عبد الرسول دربان خاصخيلي جي ڪتاب الله ڏاهي مَ ٿيان ۾ ڏاهپ جون ڳالهيون…

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2017۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    الله ڏاهي م ٿيان ۾ ڏاهپ جون ڳالهيون-

    تبصرو ڪندڙ: محمد طارق مهيسر

    تحقيق ۽ تنقيد ٻه الڳ الڳ موضوع آهن. تحقيق ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڪم آهي، تحقيق تمام وڏن وڏن مفڪرن به ڪئي آھي جن جي مڃتا اڄ تائين انهن کي ملندي رهندي آهي. ۽ تنقيد وري تمام اڻانگو ڪم آھي ڇاڪاڻ ته هن معاشري ۾ تنقيد ڪندڙ يا تنقيد لکندڙ کي تمام بري نظر سان ڏٺو ٿو وڃي. جنهن کي ائين کڻي چئجي ته سهپ جو مادو اسان وٽ تمام گهٽ آهي، جنهن ڪري تنقيد کي ڪير برداشت نٿو ڪري. اهو انڪري نٿو ڪري جو اسان کي صرف واھ واھ ڪرڻ جي عادت آهي. تحقيق ۽ تنقيد جي باري ۾ علم دوست ادبي سنگت جو مرڪزي چيئرمين ۽ نامور نقاد علامه حزب الله آء سومرو لکي ٿو ته ” تحقيق اڻانگو ڪم پر تنقيد وري جيء جو جوکو، نه شاعر سهن نه وري ليکڪ سهن. ڪتابن جي عرق ريزي حد کان وڌيڪ ڪا ڳالھ ثابت ڪرڻ يا ڪنهن ڳالھ کي رد ڪرڻ سولو ڪم آھي ڇا؟ دربان خاصخيلي جي انداز تحقيق ۽ پنهنجي انداز تحقيق ۾ گهڻي مماثلت ڀائيندو آهيان خاص ڪري اختصار، تاريخي، تحقيقي ۽ تنقيدي حوالن ڏيڻ جي حوالي کان هو منهنجي گهڻو ويجهو آهي“
    اهڙي ماحول ۾ نامياري ليکڪ عبد الرسول دربان خاصخيلي جو تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل ڪتاب الله ڏاهي م ٿيان شايع ڪيو ويو آھي. هن ڪتاب ۾ استاد عبدالرسول دربان خاصخيلي جا اهي مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي هن مختلف وقتن تي سنڌي ٻولي جي تمام وڏين اخبارن ۾ لکيا آھن. تحقيق لاء سندس ڪيل ڪم نرالو آهي، جنهن لاء تمام گهڻي مطالعي جي ضرورت پوي ٿي ۽ انهي کي هر پاسي کان دليلن سان ثابت ڪرڻو هوندو آهي جيڪو استاد دربان ڪيو آھي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪجھ مضمونن جا ٽائيٽل هيٺ ڏجن ٿا.

    ÷ ڪلهوڙن جي تاريخ ۽ موجوده تضاد
    ÷ ٽالپرن جو دور ڪيڏانهن ويو
    ÷ ڏجي جو دور ۽ ڪجھ مبالغه آرايون
    ÷ ڪٿي پلاسي ۽ ڪٿي پاڻي پٽ
    ÷ هنگورجا شهر بابت ڪجھ حقيقتون
    ÷ حضرت لونگ فقير لوڙهي وارو
    ÷ کجي عربن کان اڳ به سنڌ ۾ موجود هئي
    ÷ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي تاريخ جي آئيني ۾
    سنڌ ۾ فصل ساڙڻ جي شروعات ڪڏهن ٿي؟
    ÷ کجي ڌاريو وڻ يا ديسي
    ÷ سيهواڻي سرڪار اول مڪران آيا يا ملتان؟
    ÷ ڪاهوء جي دڙي جي کوٽائي ڪنهن ڪرائي
    ÷ علم اڻ کٽ آھي
    ÷ سٺئي واھ جو منهن اصل ڪٿان هو؟
    ÷ شاھ نصير ڪير هو؟
    ÷ ميڊيا ۾ لفظن جون صورطون نه بگاڙيون وڃن
    ÷ ڇا گارگند به اسانجو ڪلچر آهي.
    تاريخ جي بيان جي غلطي هجي يا نالي جي غلطي هجي يا ڪافي ساريون اهڙي قسم جون ٻيون غلطيون هجن ، جتي به استاد عبدالرسول دربان خاصخيلي جي نظر مان گزريون آهن. انهن تي پاڻ تحقيق ڪري انهن کي صحيح معني ۽ مفهوم سان عوام آڏو آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هي تمام سھڻو ڪتاب اسانجي لاء رهنمائي آهي. 64 صفحن تي مشتمل هن خوبصورت ڪتاب جي مواد بابت نامور اديب ۽ شاعر ڪوثر ٻرڙو لکي ٿو ته ”دربان جو هي ڪتاب جنهن جو نالو الله ڏاهي م ٿيان هڪ گهڻ موضوعاتي ۽ گهڻ رخو ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ صحافت جي اعتبار سان هي ڪو ايڏو وڏو ڪتاب ڪونهي پر معيار جي اعتبار کان يقينن هي هڪ نه رڳو وڏو پر تمام وڏو ڪتاب چئي سگهجي ٿو“
    بهترين ۽ وڻندڙ ڊزائن واري هن ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل نامور اديب صنم سنڌو ڀنڀرو لکيو آهي. علم دوست ادبي سنگت پاران هي ڪتاب شايع ڪرايو ويو آهي جنهن جي قيمت 100 روپيه رکي وئي آهي.
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو