ڏسي ان سج ڏانهن وڏي گهرائي سان نهاريندس سوچ جي سمنڊ ۾ بيهي ان اڌ ڪپيل سج کي ڪڪرن جي نقاب ۾ ڳاڙهي لال لالاڻ ۾ لهندي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندس ته هن سج مون لاء ڪا به روشني نه ڪئي اڄ هن سج جي وڃڻ تي مان خوشي ڪيان يا ڏکن جي صليب تي لٽڪيل پنهنجي وجود تي هن سج جي خوشي جا ڪرڻا ڳولهيان ائين ته ٿي نه ٿو سگهي، هن سج ته روشني جا سڀ حق پاڻ وٽ رکيا آهن پر اسان لاء هن ڪڏهن به روشني نه ڪئي آهي،هن سج جي لهندڙ آخري پساهن تائين هن سج جي وجود تي اسان جي ڏکن جا نشان رهندا، ــــ ڪو به نئون سج ڪو نه اڀرندو هي سج ساڳيا هوندا سال پيا مٺبا ڪڏهن به نئون سج يا نئون چنڊ نه اڀرندو، هن سج صدين کان اولهه ۽ اوڀر جو سفر ڪيو آهي، هي اهو ساڳيو ئي سج آهي جيڪو، “پيو لهندو ۽ ڇڙهندو” هي سج ڪيترو به پر اثر روشن ٿي پوي پوء به هي سج محبتن امن آشنا اونداهه زندگي ۾ ڪڏهن به روشني نه ٿو ڪري سگهي هي سج ته مونکي چنڊ جو به قاتل ٿو لڳي، هن سج سان صدين جا اولڙا عڪس ويڇا وڇوٽيون ڏک سور صدما آهون اڌما جوڙيل آهن، هي سج اندر جي عبادتگاهن جا وسايل ڏيئا ڪڏهن به روشن نه ٿو ڪري سگهي، ها هي اهو ساڳيو ئي سج آهي، جنهن عمرڪوٽ جي الله والا چوڪ تي معصوم درشنا بجير جو انگ اگهاڙو لاش ڏٺو، پر خاموش رهيو،ها هي اهو ساڳيو ئي سج آهي جنهن ڪراچي کان ڪارونجهر تائين ڪيترن ئي نوجوانن جي لاشن تي پنهنجي روشني جا ڪرڻا ته اڇلايا، پر ڪڏهن به انهن نوجوانن جي گهرن جون وسايل چلهيون روشن ڪري سگهيو، ها هي اهو ساڳيو ئي سج آهي جنهن سڄو ڏينهن آسمان جي بلندين تي پــرواز ڪندي شام جو پنهنجي باهه جهڙي تاب کي لال لالاڻ ڪندي شام جو جو اولهه جي آڙاهه ۾ آرام گاهه ٿيڻ وقت به مزدوري تان موٽندڙ بيگناهه مزدور کي ڌاڙيل قرار ڏئي ماريندڙ اهلڪارن کي ڏسي به خاموش تماشي بڻجي مسڪرائي ڪڪرن جو نقاب پائي پنهنجي لالاڻ ۾ ڪنوار وانگر پاڻ لڪائي گم ٿي ويو، وري اهو ساڳيو ئي سج جڏهن پنهنجي رستي تان ايندي معصوم چنڊ جي حسين ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺي سانوري ڪلر جهڙي روشني کي مرجهائي پنهنجي ڏاڍ جبر جا تير ڀالا کڻي ان روشني کي چيريندو ٻاهر نڪري آيو، ته انهن امڙين کي اهو دلاسو ڏئي روشني رکي ته اوهان جي ڪک مان جنم وٺندڙ روشنين کي اوهان لاء تاحيات روشن رکندس، ان سال جي سج انهن 132 جهولين کي اهڙو تاب رسايو جو سالن جا سج چنڊ تارا گڏجي ڪري به آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي واري تاب ڏنل انداهين زندگين کي روشن نه ٿا ڪري سگهن، ها هي اهو ساڳو ئي سج آهي، جيڪو ڪربلا جي ميدان تي انهن شهيدن جو عيني گواهه ۽ بي رحم امين آهي، ها هي اهو ساڳيوئي سج آهي جنهن مان صرف انتظار، اوسيئڙا، سڏڪا ڳوڙا ئي ملي سگهن ٿا، هن سج اول کان آخر تائين بلندين جي بادشاهي تي پرواز ڪيو آهي هن سج کي ڌرتي تي رهندڙ درد ئي دل جي ڪهڙي سـڌ آهي، ها هي اهو سج آهي جنهن پنهنجي ڀانور ڏاڍ جبر ڏيکاري ڪڪرن هوائن کي چيري به پنهنجو اثر اثوق ڏاڍ ۽ هٽ کي قائم رکيو آهي هر دور ۾ هر وقت ۾ هن سج پنهنجي راح نه مٽي آهي هن سج ڪڏهن به پنهنجو ٽائيم نه بدلايو آهي هن سج سان منهنجو ٺاهه ناهي هن سج جي روشني تي پلجندڙ هن سج جا پوڃاري ڀلي هن سج جون سلاميون ڀرين پر مان هن سج کي سلامي نه ڪندس مان هن سج جو ڪٽر مخالف آهيان ۽ رهندس هر دور ۾ هن سج مظلومن سان ظلم ڪيا اهن ڪڏهن فرعون جي روپ ۾ ڪڏهن يزيد جي روپ ۾ “ڪڏهن حڪومتي ويس پائي پنهنجي پاڪستاني ديس ۾” هن سج سدائين ظلم ڪيا آهن،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو