سر سسئيء ۾ سلوڪ جي سمجھاڻي.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    457
    ورتل پسنديدگيون:
    600
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    جهڙيء طرح سهڻي ميهار جي قصي ۾ سلوڪ وارن لاء عجيب تمثيل رٿيل آهي ساڳئي نموني سسئي پنهونء جي داستان ۾ به ساڳي تمٿيل سمايل آهي.فرق صرف اهو جو سهڻيء جي ڳالهه ۾ دنيا ۽ طريقت جي سفر جي ڏکن ڏاکڙن کي درياء سان تشبيهه ڏني ويئي آهي پر سسئيء جي قصي ۾ دنيا ۽ سلوڪ جي مشڪلات کي رڻ پٽ سان ڀيٽيو ويو آهي.سسئيء مان مراد سالڪ جيڪو پنهنجي ”پنهون“ يعني محبوب حقيقي جي تلاش ۽ جستجو ۾ آهي.ڀنڀور ۽ ان جا ڀاڻ،دنيا ۽ ان جون نعمتون آهن،ڪيچ محبوب جو مڪان آهي جتي پهچڻ لاء پهريان ته ڏاگھن،ڏيرن ۽ ڏونگرن جهڙن ٽن زبرداست دشمنن يعني نفس،دنيائي لاڳاپن ۽ خوديء جي چنبي مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻو پوي ٿو جهڙيء طرح سسئي ڪيترين ئي دوردراز منزلن ۽ مسافتن جهڙوڪ وندر،وڻڪار،پٻ ۽ هاڙو وغيره مان لنگھي نيٺ وڃي ملڪ الموت سان ملاقي ٿئي ٿي.ان اڻانگي پنڌ ۾ سسئيء کي ڇا ڇا نه صعوبتون سهڻيون پون ٿيون ۽ ڪيئن نه جيء جھورڻو پوي ٿو،
    ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهونء جو،
    سڪ ٻڌائين سندرو، جانب لئي جڙي،
    لڪن ساڻ لطيف چئي، منڌ جھيڙي ۽ جهڙي،
    پڻي تان نه پڙي، جي عمر سڀ ايئن ڪري.
    سڪ ۾ سڙندي به ٿي وڃي پر پير اڳتي ڀريندي ٿي وڃي،پنهنجي محبوب لاء سڪ جو سندرو مضبوط ڪري ٻڌائين،جڏهن لڪن ۽ جبلن تان پنڌ ڪري ٿي ته رستي جي رڪاوٽن سان جھيڙو به ڪري ٿي ۽ جسماني ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ سبب ڳرندي به ٿي وڃي پر سندس نياز ۽ نوڙت جي اها انتها جو پنهنجي سڄي ڄمار جي اهڙن صدمن کي به پنهونء جي پيرن جي خاڪ تان قربان ڪرڻ لاء تيار آهي.جڏهن درد جي اذيت حد کان وڌي ٿي ته محبوب کي پڪاري ايلاز ڪرڻ لڳي ٿي ته
    آء اورانهون سپرين، وڃ م آڳانهون،
    ٿڪي کڻي ٿرن ۾، ٻاڪاريو ٻانهون،
    درد جون دانهون، مون مارينديون موٽ تون!
    سلوڪ جي سفر ۾ صبر ۽ شڪر اهڙا ٻه مضبوط هٿيار آهن جن سواء هن راهه تي هڪڙي وک اڳتي هلڻ ناممڪن آهي.سسئيء وٽ اهي ٻئي شيون اتم درجي ۾ موجود آهن،
    صبر ۽ شڪر کي، وٺي آئون ويٺي،
    ڏکيء سين ڏيٺي،ڪا ڪج اچي ڪڏهن.
    سالڪ کي صوفي طريقي جون ست منزلون لنگھي پار پوڻو آهي جهڙيء طرح سسئي رڻ پٽ جون سموريون منزلون طيء ڪري وڃي محبوب سان ملي ٿي.اهي ست منزلون هي آهن؛ طلب،عشق،معرفت، استغنا،توحيد، حيرت ۽ فقر.آخري منزل ماڻڻ کان پوء سالڪ محبوب جي هستيء ۾ هيڪ ٿي فنا جو درجو حاصل ڪري ٿو جيڪو دراصل هن لاء بقا جي منزل هوندي آهي.
    ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو ڀوري! ڀانئيو،
    پنڌ نه ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار،
    ڌاريا ڀانئج ڌار، پڇ پريان ڪر پاڻ تون.
    عالم جو هر جزو پنهنجي اصل ڏي تاڻيندو آهي ۽ اهو ترقي ڪري نيٺ پنهنجي اصل سان ملي ان ۾ سمائجي وڃي ٿو.سسئي به چوي ٿي ته محبوب جو وصال مونکي اڳي پوء ضرور نصيب ٿيڻو آهي پر جيڪر هن حياتيء ۾ ئي مشاهدوماڻي وٺجي ته ڀاڳ ڀلارا ٿي پون.
    اول آخر آهه، هلڻ منهن جو هوت ڏي،
    پورهيو سندو پورهيتين،والي! ڪيم وڃاء،
    سو مون ٿورو لاء،جيئن جيئري ملان جت کي.
    دراصل صوفين جون رياضتون ۽ مجاهدا به ان مقصد لاء هوندا آهن ته جيئن جيئري جانب جو جمال پسي سگھن.عشق جو درياء به عجيب آهي جو ان مان جيڪو جيترو پيئندو اوتروئي سندس اڃ زاجھامڻ بجاء وڌندي آهي،

    سدا سائر سير ۾، اندر لهي نه اڃ،
    پسڻ جو پرين جو،سا سڀاهي سڃ،
    تيلاهه مرن اڃ، سدا سائر سير ۾.
    جڏهن سچو سالڪ پنهنجن حواسن ۽ ٻين ٻاهرين سمورين شين کان پاڻ کي پرڀرو ڪري پنهنجي روح اندر جھاتي پائي ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو ته هيء ڪائنات حقيقت ۾ ڪجھه به نه آهي بلڪه ڪنهن اولڙي يا پاڇي مثال آهي ۽ ڪنهن به شيء کي حقيقت ۾ بقا ڪانهي.وهم يا آگيان جي ڪري انسان دوئيء ۾ ڦاسي ٿو.هڪڙي مطلق هستيء سواء بيون سڀ شيون نيست آهن جيڪر اندر جي اک سان ڏٺو وڃي ته وحدت ئي وحدت آهي،
    پيهي جا پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
    جيستائين انفرادي هستيء کي نه ميٽيو هوم تيستائين طرح طرح جي مصيبتن ۽ مونجھارن ۾ مبتلا هيس پر جڏهن پنهنجي ذات جي جھنجھٽ کان جان ڇڏايم ته ڏٺم ته پنهون ته آئون پاڻ آهيان.
    هوت تنهن جي هنج ۾ ، پڇين ڪوه پرياڻ،
    “ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” تنهنجو توهي ساڻ،
    پنهن جو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي.
    ساري ڪائنات انسان جي اندر ۾ سمايل اهي جو فيلسوفن موجب انسان “ عالم اصغر” آهي پر اها پروڙ پاڻ سڃاڻڻ سواء نٿي پوي. محبوب جي ڪاڪل جو ڪٺل يعني خدائي جال ۽ جمال جو جليل شخص شهيدن ۾ شمار ٿئي ٿو. عام طور تي جڏهن ڪو مرندو آهي ته ان کي غسل ڏيئي پاڪ ۽ صاف ڪفن اوڍايو ويندو آهي ته جيئن هو نجاست سبب خدا جي ديدار کان محروم نه رهجي وڃي پر شهيد کي سندس رت ۾ رڱيل ڪپڙن ۾ ئي دفن ڪيو ويندو آهي جو انهن خدا جي راهه ۾ پنهنجي خن سان غسل ڪيو آهي انهيء ڪري شهيد بنان ڪنهن ظاهري پاڪائيء جي خدا جو مشاهدو ماڻڻ جا مستحق آهن اهڙيء طرح عشق حقيقيء جي شهيدن کي به غسل ۽ ڪفن جي ضرورت نه آهي،
    ڪاڪل ڪٺي جا، ڪفن تنهن ڪين ٿئي،
    منجھه شهادت سا، لڏي ۽ لاڏ ڪري.
    سالڪ هڪ اوٺار وانگي آهي جهڙيء طرح اوٺار کي اٺ کي تڪڙو هڪلڻ لاء لڪڻ جي ضرورت پوي ٿي اهڙيء طرح سالڪ کي به پنهنجي نفس کي سنئين راهه تي آڻڻ لاء رياضت ۽ مجاهدي جي مهميز جي گھرج ٿئي ٿي،
    ڪامون مڇيجاه، گھڻيون گھرجن آن اوٺيا!
    هي وڻ نه لهنداه، هو وڻ اوڏاهين گھڻا.

    سهڻي لطيف جي اوٺار کي صلاح آهي ته ڪامون يعني لڪڻ ڪپي وٺ جن جي هن رستي ۾ گھڻي گھرج پوي ٿي.اڳيان اهي لڪڻ ڪپڻ نلئي توڇي وري وڻ هٿ نه ايندا.هي وڻ يعني هيء دنيا ۽ منجھس نفس کي سڌارڻ لئي جيڪي ذريعا ۽ موقعا موجود آهن سي مرڻ کان پوء توکي هث نه ايندا سو جيڪي ڪرڻو آهي هتي ئي ڪري وٺ. انهيء ڪري حديث شريف ۾ دنيا کي آخرت جي کيتي سڏيو ويو آهي.هن دنيا جا وڻ يعني آخرت جون نعمتون ته توکي ابد تائين ميسر رهنديون پر آخرت جي تياريء جو رستو دنيا مان ئي گذري ٿو.
    (روزاني هلال پاڪستان 8 جنوري 2018ع)
    سنڌ سجاڳ بلاگ
     
    عرس پريو ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سچ پڇو ته پنهنجي ذاتي مصروفيتن جي ڪري سنڌ سلامت فورم تان سوا سال کان پري آهيان مگر پوءِ به جڏهن لاگ ان ٿيندو آهيان ته اوهانجون تحريرون پڙهي روح کي راحت نصيب ٿيندي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو