غدار

'شاعري' فورم ۾ عبدالرحمان مڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2017۔

  1. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    پر امن هئا سين پر امن آھيون
    پر امن ٿا احتجاج ڪريون
    حق انصاف گهرڻ آيا آھيون
    سردي گرمي ٻارن کي ٿا پڙھايون
    تڏهن ٿا توهان جا پادر کايون,,

    حق گهرڻ حڪمرانن کان آيا سين
    ڪلھ انهن جا ايجنٽ ھئاسين
    جن جي پولنگن جا رکوالا هئاسين
    هڻي ٺپا اهڙن غدارن کي ٿا کٽايو,,
    تڏھن ٿا توهان جا پادر کايون,,

    هتي مڪاري جي اهميت وڏي آ
    ھتي غداري جي اهميت وڏي آ
    ھتي حرامي جي اهميت وڏي آ
    ڇورن کان گهرڻ انصاف آياآھيون,,
    تڏھن ٿا توهان جا پادر کايون,,

    هاريو مزدورو هاڻي وارو پنهنجو آڻيون
    شاگردو استادو هاڻي وارو پنهنجو آڻيون
    اچو ته گڏجي ڪا جوت جلايون
    جوش ۽ جذبي سان ڪو مچ مچايون
    کڻي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب قوم جاڳايون
    انهن جا پادر سوڌ سميت موٽايون,,
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو