1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

بينظير، جيڪا ڪلهه به مظلوم هئي ۽ اڄ به!ٰ

'بينظير ڀٽو' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2017۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    438
    ورتل پسنديدگيون:
    597
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    27 ڊسمبر 2007ع جي هڪ سرد شام جو منظر اڄ به ملڪ جي مجبور ۽ مظلوم ماڻهن کان ناهي وسريو جڏهن پنڊيء جي پرجوش فضائن ۾ هڪ للڪار گونجي،فهيم ۽ بليغ زبان،خوبصورت لفظن جون زوردار لهرون،من موهيندڙ موتين جون حسين مالهائون ، اڏول هٿن جا پرعزم اشارا،دل مان نڪرندڙ درديلا تير،خوبصورت فن خطابت،هڪ اهڙي عورت لياقت باغ جي جلسي۾ اسٽيج تي جوت جرڪي رهي هئي جنهن جي ننڍپڻ کان جوانيء جو سفر دنيا جي هر دولت هئڻ باوجود نهايت ئي جھنجھٽن ۽ جھورين مان گذريو هو.هوء مشرق جي اها نياڻي هئي جنهن جي جيون جا ڪئين ورهيه دنيا جي هڪ بدترين آمر عذاب بنائي رکيا هئا.هوء ڪا عام عورت نه هئي پر هڪ اهڙي عظيم ليڊر جي ڌيء هئي جنهن ملڪ جي مجبور،مظلوم،محڪوم،ڏتڙيل،ڏکويل،هيسيل۽ هيڻي عوامي طبقن کي پاڪستان ۾ پهريون دفعو اميد جي ڪا روشني ڏيکاري هئي ۽ هن ۾ اها جادواثر صلاحيت هئي جو جڌهن هو چپ چوريندو هو ته ڪروڙين ڪن ٻڌڻ لاء آتا هوندا هئا.وقت جي ڪيڏي نه ستم ظريفي چئجي جو جنهن شخص کي ٽين دنيا پنهنجو رهبر سمجھڻ لڳي هئي خود سندس ملڪ ۾ اڃا تائين مثس خبر ناهي ملڪ دشمنيء جي طعنن ۽ طنزن جا ڪيترا تير وسايا ويا. پر اهو سچ ته سچ ئي رهيو جو هن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو،عوام کي شعور ڏنو، جمهوريت جو بنياد وڌو،ادارا قائم ڪيا ۽ بين الاقوامي برادريء ۾ملڪ جي عزت بحال ڪئي.انهيء ئي شخص کي ڦاهيء چاڙهيو ويو ۽ اها عظيم ڌيء بيوسي ۽ لاچاريء وچان ڏسندي رهي.ايترا سور ۽ سختيون ته مردن جون ئي متيون منجھائي ڇڏين ٿيون ۽ مصلحت انديش عقل نادان عشق کي هارايو وجھي پر نه! هوء ته عزم جو هڪ اڻٽر جبل هئي.پنهنجي پيء جو غيرفطري موت به هن کي پنهن جي منزل کان موڙي نه سگھيو.هوء بي خوف هلندي رهي انهن نامعلوم پيچرن تي جتي صرف سسئيء واري سڪ ئي سفر جو سامان بڻجي ٿي.هن جي سياسي سفر ۾ ڪيئي لاها چاڙها نظر ايندا،ڪيتريون ئي هيٺايون مٿانهيون ڏسي سگھجن ٿيون،ڪيترين ئي سوچن ۽ روين سان سهمت نه به ٿجي تڏهن به هڪڙو سچ بهرحال سچ .ئي رهندو ته هوء هڪ عوامي ليڊر هئي ۽ عوام ئي سندس من ۽ نيڻن ۾ وسندو هو.اهوئي سب هو جو هڪ ڊگھي جلاوطنيء کان پوء جڏهن هن پنهن جي وطن جي سرزمين تي پهريون پير پاتو ته هوء ٻارن جيان روئي پيئي.خبر ناهي هن واري هو ولايت کان واپسيء تي عوام لاء اکين ۾ ڪهڙا سپنا سجائي وري هئي جن کي شايد هن هر قيمت تي ساڀيان ڪرڻ گھريو ٿي،ايستائين جو پنهنجي جند جان جي قيمت تي به! هوء اڄ پنڊي پهچڻ کان پهرين به خطرن سان کيڏندي رهي هئي.ڪارساز جو المناڪ سانحو به هن جي سوچ کي بدلائي ۽ هن جي ارادن کي شل نه ڪري سگھيو.پرآس ۽ نراس جي ٽڪسال تي ٽنگيل پنڊيء جا پانڌيئڙا ان دردناڪ منظر کان اڻڄاڻ لياقت باغ کي ڀريندا ٿي ويا ۽ بينظير جي بينظير آواز سان آواز ملائيندا ٿي ويا، نعرن تي نعرا لڳائيندا ٿي ويا.جلسو ختم ٿيندي ئي هوء جيئن ٻاهر نڪتي ته رستي تي بيٺل پارٽي ڪارڪنن کي ڏسندي سندس اندر جي اٿل پٿل کيس گاڏيء ۾ ويهڻ نه ڏنو. انهيء ئي ساعت هوء ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏيڻ ۽ سندن دل وڌائڻ گاڏيء ۾ اٿي بيٺي ۽ انهيء ئي لمحي فائر جا آواز ۽ هڪ زوردار ڌماڪو... دختر مشرق رتوڇاڻ ٿي واپس پنهنجي سيٽ تي سمهي پيئي جو سخت دل قاتل اهڙو ته بختو پهه پچايو هو جيئن غلطيء جي ڪابه گنجائش باقي نه رهي.اهڙيء طرح عالمي سياست جو هڪ باب بند ٿي ويو۽ ملڪ ۾مجبورن جي مهنداريء جو هڪ عنوان مٽجي ويو۽ ڀٽن جي خاندان جو آخري سياسي ڏيئو به اجھامي ويو.اها سياست ختم ناهي ٿيڻي جو ان جا پاڻمرادو بنيل اتفاقي وارث کوڙ هوندا.ڀٽن جو نالو به ختم نه ٿيندو جو ان رانديڪي سان کيڏندڙ سياسي مدارين جي ڪمي پيدا نه ٿيندي.اهي ورسيون ۽ سالگرهون به جاري رهڻيون آهن جو پويان بچيل هٿ ٺوڪين معذور قيادتن وٽ سياسي جيئاپي جو سامان ئي اهو آهي. اهي انهن جي نالي تي حڪومتون حاصل ڪندا پر سالن تائين حڪومتن جا مزا ماڻڻ کانپوء به مجورين جا داستان ٻڌائي ۽ الزامن جي ابتي سبتي مالها پڙهي ماڻهن کي مطئمن ڪرڻ جا جتن ڪندي نظر ايندا ته ڏسو اوهان لاء ذالفقارغلي ڀٽو سان ڪيڏا ڪلور ٿيا ۽ محترما ڪيتريون مصيتون سٺيون.بس،هيء انهن جي پارٽي آهي،انهيء کي ئي ووٽ ڏجو.ڪوته انهن کان به پڇي ته جنهنجي نالي تي عوام پنهنجو ووٽ هربار اوهان جي جھوليء ۾ اڇلايو ڇڏي انهيء عوام سان اوهان جيڪا هلت هليا سا پنهنجي جاء تي پر اوهان ته ان عظيم عورت کي به انصاف ڏياري نه سگھيا! بينظير جيڪا ڪالهه به مظلوم هئي ۽ بينظير جيڪا اڄ به مظلوم آهي ۽ جيڪا شايد سدائين مظلوم رهندي.ان جي نالي تي ماڻهو آئنده به اقتداري ايوانن تائين پهچندا رهندا ۽ پوء ان جي ئي قاتلن سان سازباز ڪري مطلومن جو خون لئي مٽي ڪرڻ جي ڪڌي راند رچائيندا رهندا،عوامي نمائندگي۽ عوامي حقن جي حفاظت جون دعوائون ڪري اختيارن جي ڪرسين تائين پهچي عوامي بدحاليء جي متفقه منصوبي تي عمل ڪندا رهندا ته جيئن عوام ڪمزور رهي.هيڻو رهي،اڻ پڙهيل ۽ جاهل رهي،غربت ۽ بيماري عوام جو مقدر بڻيل رهي.عوام قرضن ۾ جڪڙيل رهي،بک ۾ ساڻو رهي.اهي جيڪي بار بار ڀٽن جي نالي تي سياسي خيرات وٺي پنهن جو پاڻ کي دٻنگ سياستدان سمجھڻ لڳن ٿا اهي جڏهن بينظير جي تصوير آڏو ويهي دنيا کي جمهوريت ۽ عوامي راڄ جا ڀاشڻ ڏيندا هوندا ته سندن اندرجي ڪنهن ڪنڊ مان ڪڏهن ته اهو آواز به ايندو هوندو ته جيڪو سياسي ورثو انهن حوالي ثيو يا جن تي انهن مڪر يا ڏاڍ ذريعي قبضو ڪيو ان امانت سان انهن ڪهڙي ويڌن ڪئي.گفتن جا محتاج اهي هوندا آهن جن وٽ لڇڻ نه هوندا آهن.اهو قتل جنهن کي اڄ پورا ڏهه ورهيه مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ سندس سياسي جانشينن کي به ڪنهن نه ڪنهن نموني حڪومتي اختيارن جا ڏهه سال مڪمل ٿيڻ تي آهن اهي عوامي فلاحي منصوبن ،ڪاميايين ۽ ڪامرانين،جمهوري ڪارنامن ۽ قومي خوشحاليء جي عظيم پروگرامن جي فهرست گھوريو صرف پنهنجي پارٽيء جي ڏهن سالن کان ڏکايل ڪارڪنن آڏو اهو اقرار ضرور ڪن ته هو اهي ناهن جيڪي نظر اچن ٿا.هو بينظير جا وارث ضرور آهن پر بينظير جا پوئلڳ ناهن.ان ڪري جو بينظير عوام ۾ رهي ٿي ۽ بينظير جيڪا ڪالهه به مظلوم هئي ۽ بينظير جيڪا اڄ به مظلوم آهي!!!

    (روزاني سرواڻ 27 ڊسمبر 2017ع)

    سنڌ سجاڳ بلاگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو