فقير محمد سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    ادبي کيتر جو نامور اديب، شاعر ، ليکڪ فقير محمد سنڌي جي سالگرهه جي موقعي تي c[​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    پنهنجي سونهن ڀري سر زمين سنڌ منجهه اديبن جي ڪا به کوٽ محسوس نٿي ٿئي هن ڌرتي جو هر ڳوٺ شهر ڪنهن نه ڪنهن ادبي زوق واري شخصيت سان سرشار نظر اچي ٿو مڙني شهرن ،ڳوٺن منجهان وري لاڙڪاڻي شهر جي فضيلت ادبي ،توڙي سياسي ٻين شهرن کان نرالي محسوس ٿئي ٿي هن ادبي ، سياسي شهر ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجو پنهنجي ديس ،شهر جو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪمي محسوس ناهي ڪرائي اهڙين شخصيتن منجهان سنڌي ادبي کيتر جو بهترين مقام ماڻيندڙ سنڌ جو سرموڙ اديب ، محقق، شاعر، صحافي ، براڊڪاسٽر ، ليکڪ،ڪالم نگار گهڻ رخي شخصيت جو ڏات ڌڻي فقير محمد سنڌي پڻ هڪ آهي فقير محمد سنڌي تهه سياري پاري واري مند منجهه پنهنجي ناناڻي گهر ترسيل امڙ جي گود منجهه سخت سئ 7 جنوري 1983ع جمعي جي ڀلاري صبح باک ڦٽي مهل دين محمد جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پهريون ساهه کڻي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ، پاڻ ننڍي هوندي ذهين طبعيت جا مالڪ هئا سندس والدين غريب هوندي تربيت به نهايت سهڻي نموني جي ڪري هن کي نصابي علم حاصل ڪرڻ واسطي رواجي طور گورنميت پرائمري اسڪول شاهه محمد سنڌي لاڙڪاڻي منجهه ڦرهي هٿ ۾ ڏئي ويهاريو ، جتان هن وڏي شوق سان سنڌي پنج درجا پاس ڪيا بعد ۾ فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي مشهور تعليمي اداري گورنمينٽ پائليٽ هايرسيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي منجهان مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبر ۾ سال 1998ع ڌاري پاس ڪيو ، پاڻ ساڳئي سال منجهه ديني تعليم سان پڻ آرستا ٿيندي مولوي، عالم ،فاضل جو امتحان پڻ سال 1998ع ڌاري پاس ڪري سند حاصل ڪيائين فقير محمد سنڌي تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال 2000ع نئين صدي جي شروعات ۾ ئي انٽر جي ڊگري سچل سرمت ڪاليج منجهان ڪري فارغ ٿيو ستت ئي گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪري هو فقير محمد سنڌي پوسٽ گريجوئيٽ (ايم _ اي سنڌي ادب) جي ڊگري سچل سرمت ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان سال 2006ع ڌاري حاصل ڪيائين ، پاڻ تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪلاس فيلو منجهان جست ۽ ذهين هوندي هن درسي نظامي جو ڪورس سال 1995ع کان 2001ع وڏي سخت محنت کان پوءِ مدرسه (جامعه عربيه جيلاني ) مان ديني تعليم جي سند سندالفراغ سان فارغ التحصيل پڻ ٿيو،هن صاحب کي ننڍي وهي م ئي ادبي سرگرمين سان نهايت ئي دلي دلچسپي هوندي هئي ،پاڻ ڪيترن ئي ادبي ، سياسي ، سماجي ميڙاڪن ۾ بهرو وٺندو رهيو نيٺ وڃي پنهنجي من جو آواز دل منجهان ڪڍي عام خلق اڳيان نروار ٿيو سندس جي پهرين لکڻي (شاعري ) ميرپور بٺوري منجهان شايع ٿيندڙ رسالي ( باک )جي زينت بڻي

    هي پنهنجي ڏات وسيلي پرين جي آسري کي ڪهڙو نه عجيب رنگ ڏئي ٻڌائي ٿو

    سج لٿو چاندنيءَ آ ڏنوآسرو

    پيار جو کيچليءَ آ ڏنو آسرو

    بيقراري ڏنئي ، انتظارون اڃا

    اڄ وري ڪاهلي ءَ آ ڏنو آسرو

    بار دل تان لٿا، پيار جي سڌپئي

    آس جو بزدليءَآ ڏنو آسرو

    پيار وارو سنيهو سنڌي جو ٻڌي

    دل وري ويسليءَ، آ ڏنو آسرو.

    ، فقير محمد سنڌي ادبي دنيا منجهه سال 1995ع کان وٺي سلهاڙيل آهي پاڻ ٿورڙي عرصي ۾ سنڌي ادب کي ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکي پنهنجي ڏات وسيلي هڪ بهترين مقام حاصل ڪري چڪو آهي هو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي قلم جي نب سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي ڪڏهن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ناهي ڪرائي سنڌي ادب جو هو ڏاهو اديب صوفي مشن ، انسانيت جو پيروڪار پاڻ هڪ ادراري جهڙي حيثيت پڻ رکي ٿو سندس جي زندگي جا رنگ ئي نرالا نظر اچن ٿا پاڻ هڪ ئي وقت ڪيترن تمام گهڻو مشهور ڪمپئر پڻ آهي فقير محمد سنڌي ريڊيوپاڪستان لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا در کڙڪايو مڱر وقت جي مغرور پروڊيوسرس سندس هر آڊيشن منجهه ناڪام پئي ڪيو مڱر هن ڏاهي سلڇڻي ، سيبتي اديب همت نه هاري ان وقت جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم محمد علي ٻانڀڻ جي زماني ڀاڳ جي ديوي ساٿ ڏنو پوءِ ته فقير محمد سنڌي پنهنجي من موهيندڙ انداز ۽ فن سان سال 2005ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندي نظر اچي ٿو سندس ريڊيو ٻڌندڙ ۾ وڏي پزيرائي پڻ حاصل ڪري ورتي آهي فقير محمد سنڌي صاحب ريڊيو تي جيڪي به اسڪرپٽ پڙهيا آهن پاڻ انهن اسڪرپٽن کي سهڻي نموني سهيڙي انهن کي( سونهن سمبار) نالي ڪتاب جي شڪل ڏئي ڇپرائي عام خلاق آڏو پيش ڪيو آهي هن جو هي ڪتاب ريڊيو لاءِ نهايت لاڀائتو ڪتاب پڻ ثابت ٿيو آهي سندس ڪتاب ۾سنڌي ادب سان سلهاڙيل ۽ ريڊيو جي براڊڪاسٽر دوستن جهڙوڪ محترم خليل احمد ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري صاحب، مير بهادر علي مهر ، محترم وسند علي مهر ، محترم پروڊيوسر مشهد اوٺي صاحب ، خالدحسين چانڊيو صاحب ، مشتاق تنيو، سهراب گوپانگ ، خاور قبولائي ، حاجي حسين جلباڻي ، عبدالجبار آزاد منگي ، شرف الدين مغيري ، ۽ محمد ايوب شيخ صاحب جا سيلف انٽريو وڏي اهميت جا حامل پڻ آهن ،هن ڪتاب ۾ فقير محمد سنڌي لوڪ ادب جي تمام سهڻي نموني پچار ڪري نصحيت ڀرين ڳالهين کان وٺي تمام شاندار مختلف شاعرن جي شاعري جي اپٽار پڻ ڪئي آهي ،انسانيت جو درس ، امن ڀائيچاري جو پيغام مختلف شخصيتن جا قول پڻ هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن فقير محمد سنڌي جي ڪتاب (سونهن سمبارا ) منجهه قرآن پاڪ جا حوالا ،حديثون ،انکان علاوه جديد دور سائنسي علمي بحث لاجواب نموني پيش ڪري سنڌي ادب کي آسودو ڪري ڇڏيو آهي ، فقير محمد سنڌي( سونهن سمبارا ) ڪتاب منجهه دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح ، شيخ اياز ، استاد بخاري ، جي من جي آواز کي ڪتاب ۾ ظاهر ڪري شاعري کي نروار ڪيو آهي سنڌ جو هي برجستو اديب قلم ڪار پنهنجي ادبي پورهي وسيلي پنهنجو نالو ادبي لڏي جي ساٿين ۾ مشهور ڪرائڻ ۾ ڪامي ناهي ڇڏي سندس ادبي پورهيو به لاجواب نموني جو آهي سنڌي ادب جي جهول ۾ فقير محمد سنڌي ڪافي ڪتاب وچن وفا جا 2004 ع ،جاني جيون جوڙ 2008ع ،قلمڪار قوي، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ ، گڻ جنهن جا ڳائڻ ماڻهو، سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق، سونهن سمبارا ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي سونهن ۾ مسلسل قلم جي نب سان اڄ ڏينهن تائين اضافو ڪندي نظر اچي ٿو فقير محمد سنڌي ادبي خدمتن ۾ ٻين اديبن کان پڻ پوئتي ڪين ناهي سندس خدمتن ۾ پاڻ روزاني ارادو اخبار لاڙڪاڻو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر 2017ع کان هن وقت تائين ، پاڻ ٻه ماهي قلمڪار جو ايڊيٽر ، ماهوار سجاڳ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر، نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو (رابطه سيڪريٽري ) اياز ادبي اوطاق سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ، قلمڪار پبليڪشن ،لاڙڪاڻو جو نگران ، ان کان علاوه ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو ڪمپئير جا فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو ان کان علاوه فقير محمد سنڌي جا سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزين ، منجهه مختلف موضوعن تي لکڻويون ڇپجنديون رهن ٿيو فقير محمد سنڌي جو هڪ بهترين موضوع ( ڇا ڏنو ڇا ورتو ) روزاني عوامي آواز منجهه لکڻي زينت بڻجندو رهي ٿو ، سندس هي موضوع پڙهندڙن ۾ نهايت مقبوليت ماڻي چڪو آهي ،هن نوجوان اديب فقير محمد سنڌي جي قلمي پورهي لاجواب نموني جو ڪوٺيو وڃي ٿو اڄ 7 جنوري 2018ع آچر ڏينهن 35 ورهين جي ڄمار جي وهي کي پهتو آهي ادبي کيتر جو سرموڙ اديب اڄ 35 هين سالگرهه پنهنجي گهر وارن۽ ادبي لڏي جي ساٿين سان ملهائيندو ، منهنجي هن نماڻي طبعيت جي اديب ۽ ڏات ڌڻي لاءِ دعا آهي ته الله تعالي کيس وڌيڪ لکڻ جي صلاحيت عطا ڪري جئين هو سنڌي ادب کي پنهنجي ڏات سان نوازيندو رهي سندس جو ڪلام عرض ڪجي ٿو

    نيڻن کي سمجهاءِ کيچل يار نه ڪن

    محفل ۾ ئي تنگ ، پنهنجو وار نه ڪن

    ماري ٿو انداز تنهنجو مونکي يار

    ڏيئي پنهنجو پيار دلبر ڌار نه ڪن

    سهڻو تنهنجو حسن ماکي مرڪ مثل

    ٻيئي تو انداز ٻي ڏي لار نه ڪن

    آهن تو کان ڪي مليا تحفا سي

    ٻئي کي ظاهر ٿي تو اظهار نه ڪن

    سنڌي عاشق آ تنهنجو يار الا

    دل ۾ تنهنجي سار ٻي جي سار نه ڪن

    دل ۾ تنهنجي سار ٻي جي سار نه ڪن​
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو