ڇا ٽرمپ واقعي چريو آهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    پنهنجي صدارتي مهم دوران آمريڪا ۾ ريپبليڪن پارٽيء جي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ خارجه پاليسي جي باري ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ان جي سامهون بيٺل اميدوار هيلري ڪلنٽن جسماني ۽ ذهني طور تي ان قابل ناهي جو هڪ طاقتور ملڪ جي سربراه بڻجي سگھي. موصوف جو چوڻ هو ته هيلري ڪلنٽن کي کپي ته پنهنجو طبي ريڪارڊ سامهون آڻي ته جيئن امريڪي عوام ڄاڻي سگھي ته اها صدر بنجڻ لاء فٽ آهي يا نه.ٽرمپ جي خيال موجب هيلري کي ڪا بيماري آهي جو هوء اسٽيج تي ٿاٻڙي ٿي.اتفاق سان ساڳئي ڏينهن تي نيويارڪ ٽائيمز به ڊونالڊ ٽرمپ جي تجزيي تي ٻڌل هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي هئي.
    ان رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته جيتوڻيڪ هڪ مڪمل نفسياتي معائني کانسواء ڪنهن شخص کي چريو قرار ڏيڻ غيراخلاقي حرڪت آهي پر ان رپورٽ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا حوالا ڏنا ويا آهن جن جو خيال آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ جي ذهني حالت تشويشناڪ حد تائين خطرناڪ آهي.اها ڳالهه ته ڪيترائي امريڪي اڳ ئي چوندا رهيا هئا ته ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي عهدي لاء مناسب نه آهي.صدر اوباما ۽ ان جو نائب صدر بائيڊن ٻئي چئي چڪا هئا ته جيڪر ٽرمپ صدر بڻجي به وڃي ته نيوڪليئر ڪوڊ يعني ايٽمي هثيارن جي استعمال جو اختيار ان جي حوالي ڪرڻ نهايت ئي خطرناڪ ٿيندو. ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي شروعات ان جي هڪڙي آڱر جي هلڪي حرڪت هيٺان هوندي ۽ ان اختيار جو استعمال هڪ مٿي ڦريل ٽرمپ جهڙي ماڻهوء وٽ هئڻ نهايت ئي تباه ڪندڙ بڻجي سگھي ٿو. پوري دنيا تباه ٿي سگھي ٿي،ٽرمپ جي حامين کي يا ته ان ڳالهه جي پرواه نه هئي يا انهن کي ان ڳالهه جو يقين نٿي آيو.ٽرمپ جي جيڪا ذهني حالت آهي ان سبب دنيا جا اڪثر ليڊر ڳڻتيء جو شڪار آهن.جون جي مهيني ۾ هڪ ماهر نفسيات “ ٽرمپ ازم” جي نالي سان آن لائين هڪ منشور ڇاپيو هو جنهن تي ذهني صحت جي اٽڪل اڍائي هزار ماهرن صحيحون ڪري ان جي تصديق به ڪئي هئي.
    انهن سڀني کي اها ڳڻتي هئي ته ٽرمپ جي ڳالهين ۾ ٻين کي بي عزتو ڪندڙ جملا، غلط لفظ، گفتگوء ۾ رابطو نه هئڻ،ٻين جي تڪليفن کان لاپرواهي ۽ بي حسي،پنهن جو پاڻ پڏائڻ جو احساس ۽ زهريلي قسم جي نرگسيت انتهائي درجي تائين ظاهر ٿئي ٿي. اهي سڀ ڳالهيون بذات خود جمهوريت لاء خطرو آهن.ڊاڪٽر ڊوهٽريء جي چوڻ مطابق جن ماڻهن ان رپورٽ تي صحيحون ڪيون انهن ٽرمپ جي ذاتي خاصيتن جو نه پر عام ظاهري شخصيت جو تجزيو ڪيو آهي\
    ان منشور مطابق تشدد کي اڀارڻ،پاڻ تي تنقيد ۽ اعتراض ڪندڙن جي ڪردارڪشي،معذرت نه ڪرڻ وارو رويو ۽ تاريخ کي واپس ترتيب ڏيڻ جون دعوائون،اهي سڀ “ٽرمپ ازم” جي اصطلاح هيٺ اچن ٿا.ماهرن موجب ٽرمپ شڪي طبيعت جو مالڪ آهي.نفسيات ۾ ان قسم جي جذبن جي اظهار کي “ شڪن جي اذيت” Persecution Complex جو نالو ڏنو وڃي ٿو.ٻين لفظن ۾ جيڪي ماڻهو حقيقت تي نظر رکڻ کان انڪار ڪن ٿا انهن لاء مناسب ترين لفظ “ پاڳل يا چريو” آهي.
    Malignant Self-love: Narcissism Revisited” "نالي ڪتاب ۾ ليکڪ نرگسي شخصيت متعلق مسئلن جو تجزيو ڪيو آهي ان ۾اهڙن ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته “ حد کان زياده پنهنجي اهميت جو احساس،بيشمار ڪاميابين،طاقت ۽ قابليتجو گمان .مريض کي مٿي ۾ اها هوا هوندي آهي ته هو ٻين سڀني کان خاص آهي انهِيء ڪري انهن کي صرف انهن جهڙا اعليٰ ماڻهو ئي سمجھي سگھن ٿا ۽ هن کي صرف اهڙن ماڻهن سان ئي تعلق رکڻ گھرجي.اهڙا ماڻهو تمام گھڻي تعريف ۽ خوشامد جا محتاج رهن ٿا.پاڻ کي خصوصي رعايتن جو مستحق سمجھندا آهن.پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ لاء اهي نهايت ئي خودغرضيء سان ٻين کي استعمال ڪندا آهن.اهڙا ماڻهو ٻين سان سخت ساڙ رکندا آهن يا اهو سمجھندا آهن ته ٻيا ساڻن حسد ڪن ٿا.اهي پنهنجو پاڻ پڏائڻ،ٻين کي برباد ڪرڻ،ڏاڍ مڙسي ۽ ٻين کي نندڻ وارن روين جو مظاهرو ڪندا آهن.اهي سڀ ڪنهن پاڳل يا چريي شخص جون نشانيون آهن ۽ اهو ڄاڻڻ لاء انسان کي ماهر نفسيات هئڻ جي به ضرورت ڪانهي. مٿئين تجزيي جي روشنيء ۾ جيڪر ٽرمپ جي شخصيت کي جانچجي ته معلوم ٿيندو ته هو ذهني بيماريء جي انهن سمورين علامتن تي پورو لهي ٿو.دنيا جي عام طور تي ۽ آمريڪا جي خاص طور تي اها کڻي بدقسمتي چئجي جو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ جي صدارت هڪ اهڙي جنوني ۽ پاڳل شخص جي هٿ اچي ويئي آهي جنهن مان ان جا دشمن ته بيزار پر سندس دوست به پريشان آهن.ٽرمپ جي پهرئين ڏينهن کان پاليسين کي ڏسجي ته نظر اچي ٿو ته هي شخص تعصب، ڪيني، ڪروڌ، عداوت،تنگ نظريء ۽ ناعاقبت انديشيء جي جيئري جاڳندي تصوير آهي.هر قسم جي اڳ پوء جي انديشن کان اکيون ٻوٽي هو پوري دنيا تي پنهنجي سوچ مسلط ڪرڻ چاهي ٿو.سندس انهن احمقاڻي ۽ خطرناڪ حرڪتن تي پوري دنيا پريشان آهي جيڪي هو بنان وقفي جي ڪندو وڃي ٿو.اتر ڪوريا کي خطرناڪ ڌمڪيون ڏيڻ کان اسرائيل جي کليل دهشتگرديء جي مڪمل پٺڀرائي ڪرڻ تائين، مسلمانن خلاف گندي زبان استعمال ڪرڻ کان ييروشلم کي اسرائيلي گاديء جو هنڌ تسليم ڪرڻ تائين،مختلف ملڪن جي ماڻهن کي آمريڪا مان نيڪالي ڏيڻ جي قانون سازيء کان وچ اوڀر ۾ ٻرندڙ باهه تي تيل هارڻ تائين،هندستان کي ايشيا جو چوڌري بنائڻ جي سوچ کان افغانستان ۾ داعش کي آڻي ويهارڻ تائين هن جي ڪڌن ڪرتوتن جو هڪ ڊگھو داستان آهي.

    هونئن ته پاڪستان خلاف هو پهرئين ڏينهن کان ئي نفرت،الزام تراشي ۽ هر قسم جي شرانگيزي ڪندو رهيو آهي پر تازو پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سفارتي قدرن جا سڀ ليڪا لتاڙي وڌا آهن.فرمائي ٿو ته پاڪستان کي امداد ڏيڻ آمريڪا جي وڏي غلطي هئي.اسان پاڪستان کي گذريل 15 سالن ۾ 33 ارب ڊالر امداد ڏني جنهن جي جواب ۾ پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. پاڪستان ۾ دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن وغيره وغيره .سندس ان بيان ۾ سواء پاڪستان سان حسد ۽ ساڙ جي ٻيو ڪجھه به نظر نٿو اچي.هن کي سي پيڪ ۽ پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن کان ڏاڍي تڪليف آهي.ان اصل تڪليف کي لڪائي هو هتان هتان جون بي بنياد ۽ فضول ڳالهيون ڪندو رهندو آهي. جن 33 ارب ڊالرن جي امداد جو احسان هو باربار پاڪستاني قوم تي ڳڻائي رهيو آهي ان معاملي ۾ به هن انگن اکرن ۾ نسورو ڪوڙ ڳالهايو آهي.انهن 33 ارب ڊالرن جي امداد مان هن وقت تائين پاڪستان کي صرف 19 ارب ڊالر نصيب ٿيا آهن سي به هن عوامي ڀلائيء جي منصوبن لاء نه دهشتگرديء جي جنگ ۾ اتحادي فوج ۽ آپريشن جي سلسلي ۾ مهيا ڪيا آهن.هن پاڳل شخص کي آمريڪا جا 33 ارب ڊالر ته ياد رهيا پر پاڪستاني قوم جيڪا آمريڪا جي جنگ ۾ پنهنجن ستر هزار جانين جي قرباني ڏيئي چڪي آهي انهن جي خاندانن لاء هن نڪ جي ڏاڍي وٽ ٻه لفظ همدرديء جا ڪونهن!
    (روزاني عوامي آواز 3 جنوري 2018ع)
    سنڌ سجاڳ بلاگ
     
    Moazam Ali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو