سنيل مڇي. خالص بوبڪ جو ڊش

'رڌ پچاء' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنيل مڇي. خالص بوبڪ جو ڊش

    شبير احمد قريشي

    منڇر جو ڪرڙو[​IMG] مڇي تازي نڪتل خوبصورتي سان پيٽان ڪٽي صاف ڪري ٻه اڌ ٿيل وچ ۾ دنگ لڳل، منڍي سميت ٻئي لائو ۽ ڪانڊو پاسو تنهن ۾ ڪچو مصاله (سائي ٿوم، ميٿي، ساوا ڌاڻا، مرچ سائو، سڪا ڏاڙهون) اُکري مُهري ۾ ڪٽي ملائي، صاف ٿيل مڇي جي سڄي پيٽ ۽ سنڌن ۾ خوب ڀرجي. ٻئي پڙ ملائي سالم مڇي کي ڌاڳن سان جينئن ريشمي ڪباب ويڙهبا آهن ٻڌجي.
    هاڻي رهيو باگھُ.........[​IMG]
    ته ادل لوڙه، بيھ، ڳاڙهيون گجرون صرف هڪ پٽاٽو ٻارن لاء.......
    ضرورت موجب ڪَٽي صاف ڪري رکجن.
    ٺڪر جي وڏي ڪنيءَ جي تر ۾ هيٺان ضرورت آهر سچو گيھ، اهو سڄو باگھُ ۽ پاڻي حسب ذائقہ لوڻ يا مرچ وجهي باڳھ جي مٿان ڪڻڪ جون ڊگهيون تيليون رکي ان جي مٿان مڇي اهڙي طرح رکجي جو اها صرف ٻاڦ تي تيار ٿئي. هاڻي ڪاٺين ۽ ڇيڻي جو هلڪو ٻارڻ ٻارجي چلھ تي ڪني رکي ڇڏي ڏجي.اٽڪل 40 منٽن کان پوءِ ان کي لاهي ڍڪڻ هٽائجي. اوهان ڏسندا ته مڇي به اٻري وئي هوندي.پاڻيءَ ۾ پيل بيھ لوڙه گجرون به ڳري ويون هونديون. لذيذ اڇي اڇي اٻاريل مصالحو لڳل مڇي تيار هوندي. مڇي سڄي ڪڍي ڌاڳا کولي هڪ ٽري ۾ رکو باقي باگھ رسُ سميت ڪنهن الڳ پيالي ۾ رکو. چانورن جي مانيءَ سان نوش فرمايو.[​IMG]
    هي ته ٿيو اصل نسخو جنهن تحت امڙ مرحومه بوبڪ ۾ اسان کي بهترين لذيذ مڇي رڌي ڏيندي هئي. هاڻي هن هنر ۾ ڪجهه تبديلي آئي آهي، سائي ٿوم جي جاءِ تي، ديسي ٿوم پوي ٿي. سچو گيھ ويو تيل آيو، ڪڻڪ جي تيلين جي جاءِ تي اسٽيل جو ٺهيل ٺڪيل اسٽينڊ ملي ٿو جو ديڳڙي ۾ وجهي ڪا به چيز اوٻاري تي تيار ڪري سگهجي ٿي. ٽيو ته ڪاٺي ڇيڻي جي باھ بجاءِ گيس چلهو اچي ويو آهي[​IMG]ڇوٿون ته اڄڪلهه جي جديد ضائفان کان ايتري ڊيگهه ڪان ٿي پڄي. پنجين اصل ڳالھ ته اسان جا شهري ٻار فارمي ڪڪڙ[​IMG] بيدي تي ايترو ته هريا آهن جو ڀاڄي يا مڇي جي ويجهو به ڪونه آهن. شهري پاڙيسري مهاجر هجن يا پنجابي مڇي جي صرف هڪ ڊش مان واقف آهن *مڇي فرائي*
    کين گوشت مان ٺهندڙ انيڪ ڊش ياد آهن.
    مان جڏهن کين چوندو آهيان ته اسين سنڌي مڇي مان ٻارهن مختلف قسم جا ڊش ٺاهيندا آهيون ته کين اعتبار ئي ڪونه اچي.
    ڳوٺان پکي (آڙي)[​IMG]️ اچي ته ٻار ڪونه کائين. اصل ۾ تقريبا 30 سال ٿيا آهن ڳوٺ ڇڏي، هتي فارمي چيزون کائي پاڻ به فارمي ٿي ويا آهن ، برگر ۽ چپس سندن خوراڪ.... لسي، ساڳ، جوئر، ٻاجهر کان واقف ئي ڪونهن.
    ڪالھ گهر ۾ سنيل مڇي ڪرايم ڪن اورتي ڪيو. *رڳو مون ۽ منهنجي گهر واري کاڌي باقي ٻين پٽاٽا تري کاڌا.*
    ابل اصل توبہ.
    بابا مرحوم چوهڙ پور (ماهوٽا) لاڙڪاڻي ويجهو ۾ ٽيچر هئا. اتي شيخ صاحبان، ڀٽه يا سرائي جيڪي بابا جا شاگرد هئا مٺي پاڻيءَ جي مڇي ساڳي طرح رڌيندا هئا پر هيٺ پالڪ وجهندا هئا.ڏاڍو لذيذ ڊش هو.
    مان مهاجرن سان مڇي جي 12 ڊشن جي ڊاڙ ته ھڻي ويٺس پر جي تفصيل پڇن ته شايد فيل ٿي ويندس. جيڪي مڇيءَ جا ڊش مون کاڌا ۽ ياد آهن... .....
    مڇِي جو پلاه.
    مڇي ۾ هيڊ مليل لاڙي چانور.
    مڇي ۾ ٿوم جي داغ سان ڪارن مرچن ۾ ٻوڙ.
    مڇِيءَ ۾ بصر جي داغ سان ڳاڙهو ٻوڙ.
    مڇي فرائي جيڪا حيدرآباد ۾ فش پوائنٽ تي ملي ٿي.
    مڇي جا ڪوفته.
    مڇي جا ڪباب.
    سنيل مڇي.
    اٻريل مڇي.
    مڇي جا فنگر چپس.
    مڇي جو حلوہ. (هڪ امير جي شادي ۾ کاڌم اعتبار ئي نه پيو اچي).
    اڃا به الائي ڪيترا طريقا هوندا مڇي ٺاهڻ جا. [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو