دهشتن جي ديس ۾ۡ وحشتن جو واپار!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    سڌريل سماجن ۾ رياست هڪ ماء مثل هوندي آهي جنهن کي پنهن جي اولاد يعني عوام جي اهنجن جو احساس ۽ سورن جي سار هوندي آهي.جيڪر ڪا رياست پنهنجن شهرين کي مڪمل سلامتيء جو ويساهه ڏيڻ ۾ ناڪام ٿئي ۽ ماڻهن جو رياستي ادارن تان ڀروسو ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳي ته پوء ماڻهن جي ان ميڙ کي معاشرو يا سماج سڏي نٿو سگھجي ڇو جو ڪنهن به سماج يا معاشري جو بنيادي اصول ” جيئو ۽ جيئڻ ڏيو.” هوندو آهي. جيڪر معاشري ۾ هر ڪنهن کي پنهن جي سگھه مطابق پنهن جي ئي مرضي هلائڻ جي آزادي ڏيئي ڇڏجي ته پوء رياست جو باقي ڪهڙو ڪارج ۽ مقصد رهجي وڃي ٿو.جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ قانون گهري ننڊ سمهي پوي يا وري هيڻن جي پيرن جي زنجير بڻجي وڃي ته ان سماج ۾ ڏڦير،انتشار،فساد ۽ ڇڙواڳيء کان سواء يو ڇا نظر اچڻ وارو آهي.جڏهن حڪمرانن جون سوچون ۽ رويا صرف سندن ذاتي مفادن تائين محدود ٿي وڃن ٿا ته پوء قانون به پنهنجو اثر وڃايو ويهي جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهاري ڏيهه ۾ ڏهڪاء پيدا ڪري هيڻن کي هيسائڻ ۽ ماڻهن ۾ مستقل دهشت ۽ خوف وار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ آسانيء سان ڪامياب ٿي وڃن ٿا.جڌهن سماج ۾ ان قسم جي افراتفري،بي يقيني ۽ دهشت واري فضا عام ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ته پوء يقين سان چئبو ته رياستي ادارا خاص طور تي حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ۽ ڪن ٻين معاملن ۽ مسئلن ۾ منجھيل ۽ مصروف آهي.اهو صحيح آهي ته ڪنهن به سماج مان سوسيڪڙو ڏوهه ختم ڪري نٿا سگھجن پرسوال اهو هوندو آهي ته رياست ڏوهه جي خلاف ڪيترو سنجيده ۽ سخت آهي؟ ڪنهن رياست يا حڪومت جي ان کان وڌ ٻي ڪهڙي نالائقي،نااهلي يا ناڪامي ٿي سگھي ٿي جو اتان جا شهري پنهن جا معصوم ٻار ڪنهن ڪڪڙ جيان هروقت پنهنجن پرن ۾ لڪائيندا رهن ۽ معمولي غفلت جي نتيجي ۾ کين پنهنجن معصومن جا چچريل لاش گندگيء جي ڍيرن تي نظر اچن.جن حڪمرانن ۾ قومي غيرت هوندي آهي انهن لاء اهو معاملو معمولي ناهي هوندو.پر اسان جهڙن ملڪن ۾ سانحن مان سبق سکڻ ۽ واقعن مان عبرت وٺڻ جي عادت ئي ناهي رهي.ان ڪري باربار سانحا جنم وٺن ٿا ۽ وري وري واقعا وقوع پذير ٿين ٿا.جواب ۾ حڪمرانن وٽ سواء چند رٽيل ۽ اڳواٽ لکيل بيانن،مذمتي نوٽن،تشويشي اظهارن ۽ تحقيقاتي رپورٽون جلد پيش ڪرڻ جي منافقاڻا حڪمن جي ٻيو ڪجھه به نه هوندو آهي.اها بي حسي ۽ بيدردي ان ڪري به آهي جو اها اشرافيا هر لحاظ کان محفوظ ۽ سلامت آهي.حالتن جون کنوڻيون صرف عام ماڻهن جي گھرن تي ڪرن ٿيون، ستمن ۽ صدمن جو شڪار به اهي ئي مسڪين ٿين ٿا.ڌکن ۽ ڏولاون جو ڏهاڳ به انهن ويچارن ۽ لاچارن جي نصيب ۾ اچي ٿو.لڙڪن جون لهرون به انهن ئي بي پهچ مخلوق جو مقدر بڻجن ٿيون. هڪ انساني جان سابه ڪنهن معصوم ۽ ابهم انسان جي جنهن کي اهو به پتو ناهي ته هن کي ڪهڙي پاپ ۾ قتل ڪيو پيو وڃي،ڪهڙي ڏوهه جي پاداش ۾ سندس ساهه گھٽيو پيو وڃي ۽ ڪهڙي گناهه ۾ کانئس زندگيء جو حق کسيو پيو وڃي.سنگدلي جهڙيء طرح سماج جي سريڙ ۾ سمائي آهي ۽ حيوانيت جنهن طرح هنڌ وڇايوآهي ۽ انساني معاشرو انساني قدرن کان جنهن طرز تي اوپرو ٿيو آهي انهيء انتها جو پورو سماج ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڻ به ضرور ذميدار آهي پر وقت جا حڪمران ۽ ٻيا رياستي ادار جنهن غيرسنجيدگيء سان هر سانحي کي وٺن ٿا اهو رويو کين ڏوهارين جو ساٿاري هئڻ جو انومان پيدا ڪري ٿو.

    اها ڪا پهرين ۽ آخري“ زينب“ ته ناهي جنهن جي زندگي ظلم جي ور چڙهي ويئي هجي. هتي ته هر واٽ تي ڪا “زينب” پنهنجن اداس اکڙين ۾انيڪ آسن جا سپنا سجائي والدين کان وڇڙي ٿي.هتي ته زينب جهڙيون ڪئين اڻ ٽڙيل ڪليون بهارن کان پهرين بي رحم خزائن جي زهرآلود هوائن جو کاڄ بڻجيو وڃن.ٻئي طرف انهن جا ڪٺور ۽ قهري قاتل سينو ساهي آزاديء سان ڌرتيء جي سيني تي مڱ ڏريندا رهن ٿا.قانون ۾ اها سڪت ئي ناهي جو انهن ستمگرن جو وار ونگو ڪري سگھي. اهي معصوم مرڪون پاپ جو راڪاس کسيندو رهندو،اداس اکين جا اهي اڻپورا خواب مٽبا،سڙندا،ٽٽندا ۽ ڀڄي ڀورا ٿيندا رهندا.ايئن ئي گهرن جا ديپ اجھامندا رهندا جو اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻون ٿا اتي هر طرف ڏاڍ ۽ ڏهڪاء جو راڪاس رقص ڪري ٿو.هر طرف دهشتن جو راڄ آهي ۽ هر طرف وحشتن جو ڪاروبار آهي.ڪوته ان جيجل جو به درد سمجھي جنهن جي پوري ڪائنات ئي زينب هئي. “تحريڪ عدل” جي آغاز جي علمبردارن کان ڪوته اهو به پڇي ته زينب جي لاء به ڪا تحريڪ عدل ايندي،زينب جي مائٽن کي به انصاف پلئي پوندو.پر نه،هي ته دهشتن جو ديس آهي،امن ۽ انصاف صرف اشرافيا لاء آهي.هتان جي ٻي عام مخلوق صرف ڪيڙا ۽ ماڪوڙا آهن.مرن ته ڇا، جيئرا رهن ٿا ته ڇا! ٻيو ته ٺهيو پر عوام کي پنهن جي قسمت تي روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ جو به حق ناهي. عوامي خزاني مان پگھار کڻنندڙ هي پوري پوليس چند عزتدار ماڻهن جي پروٽوڪول ۽ سلامتيء لاء ئي آهي .رهيو عوام ته انهن لاء پوليس وٽ به صرف سڌيون گوليون آهن ۽ بس!
    (روزاني هلال پاڪستان 12 جنوري 2018ع)
    سنڌ سجاڳ بلاگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو