وقت کان پهرين نگران حڪومت جو چوٻول!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2017۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    وقت کان پهرين نگران حڪومت اچڻ جا افواه هڪ دفعو وري تيزيء سان گردش ڪرڻ لڳا آهن ۽ ملڪ ۾ سياسي بي يقينيء جي فضاجيڪا اڳيئي موجود هئي ان ۾ هيڪاري واڌ اچي ويئي آهي.حڪمران ڌر جيڪا هن وقت پنهنجي سموري اخلاقي ۽ سياسي حيثيت وڃائي ويٺي آهي اها خود اهڙا افواه پکيڙڻ ۾ ٻين ڌرين کان ٻه وکون اڳتي نظر اچي ٿي ۽ روزانو ڪونه ڪو وزير مشير اهڙو بيان جاري ڪريو ڇڏي جنهن ۾ حڪومت خلاف ان قسم جي سازش جو تذڪرو هوندو آهي.ڪڏهن اسلام آباد ۽ لاهور وارن ڌرڻن کي ان سازش سان ڳنڍيو وڃي ٿو ته ڪڏهن مسلم ليگ نون جي استعيفا ڏيندڙ ميمبرن کي ان جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ هجي يا رانا ثناء اللہ جي وزارت تان استعيفا جو مطالبو،حڪمران ڌر انهيء کي وقت کان اڳ حڪومت ختم ڪرڻ جي منصوبي جون ڪڙيون چئي رهي آهي.قومي اسيمبليء جي اسپيڪر هڪ عجيب قسم جو بيان ڏيئي ان مونجھاري ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.هوڏانهن وفاقي وزير داخلا جي چوڻ مطابق؛ جيڪر کين مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ته پوء آئنده هوبه پاڪستان ۾ ڪنهن کي به حڪومتي مدو پورو ڪرڻ نه ڏيندا.اهو ته ٿيو حڪومتي ڌر جو معاملو پر ٻئي طرف سياسي ماحول ۾ ڪجھه اهڙيون پيشڀرائيون نظر اچي رهيون آهن جن مان ان موقف کي مضبوطي ملي ٿي ته شايد موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگھي ۽ وقت کان پهرين ڪا نگران حڪومت قائم ٿئي.ان سلسلي ۾ هڪڙي پيش رفت اڳوڻي صدر آصف زرداريء جي علامه طاهرالقادريء سان ٿيل اوچتي ملاقات آهي جڏهن ته ان کان پهرين جناب زرداري ڪنهن جلسي ۾ هڪ عجيب ڳالهه چئي جيڪا گھڻن جي سمجھه ۾ نه ويٺي سا اها ته “حڪومت ڪنهن به طرح مدو پورو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ وقت تي نگران حڪومت قائم ڪرڻ گھري ٿي پر اسان حڪومت کي ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ شايد نگران حڪومت وقت کان پهرين قائم ٿي وڃي.“ زرداري صاحب جو ان مان ڇا مطلب آهي اهو ته پاڻ ئي سمجھي ٿو پر اسين ان جو جيڪو مطلب سمجھون پيا سو اهو ته حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ ڪونه ڏبو.ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته سنڌ حڪومت کي به وقت کان اڳ قربان ڪرڻو پوندو سو اها ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي.انهن افواهن کي ٻي جنهن شيء تقويت بخشي سي سابق صدر جنرل پرويز مشرف جا بيان آهن جن م هن عدالتن کان مطالبو ڪيو آهي ته نون ليگ حڪومت کي فوري گھرڀيڙو ڪري نگران حڪومت جوڙي وڃي جيڪا عام چونڊن کان پهرين بدعنوان سياستدانن جو احتساب ڪري.بهرحال حقيقت ڇابه هجي پر سچ اهو آهي ته هن وقت موجوده نون ليگ حڪومت بلڪل ئي غير فعال بڻجي چڪي آهي ۽ رياستي ادارن وچ ۾ توازن گھڻو بگڙي چڪو آهي.رهيل ڪسر اڳوڻو نااهل وزيراعظم ۽ سندس صاحبزادي پنهنجن غيرذميداراڻا روين سبب پوري ڪري رهيا آهن.جنهن ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو بڻيل آهي.ملڪ جو اشتهاري بڻيل وزير خزانه لنڊن ۾ ويهي ملڪي خزاني جا فيصلا ڪري رهيو آهي.ادارن وچ ۾ موجود ٽڪراء واري صورتحال ايندڙ ڏينهن ۾ سخت کان سخت ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت لاء ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿيڻ وارو خطرو موجود آهي.لڳي نٿو ته پاڪستاني حڪمرانن جو اهو ٽولو جيڪو پنهنجن ذاتي مفادن لاء هر ليڪو لنگھڻ لاء تيار بيٺو آهي سو ڪنهن عقل،بصيرت يا دانائيء جو مظاهرو ڪرڻ لاء تيار ٿيندو جو اهي حقيقي جمهوريت جي نه پر پنهنجي ذات ۽ پنهن جي وجود جي آخري جنگ وڙهي رهيا آهن.سياسي پارٽين جي اها حالت آهي جو اهي هڪ طرف سڪڙي پرائيويٽ ڪمپنيون بڻجي چڪيون آهن ته ٻئي طرف ڪا هڪڙي پارٽي به مڪمل وفاقي پارٽي هئڻ جي جائز دعوايٰ ڪري نٿي سگھي.اهي سڀ جون سڀ صوبن تائين محدود ٿي چڪيون آهن.ايم ڪيو ايم جيڪا وچين طبقي جي سان تعلق رکندڙ سياسي نمائندگيء جي دعويدار رهي آهي ان جا ايترا ته ٽڪرا ٿيا آهن جو خبر نٿي پوي ته اصل ايم ڪيو ايم آهي ڪهڙي! مذهب جي نالي تي سياست ڪندڙ جماعتون جيڪي ڪجھه عرصي لاء ڄڻ ته پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون هيون اهي هاڻي وري منظم ٿي رهيون آهن ۽ انهن جو ڪو مضوط سياسي انتخابي اتحاد سامهون اچي سگھي ٿو جيڪو ايندڙ چونڊن ۾ ڪو فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.مسلم ليگ نون جنهن کي ماضيء ۾ سدائين انتهاپسند مذهبي جماعتن جي پردي پويان انتخابي حمايت حاصل رهي آهي سي ڌريون به هاڻي مسلم ليگ نون جي حمايت بدران خود چونڊن جي ميدان ۾ لهڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن،ٻئي طرف بريلوي مڪتب فڪر جو ووٽ بينڪ به نون جي هٿ مان نڪري چڪو آهي، مطلب ته ايندڙ چونڊن کان پهرين پاڪستان جو سياسي منظرنامو نهايت تيزيء سان تبديل ٿي رهيو آهي.انهيء کانسواء ملڪ ۾ امن امان جي ممڪنه طور تي خراب ٿيندڙ صورتحال به موجوده حڪومت توڙي ايندڙ چونڊن تي گهرا اثر وجھي سگھي ٿي.ملڪ جي وفاقي گاديء واري شهر يا ڪنهن صوبائي دارالحڪومت ۾ لڳندڙ ڪو زوردار ڌرڻو به ڪنهن فيصلي کي تبديل يا ڪنهن نئين فيصلي جو بنياد بڻجي سگھي ٿو.ايندڙ عام چونڊون ڪيترائي حيران ڪندڙ نتيجا ڏيئي سگھن ٿيون .

    بهرحال پاڪستان جي موجوده سياسي بي يقينيء ۽ انتشار واري ڪيفيت جو سهرو انهن بدعنوان سياستدانن جي سر تي ئي سجي ٿو جن نهايت ئي اعليٰ حڪمت عمليء سان عوامي خزاني کي لٽيو ۽ پنهنجن کي هرطرح سان نوازيو.عوام جي حقيقي نمائندگيء جون دعويدارٻه مکيه سياسي پارٽيون جيڪي گذريل ڪيترين ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جون مالڪ رهنديون ٿيون اچن تن ميرٽ جي جهڙيء طرح لتاڙ ڪئي آهي ان جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.اهڙيء طرح انهن نه رڳو سياسي.جمهوري ۽ اخلاقي قدرن جو جنازو ڪڍي ڇڏيو پر رياستي ادارن کي جنهن حد تائين تباه ۽ برباد ڪيو آهي انهن جو سڌارو شايد مستقبل قريب ۾ چاهڻ جي باوجود به نه ٿي سگھي. بدعنواني،اقرباپروريء ۽ پنهنجا پيٽ ڀرڻ جون ڪهاڻيون هاڻي ايتريون ته عام ۽ واضح ٿي چڪيون آهن جن کي اڳتي شايد جمهوريت جي پردي ۾ لڪائي نٿو سگھجي. ان سموري بحث ۾ اهو سوال وري به سوال رهجي وڃي ٿو ته حڪومت جا وقت کان اڳ ٽپڙ گول ڪرڻ جي سازش ڪير ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڪم ڪرڻ لاء آئيني رستا ڪهڙا آهن؟ سواء ان جي جو خود نون ليگ جو وزيراعظم پاڻ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي يا پوري مخالف ڌر گڏيل طور تي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفائون ڏيئي ڇڏي يا وري ڪا ڌر سپريم ڪورٽ ۾ وڃي حڪومت خلاف ڪو اهڙو فيصلو وٺي.ان کانسواء ٻيو ڪو آئيني رستو نظر نٿو اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو