1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ست رنگي سياست جي سرواڻ اشرافيا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    414
    ورتل پسنديدگيون:
    590
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين مختلف اندروني ۽ بيروني بحرانن جو شڪار رهندو ٿو اچي.اڄ ستر سال گذري وڃڻ باوجود به جيڪر رياست مختلف تضادن جو شڪار آهي ۽ عوام هڪ فلاحي رياست واري خواب جي تعبير کان محروم آهي ته انهيء جو سبب ٻاهرين بحرانن جي ڀيٽ ۾ اندروني معاملا آهن.پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيڪا اشرافيا انگريزن جي وفاداريء جي صلي ۾انهن کان هر قسم جون ذاتي رعايتون وٺي عوام تي اڻ سڌيء طرح حڪومت ڪندي رهي هئي اها ئي اشرافيا پاڪستان ٺهڻ کان پوء رياست جي سموري اقتدار،اختيار ۽ وسيلن تي اڪيلي قابض ٿي ويئي ۽ عوام انگريزن جي سڌي غلاميء مان نڪري انهن جي غلامن جي غلاميء ۾ جڪڙجي ويو، جيڪو اڄ به گھڻي حد تائين جڪڙيل آهي.پاڪستاني تاريخ ۾ سڌن سنون آمراڻن ۽ فوجي دورن کي ڇڏي ڪري صرف نام نهاد سياسي ۽ جمهوري دورن تي نظر ڊوڙائبي ته قصو ساڳيو ئي نظر ايندو.ان ڪري جو اها ئي اشرفيا جيڪا هر وقت جي آمرن سان هٿ هٿ ۾ ملائي عوام کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بنائڻ ۾ انهن جي مدد ڪندي رهي ساڳي اشرافيا اسان کي جمهوريت جي چيمپين هئڻ ۽ عوامي حقن جي علمبردار هئڻ جا نعرا هڻندي نظر اچي ٿي.بدقسمتيء سان زماني جي تبديلين ۽ وقت جي وهڪرن به ان جي سوچ ۾ ڪا تبديلي نه آندي آهي ۽ اهي اڃا تائين جهالت واري دور ۾ جي رهيا آهن.دنيا جون ڪيتريون ئي قومون ۽ ملڪ جن اسان کان پوء آزادي حاصل ڪئي اهي خبر ناهي ترقيء ۽ خوشحاليء جي سفر ۾ ڪٿان ڪا ڪٿي پهچي ويا پر اسان جي حالت بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندي ٿي وڃي.جنهن سماج ۾ سماجي ۽ معاشي انصاف نالي ڪنهن شيء جو وجود ئي نه هجي اانهيء معاشري جي ماڻهن کي صرف ڏنڊي جي زور تي حب الوطني،فرض شناسي ۽ ديانتداريء جو سبق سيکاري نٿو سگھجي.جتي هرقسم جي بدحاليء جا بي رحم راڪاس هروقت وات کولي انسانن کي ڳڙڪائڻ لئي آتا هجن اتي سماجي ۽ سياسي شعور،ذهني بلوغت، قومي ايڪي، شهري شعور۽ ذميدارين جي احساس جون ڳالهيون ڪنهن ديواني جي خواب کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿيون رکن.آخر اسان ئي اڃا تائين ان الميي جو شڪار ڇو آهيون“ جواب سادو آهي ته ان ڪري جو اسان جي اشرافيا بدلجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.انهن جا مفاد عوامي ۽ ملڪي مفادن سان متضاد آهن.پاڪستان ۾ سياست جي سرواڻ ان اشرافيا جو اونهائيء سان اڀياس ڪبو ته انهن جي سياست جا ست بنيادي رنگ نظر ايندا جن ملڪ ۾ حقيقي سياست جو بنياد وجھڻ بدران سياست جي نالي ۾سياست ۽ جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.
    ان سياست جو پهريون رنگ سوچ جي خرابي يا بدنيتي رهندو ٿو اچي.اهي عوام کي اختيار ڏيڻ بدران عوام کي هميشه لاء ۾محڪوم،مجبور ۽ پنهنجو غلام بنائي رکڻ گھرن ٿا.انهيء ڪري انهن جي منصوبابندي به ان مرڪزي نقطي جي چوڌاريء گھمندي نظر ايندي.اهوئي سبب آهي جو اهي عوام کي ڪو مناسب تعليمي ۽ معاشي نظام نٿا ڏين جنهن ذريعي عوام پاڻ ڀرو ٿي بيهي سگھي. تعليمي ۽ معاشي طور تي ڪمزور ماڻهو هميشه غلامي لاء موزون هوندا آهن.
    انهن جي سياست جو ٻيو رنگ قول ۽ فعل جو تضاد ۽ ڪوڙ رهيو آهي.اهي عوامي اسٽيج تي جيڪي ڪجھه نظر اچن ٿا اندر ۾ اهو ڪجھه ناهن.اهي سياستدانن جي نالي ۾ صرف سياسي اداڪاري ڪندا رهيا آهن.سندن چوڻ۽ ڪرڻ ۾ جيڪو تفاوت آهي انهيء تي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ڪوڙ ڳالهائڻ ته ڄڻ سياست جو بنيادي ۽ لازمي جزو بڻجي ويو هجي.عوام ته ٺهيو پر اهي پنهنجن پارٽين.ڪارڪنن ايستائين جو پنهنجن خاندانن سان به سچ نٿا ڳالهائين.نتيجو اهو نڪتو جو سماج جي سلجھيل طبقي ۾اها اشرافيا مڪمل طور تي پنهن جي سياسي ساک وڃائي ويٺي آهي ۽ ڪوبه انهن جي بيانن،صلاحن ۽ تقريرن کي سنجيدگيء سان وٺڻ لاء تيار ناهي.
    ان ست رنگي سياست جو ٽيون رنگ بدعنواني ۽ پنهن جا نوازڻ رهيو آهي.اقتداري ايوانن تائين پهچڻ جو مقصد ئي اهو رهندو ٿو اچي ته ڪيئن جائز توڙي ناجائز نموني پنهنجي ذاتي دولت ۾ اضافو ڪجي ۽ گھڻي کان گھڻو ڪمائجي پوء انهيء لاء عوام جو رت چوسڻو ئي ڇونه پوي. مسڪينن جي وات جو گرهه کسي پنهنجا ڀڀ ڀرجن.پنهنجي خاندان،اولاد،مٽن مائٽن،عزيزن، رشتيدارن،يارن ۽ دوستن کي نوازجي.اها اشرافيا جنهن بي رحميء سان ملڪي ۽ عوامي خزاني تي هٿ صاف ڪندي رهي آهي اهي ڪهاڻيون هاڻي ملڪي ميڊيا کان نڪري عالمي اخبارن جون شهه سرخيون به بڻجي چڪيون آهن.
    ست رنگي سيات جو چوٿون رنگ هر قسم جي ميرٽ ۽ انصاف جو قتل عام رهيو آهي.هر اداري ۽ هر ميدان ۾ اهڙا نااهل ۽ نالائق ماڻهو مقرر ڪيا ويا جن انهن ادارن جي ستيا ناس ڪري ڇڏي.پي آئي اي،پاڪستان اسٽيل مل ۽ پاڪستان ريلوي وغيرهه جي بربادي انهيء جا جيئرا جاڳندا مثال آهن. ايستائين جو مالي،تعليمي ۽ صحت جهڙا حساس ادارا به اهڙن نالائق ماڻهن جي مهربانين جو شڪار ٿي چڪا آهن.
    ست رنگي سياست جو پنجون رنگ ان اشرافيا جو اسپيشل پروٽوڪول،شاهاڻي اٿ ويهه ۽ خصوصي سلوڪ آهي جنهنجو اها اشرافيا پنهنجو پاڻ کي پئدائشي مستحق سمجھي ٿي.اهي جتان گذرن ٿا عام ماڻهن لاء اهي روڊ رستا ئي بند ٿيو وڃن.ايستائين جو انهن جي آمد تي اسپتالون به عام ماڻهن لاء ممنوع علائقا بڻجيو وڃن.اهي عوام کي سڄو ڏينهن قطارن ۾ بيهاري ڪاڙهين ٿا پر پاڻ ڪنهن قطار ۾ بيهڻ کي پنهنجي توهين سمجھن ٿا.اهي ٻين لاء ته قانون جوڙين ٿا پر ان قانون کي پهريان پاڻ ئي ٽوڙين ٿا.عوام کان ته اٽي جي ڪلي تي ٽيڪس وصول ڪن ٿا پر پنهنجي اربن جي آمدنين تي ٽڪو ٽيڪس نٿا ڏين.ڪو ٽريفڪ يا پوليس جو سپاهي غلطيء وچان انهن کي بيهڻ جو اشارو ڪري ته هي “قانون پسند” بيهڻ بجاء انهيء مٿان گاڏيون چاڙهيو ڇڏين.ڇوته اهي ”خاص” آهن ان ڪري هر معاملي ۾ خصوصي سلوڪ جا مستحق آهن.
    ان سياست جو ڇهون رنگ ان اشرافيا جون غير ملڪي ملڪيتون،اثاثا،اقاما،شهريتون ۽ ڪاروبار ۽ ڪمپنيون آهن.اهي پاڪستان ۾ صرف سياست ۽ حڪومت ڪرڻ اچن ٿا.اهي غيرملڪي مهمان اداڪار آهن.انهن جو اولاد ملڪ کان ٻاهر پڙهي ٿو،ٻاهر رهي ٿو ۽ ٻاهر ڪاروبار ڪري ٿو.اهي ملڪ مان دولت جا ڍير ٻڌي پرڏيهه موڪلين ٿا ۽عوام کي پرڏيهي قرضن ۾ جڪڙي ڇڏين ٿا.انهن جي زڪام ۽ نزلي جو علاج به صرف ٻاهرين ملڪن ۾ ٿئي ٿو ان ڪري جو اهي “خاص” آهن.
    ان ست رنگي سياست جو ستون رنگ ان اشرافيا جو پاڻ ۾ ڪامل اتحاد،اتفاق ۽ ايڪو آهي جنهن کي ڪڏهن هو مفاهمت ته ڪڏهن جمهوريت جي خدمت جو نالو ڏيندا آهن.اصل ۾ انهن جون پارٽيون، نعرا ۽ منشور ڀلي الڳ هجن پر انهن جو نظريو ۽ سوچ ساڳي آهي.انهننجي منزل ۽ مقصود مشترڪ آهي.ان ڪري جڏهن به انهن جي ست رنگي سياست کي ڪڏهن ڪو حقيقي انديشو يا خطرو لاڳو ٿئي ٿو ته اهي سڀ هڪ ٿي جمهوريت جو راڳ آلاپڻ،جمهوريت جا گيت ڳائڻ ۽ سازشن جون من گھڙت ڪهاڻيون سڻائڻ لڳن ٿا.اهي ڪڏهن به هڪ ٻئي جو احتساب نٿا ڪن جو انهن وچ ۾ ميثاق جا عظيم معاهدا ٿيل آهن.
    پاڪستان مان جيستائين ان ست رنگي سياست جو انت نٿو اچي تيستائين ڪو به نظام پوء اهو جمهوريت جي ويس ۾ هجي يا آمريت جي چولي۾،سياست جمهوريت جي پردي ۾ هجي يا تبديليء جي نعري تي ،عوام لاء حقيقي خوشحاليء جو خواب فقط خواب ئي رهندو!


    (روزاني هلال پاڪستان)
    سنڌ سجاڳ بلاگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو