اسين هيڪلا هن جهان ۾ !

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺري ميرواه جي جي هڪ ننڊڙي ڳوٺ جو رهاڪو آهيان
    اکرن سان عشق ڪرڻ توڙي مسلسل ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو مزو بہ هڪ نمايا حيثيت جو حامل آهي، اسان جون ڦڪيون، ڪچيون، توڙي ڪجھ ڪجھ مٺيون ڳالهيون ڪنهن ڪنهن کي موهي ٿيون وٺن، ڳالھ اتي دنگ نہ ٿي ڪري، جن کي اسان جون تحريرون پسند اينديون آهن انهن مان اڪثر دوست اسان وانگر لفظن جو ڄار وڇائڻ چاهيندا آهن، هو يڪدم ليکڪ ٿيڻ چاهيندا آهن، ڪجھ مون سان سڌي طرح رابطي ۾ آيا تہ وري ڪن پيغامن وسيلي پنهنجي ليکڪ ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ گڏوگڏ رهبري ڪرڻ جي درخواست بہ رکي، مون ڪڏهن بہ ڪنهن کي نا اميد نہ ڪيو، وس آهر ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندي انهن دوستن جي رهبري ڪئي جن کي ڪجھ لکڻ يا تخليق ڪرڻ جو شوق، جذبو توڙي ولولو اندر ۾ هيو.

    شروع شروع ۾ اڪثر دوستن ڪجھ نہ ڪجھ لکيو پي، ان سان گڏوگڏ حال احوالي ٿيندا رهيا پر هڪ ڳالھ جيڪا منهنجي لاءِ تهجب جو ڪارڻ بڻي سا هُئي سندن سگهو ئي اسڪرين تا غائب ٿيڻ، گمنام ٿيڻ، خاموشي جا تاڪ هڻي ڇڏڻ، تخليق جي رستن تي ڊينگهر هڻي ڇڏڻ، يعني سندن شوق، جذبو ۽ ولولو تمام ٿوري عرصي يا وري هڪ ٻن لکڻين کان پوءِ ٿڌي ٿي ڪري برف جو ڳوڙو بڻجي پئي، ڳوڙهو بہ اهڙو جنهن کي نہ ٽوڙي سگهجي نہ مروڙي سگهجي.

    ان لاءِ هت دوست سان عرض ڪندو هلا تہ قبلا سائين لفظن سان عشق اُهي ئي مغز ڦريا ڪري سگهن ٿا جيڪي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري ان کي پار ڪري وڃن، انهن فردن کي ئي لفظن سان جادوگيري جو فن عطا ٿيندو آهي ۽ وري جيڪي فرد لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري پويان پير ڪري پاڻ بچائن ٿا انهن کان لفظن ائين رسي وڃن ٿا جئين ڪنهن غريب کان خوشيون، ان لاءِ ڪنهن جي ڏات سان ريس ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي اندر موجود فن کي فڪري بنيادن تي ڳولي لهو ۽ پوءِ وري ان مطابق ڊڪ ڊوڙ ڪيو.

    اسين جيڪي ادبي لڏي جا رولاڪ ماڻهو آهيون، اُهي معاشري جي ٻين فردن کان ٿورو ٿڪو الڳ ٿلڳ آهيون، اسين واندڪائي واري وقت ۾ گهمڻ ڦرڻ توڙي رولڻ جي بجاءِ ڪنهن جي آٿم ڪٿا توڙي سفر نامي پڙهڻ کي وڌيڪ مؤثر سمجهندا آهيون، اسين ڪنهن الڙ جوان ڇوڪري جي پٺيان وقت وڃائڻ جي بجاءِ کيس لفظن جي مالها پارائي محبوب بڻائي ڇڏيندا آهيون پوءِ وري سندس حسن، ڪمال توڙي جمال تي ڪي گيت، غزل توڙي مضمون درج ڪري کيس هميشه لاءِ امرتا بخشي ڇڏيندا آهيون تڏهن ئي تہ سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ” ادي کي خبر نہ چار، ادو عشق ۾ انڌو “ هي پهاڪو اسان جهڙو مجاز رکندڙ اديبن ۽ ليکڪن تي ئي تہ ٺاهيو ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو