2017ع جا ڪجهه اهم ملڪي واقعا.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2017۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاراچنار حملو؛ 21 جنوريء تي پاڪستان جي قبائلي علائقي واري شهر پاراچنار ۾ هڪ خود ڪش بم حملي دوران گھٽ ۾ گھٽ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ پنجاه کن زخمي ٿيا.هي شهر شيعا مسلم آباديء جي اڪثريت تي مشتمل آهي ۽ افغان بارڊر سان مليل آهي.جنهن وقت بم ماڪو ٿيو ان وقت بازار ماڻهن سان ڀريل هئي.پاڪستاني طالبان جي هڪ گروپ ان حملي جي ذميداري قبول ڪندي چيو ته هنن ان مسلم آباديء کي صرف ان ڪري نشانو بنايو جو اهي شامي صدر بشارالاسد جي حمايت ڪري رهيا هئا. ان حملي جي نوعيت بابت مختلف موقف سامهون آيا.ڪجھه رپورٽن مطابق ڌماڪيدار مواد ڀاڄين جي ڪنهن پيتيء ۾ لڪايو ويو هو جڏهن ته ٻين رپورٽن مطابق اهو آپگھاتي حملوهو. .ياد رهي ته 2015ع ۾ به ساڳي مارڪيٽ ۾ ان قسم جو ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ اٽڪل 25 ماڻهو شهيد ۽ پنجاه کن زخمي ٿيا هئا.

    سيوهڻ سانحو؛ 16 فيبروري اهو بدنصيب ڏينهن هو جڏهن سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار کي هڪ آپگھاتي بم حملي ذريعي رت سان لال ڪيو ويو.هن سانحي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 200 معصوم ماڻهو جن ۾ ٻارن ۽ عورتن جو وڏو انگ شامل هو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا، ڌماڪو ان هنڌ ٿيوجتي روزانو ڌمال لاء زائرين گڏ ٿيندا آهن. هي هڪ دردناڪ سانحو هو جنهن ۾ هرطرف انساني جسمن جا عضوا،زائرين جو ٽڙيل پکڙيل سامان ۽ ٻارن جا وکريل رانديڪا نظر آيا ٿي .

    پاڪستان جي ڇهين آدمشماري؛پاڪستان ۾ 1998ع کانپوء مختلف سببن ڪري ماڻهن جي ڳڻپ نه ٿي سگھي. مارچ 2017ع ۾ ڇهين آدمشماري شروع ڪئي ويئي جيڪا مڪمل ٿيندي ؟ي ان جي تڪراري نتيجن تي بحٿ مباحثا شروع ٿي ويا، آئيني گھرجن موجب هر ڏهن سالن بعد ملڪ ۾ لازمي آدمشماري ڪرائڻي آهي پر هتي قصو ئي نرالو آهي.حڪومتي ادارن تي عوام جي عدم اعتماد واري ڪيفيت سبب هن ڪم ۾ به فوج کي گهليو ويو.اٽڪل 190،000سويلين عملي سان گڏوگڏ اٽڪل ٻه لک فوجي عملي به هن عمل ۾ حصو ورتو.


    انتظامي ايڪوــــ گھرن جو انگ ــــــ ڪل آبادي ــــــ 1998 کان 2017ع تائين سراسري سالياني واڌ جي شرح

    پاڪستان ــــ 32،205،111 ـــ 207،774،520 ــــ 2.40

    پنجاب ـــــــ 17،103،835 ـــــ 110،012،442 ـــــ 2.13

    سنڌ ـــــــ 8،585،610 ـــــ 47،886،051 ـــــــــ 2.41

    خيبر پختون ـــــ 3،845،168 ــــــ 30،523،371 ـــــ 2.89

    بلوچستان ــــ 1،775،937 ــــ ـــــ 12،344،408 ـــــــــ 3.37

    فاٽا ـــــــــــ 558،378 ــــــــــ 5،001،676 ــــــــــــ 2.41

    اسلام آبادـــــ 336،182 ـــــــ 2،006،572 ـــــــــــ 4.91

    مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران آدمشماريء جي نتيجن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو.قومي اسيمبليء ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاه موجب شماريات ڊويزن جي انگن اکرن کي فوجي عملي طرفان گڏ ڪيل انگن اکرن سان ڀيٽايو وڃي.پي پي پي طرفان انهن نتيجن کي نوازليگ حڪومت جي دنيتي قرار ڏنو ويو جڏهن قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ نمائندن،پي ٽي آئي،ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي به انهن نتيجن تي ڪنهن نه ڪنهن انداز سان پنهنجن شڪن شبهن جو اظهار ڪيوآهي .جنهن جي نتيجي ۾ نئين آدمشماريء جي بنياد ٿيندڙ نين تڪبندين جو بل به گھڻي عرصي تائين رولڙي جو شڪار رهيو ۽ نيٺ حڪومت جي خاطرين بعد پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويو.

    نوازشريف جي نااهلي؛سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 28 جولائي تي پاناما پيپرز ڪيس ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف نيب کي ريفرنس احتساب عدالت ۾ موڪلڻ جا حڪم ڏنا.سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کانپوء نوازشريف وزيراعظم جي عهدي تان سبڪدوش ٿي ويو پر هن عدليا خلاف مهم جي شروعات ڪري ڇڏي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.سپريم ڪورٽ ۾ نوازشريف خلاف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد ۽ جماعت اسلاميء جي سربراه سراج الحق اهي درخواهستون داخل ڪيون هيون.نوازشريف جي نااهليء جي نتيجي ۾ وفاقي ڪاينا ه تحليل ٿي ويئي.مسلم ليگ نون طرفان شاهد خاقان عباسيء کي نئون وزيراعظم نامزد ڪيو ويو جنهن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو

    بينظير قتل ڪيس جو فيصلو؛ 31 آگسٽ تي پاڪستان جو هيء هڪ تڪراري ٽريل پراسرار انداز ۾ ملڪ جي اڳوڻي فوجي صدر جنرل پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيئي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جي فيصلي سان نيٺ پڄاڻيء تي پهتو.ٻن پوليس اعليٰ عملدارن کي پنهن جي فرضن ۾ غفلت سبب ست سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي پر ان قتل جو اصل ذميدار ڪير آهي، ڪورٽ ان جو فيصلو نه ڪري سگھي جڏهن ته قتل ۾ نامزد ڪيل سمورا ملزم باعزت بري ڪيا ويا. هن ڪيس جو هڪ ٻيو سمجھه ۾ نه ايندڙ نڪتو اهو به آهي ته ان پوري عدالتي عمل دوران پاڪستان پيپلز پارٽيء جي قيادت ان معاملي ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي.

    اسلام آباد ۽ لاهور ڌرڻا ؛ اسلام آباد ۾ فيض آباد واري هنڌ تحريڪ لبيڪ يا رسول اللہ طرفان ٽن هفتن جو ڌرڻو هنيو ويو ۽ انهيء سان گڌ لاهور توڙي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ساڳئي قسم جا ڌرڻا هنيا ويا جن جو پس منظر اهو جو حڪومت پاران نومبر ۾ انتخابي سڌارن جي حوالي سان پارليامينٽ مان هڪ بل منظور ڪرايو ويو جنهن ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ آئين ۾ ختم نبوت جي حوالي سان موجود حلف نامي جي لفظن ۾ ترميم ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا ۽ تحريڪ لبيڪ پاران ان وقت جي وفاقي وزير قانون جي استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو جيڪا گھر حڪومت طرفان نه مڃڻ جي نتيجي ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو ۽ ملڪ جي گاديء واري شهر ۾ زندگي مفلوج بڻجي ڪري رهجي ويئي. آخرڪار ڳالهين بعد اهو ڌرڻو زاهد حامد جي استعيفا ڏيڻ تي ختم ٿيو.

    ايڊيشنل آئي جي تي آپگھاتي حملو؛ 24 نومبر تي پشاور ۾ ڪي پي ڪي جي ايڊيشنل آئي جي پوليس آسرف نور ۽ سندس هڪ محافظ هڪ آپگھاتي حملي ۾ شهيد ٿي ويا.هن جي ڪاروان کي حيات آباد ۾ نشانو بنايو ويو.جڏهن ته ڇهه پوليس وارا زخمي به ٿيا.پوليس مطابق هڪ آپگھاتي حملي آور پنهنجي موٽر سائيڪل آئي جيء جي جيپ سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ زوردارڌماڪو ٿيو.

    چرچ تي آپگھاتي حملو؛ 17 ڊسمبر تي دهشتگردن طرفان ڪوئيٽا ۾ هڪ چرڇ کي آپگھاتي حملي جونشانو بنايو ويو جنهن ۾ گھٽ ۾ نو ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته اٽڪل 60 ماڻهو زخمي ٿيا. چرچ جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن ٻن حملي آورن مان هڪ کي حملي کان پهرين ماري وڌو پر ٻيو حملي آور ڌماڪيدار مادي سان دعائيه هال ٻاهران ڌماڪو ڪيو جتي آچر تي دعائيه تقريب شروع هئي.پوليس موجب چرچ ۾ ان وقت اٽڪل 400 ماڻهو موجود هئا ۽ جيڪر پوليس بروقت ڪاروائي نه ڪري هاته گھڻو نقصان ٿئي ها.دهشتگرد تنظيم داعش حملي جي ذميداري قبول ڪئي.
     
    آخري ترميم: ‏31 ڊسمبر 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو