تعليم جي سڌاري لا۽ ڪجھ تجويزون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    جڏهن بہ ڪنهن معاشري ۾ قائم ٿيل اصول يا ضابطہ جن تحت اُهو معاشرو پنهنجي بقا کي يقيني بڻائيندو آهي، اُهي فرسوده بڻجي وڃن يا بڻجندي نظر اچن تہ پو۽ اُتان جي هر پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد تي اهو لازمن زمينداري عائد ٿئي ٿي تہ ان معاشري ۾ واقع ٿيل انهن فرسوده ۽ غير معياري اصولن جي نشاندهي ڪري ۽ سندن ناڪاره بنجڻ جا سبب ڳولي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ناڪاره بنجڻ ڪري ان معاشري کي جيڪي نقصان لائق ٿيڻ وارا هجن انهن کان بہ کين آگاهي فراهم ڪري، علم جو مقصد روشني حاصل ڪرڻ آهي روشني جي هود سوند ۾ اگر ڪو فرد اونداهين جي گهيري ۾ خاموش سڪونيت حاصل ڪري ويٺو هجي تہ ان کي سندس ناداني جي انتها نہ چئجي تہ ڀلا ڇا چئجي، اهڙي علم حاصل ڪرڻ جو مقصد ئي ڪهڙو جيڪو علم انسان کي پنهنجي بنيادي حقن جي خبر رکڻ کان محروم رکي يا انهن جي حاصلات لا۽ ڪو مناسب راه فراهم نہ ڪري سگهي، سالن جا سال هڪ ئي پارٽي جا سرگرم ڪارڪن رهي ڪري بہ اگر ڪنهن ماڻهو جا ڪي هلڪا ڦلڪا مسئلا بہ حل نه ٿو ڪرائي سگهي تہ کيس اهو چٽي نموني سمجهڻ گهرجي تہ سندس اهميت هاڻ ڪا بہ نہ رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ان فرد کي پنهنجي اردگرد جي ماحول جو چڱي طرح جائزو وٺڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي تہ انهن اسان کي اڄ تائين ڇا ڏنو آهي جن جي ڪري اليڪشنن ۾ ٽاڪ منجهند جو اسان پنهنجا ٻچا گرمين ۾ دربدر ڪري قطارنن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري کين ووٽ ڏيو ٿا، ان لا۽ وقت سر پنهنجيون اکيون کيس کولڻ گهرجن، پنهنجي اولاد، پنهنجي خاندان، پنهنجي شهر ۽ پنهنجي قوم سان هاڻ کيس سچو ٿيڻ کپي، تاريخ هميشه انهن ئي ڪردارن کي ياد ڪندي آهي جيڪي پنهنجي حقن جي حاصلات لا۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ۽ پنهنجي وسئو ڪي نہ گهٽائيندا آهن دنيا هر روز ترقي جا ڏاڪا چڙهندي اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان هر روز پستين ۾ ڪرندا ٿا وڃئو،اسان لا۽ بدحالي بيروزگاري ۽ بد امني هر روز وڌنڌي ٿي وڃي، ترقي جا راه اسان لا۽ تنگ ڪيا پيا وڃن، ڊگرين جا ڍير هوندي سوندي بہ اسان جا نوجوان بيروزگاري جي بلا کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان وٽ علم، صحت توڙي تحفظ فراهم ڪندڙ ادرا عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا ٿا وڃن، غريب جو ٻار اڄ بہ ڪاٺ جي پٽي ۽ سليٽ تي الف اک ۽ ب بلا پڙهي رهيو آهي ۽ کيس اهو ماحول بہ فراهم نٿو ڪيو وڃي جنهن ماحول ۾ هو الف واري اک جي ايناٽامي سمجهي سگهي ۽ ب بلا جي حرف کان مڪمل واقفيت حاصل ڪري سگهي، غريب جو ٻار اڄ بہ ڦاٽل ڪپڙن ساڻ پير اگاڙي اسڪول وڃي ٿو، غريب کي اڄ بہ اسپتالن ۾ پاڻي جي سُئي هڻي شفا جي آسري تي خيراتي طور ڪي ٻہ ٽي ٽيبليٽ ڏئي ڪري ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڪندا آهن، بدقسمتي سان اسان ان معاشري جا فرد ٿي پيا آهيون جنهن معاشري ۾ تبصره تہ گهڻا ئي ڪيا ويندا آهن پر عملي قدم کڻڻ کان هر ڪو ڪيٻائيندو آهي، هر ڪنهن جي اندر ۾ هڪ خوف ويٺل هوندو آهي جيڪو سندس صلاحيتن تي ايترو تہ حاوي بڻيو ويٺو هوندو آهي جو کيس ڪڇڻ ۽ لُڇڻ کان روڪي رکندو آهي، علم تہ دليري جو ثبوت هوندو آهي علم جي هوندي سوندي اگر ڪو خوف ۾ مبتلا هجي تہ پو۽ سندس علم کي ڪهڙو ناؤن ڏجي، اهڙي علم رکندڙ فرد کان اهو لاعلم فرد بهتر ليکيو ويندو جيڪو علم جي روشني کان بي خبر هوندي اونداهي کان نڪرڻ جي مزاحمت تہ ڪري ٿو، هر روز مختلف اخبارن ۾ تعليم جي سڌاري لا۽ انيڪ ڪالم پڙهڻ لا۽ ملن ٿا، جن ۾ تعليم جي ڪريل معيار کي بهتر بنائڻ لا۽ انيڪ صلاحون ۽ تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيون، اڪثر ڪالمن ۾ تعليم جي تباه ڪاري تي ڳالهايو ويندو آهي حالاڪ اِهو اسان جو الميو بڻجي چڪو آهي جو اسان مسلئن جي حل بدران مسلئن تي ڳالهائڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏيندا آهيون جنهن سبب اسان جو معاشرو ترقي کان ڪوه ڏور پري آهي، اگرچہ مسئلن تي تبصري ڪرڻ جي بدران هر اهل علم انهن مسلئن جي حل تي غور فڪر ڪري انهن جي مناسب ۽ ترت حل لا۽ ڪي ڪارڳر تجويزون پيش ڪري تہ يقينن اسان جي تعليم کاتي ۾ موجوده مسئلا ۽ مونجهارا جلد حل ٿي ويندا، بحصيت مستقبل جي استاد جي مون وٽ بہ تعليم جي موجوده مسئلن جا ڪجھ مناسب حل ۽ تجويز آهن جيڪي آءُ اوهان جي نظر ڪريان پيون.

    تعليم کاتي جي شعبي ۾ جيستائين نجي اسڪولن جي ڪاروبار کي تي بندش نہ وڌي ويندي تيستائين اسان وٽ بنيادي تعليم جو معيار ڪو نہ سڌري سگهندو، نجي اسڪولن جي ڄار، سرڪاري اسڪولن جي معيار کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ان جو سبب اِهو آهي تہ سرڪاري اسڪول اعلي تعليمي معيارن کان وانجهايل هئا جنهن سبب سندس بجيٽ گهٽ هجڻ آهي ان جي برعڪس نجي اسڪولن ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿوري ٿڪي تعليمي معيار قائم ڪري ان کان پو۽ اُتي خرچ ڪيل رقم کي ڳرين فيسن جي عيوض شاگرد کان اُڳاڙي ڪري هڪ قسم جو تعليمي دڪان کوليو ويندو آهي، ان لا۽ بهتر اِهو آهي تہ اگر جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻو آهي تہ پو۽ سڀ کان پهريان نجي اسڪولن تي بندش وڌي وڃي ۽ ان تعليمي دڪان جي دروازي کي بند ڪرڻو پوندو.

    ان کان پو۽ مستقبل جي بهتر اڏاوت ڪندڙ ۽ مستقبل جي معمار يعني ٻارن جي تربيت جو ٺيڪو تربيت يافتہ استادن جي حوالي ڪيو وڃي، سياسي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل توڙي پراڻي زماني جي استادن کي گولڊ هينڊ شيڪ ڏئي کين جبري طور ريٽائير ڪري انهن جي جڳھ تي نوجوان توڙي نئي دنيا جي تقاضائن کان واقف ۽ ڪمپوٽر جي دنيا جي ماهر نوجوانن کي استاد طور ڀرتي ڪري اسڪولن ۾ رکيا وڃن، کين جديد دنيا جي سهولتن يعني ڪمپوٽر، موبائل ٽيبليٽ، ۽ پروجيڪٽر مهيا ڪيا وڃن جئين اُهي جديد دور جي اوزارن سان شاگردن کي تعليم سان روشناس ڪري سگهن، باقي هن جديد دور ۾ اڄ سليٽ واري پڙهائي ڪو بہ انقلاب برپا نہ ڪري سگهندي ڇو تہ جديد دنيا جا شاگرد اڄڪلھ ٽيبليٽ ۽ پروجيڪٽر وسيلي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪو پڻ سندس ڪاميابي جو هڪ اهم جز آهي.

    ان کان علاوه هر شهر، هر تعلقي توڙي ضلعي ۾ موجود غير ضروري ۽ بند پيل اسڪولن جي سروي ڪري کين باقاعده طور ختم ڪيو وڃي ان وسئلي ان جي عيوض مفت ۾ بجيٽون هڙپ ڪرڻ کان بچي پونديون ۽ سندن ڀر وارين اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ۽ تعليمي معيار وڌڻ سان گڏوگڏ تعليم بہ بهتر ٿيندي.

    حڪومت کي تعليمي نصاب جوڙڻ مهل ٻهراڙين جي حالاتن کي مدنظر رکندي وڌ ۾ وڌ جديد تعليمي نصاب جوڙڻ کپندو جئين شهرن کان ڏور فرد بہ جديد دنيا جي ترقي جي حالن احوال کان واقف رهن ۽ پنهنجي پاڻ کي جديد دنيا جي تقاضائن مطابق تيار ڪن، پو۽ ڏسو تہ ڪئين نہ اسان جو هي ڏتڙيل معاشرو ٿوري عرضي ۾ ترقي ڪري ٿي ۽ اسان جي قوم دنيا جي هر جديد قوم سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي قابل بڻجي ٿي، اهڙي نموني قديمي ۽ فرصوده نصاب کي وقت بہ وقت خارج ڪندو رهجي ۽ جديد کان جديد تر نصاب کي پنهنجي تعليم جو حصو بڻائجي پو۽ ترقي اسان جي قوم جو نصيب بڻجي پوندي ۽ هر فرد خوشحال زندگي گذارڻ جي قابل بڻجي ويندو.

    يوسف جميل لغاري
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو