جديد قومپرستيءَ جو باني سنڌ جو قومي رهبر: سائين جي ايم سيد

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    17- جنوري سالگره جي مناسبت سان:

    اهنسا جو علمبردار ۽ جديد قومپرستيءَ جو باني سنڌ جو قومي رهبر: سائين جي ايم سيد

    تحرير: احمد علي تنيو

    سنڌ ۽ سنڌين کي راه نجات جو تصور يعني آزادي ۽ خوشحالي جو عظيم نظريو ڏيندڙ اهنسا جو علمبردار، جديد قومپرستيءَ جو باني سنڌ ۽ سنڌين جو قومي رهبر سائين جي ايم سيد، عظيم هستين شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، سامي، شھيد شاهه عنايت صوفي، شھيد مخدوم بلاول ۽ حيدر شاهه سنائي جو تسلسل آهي. سائين جي ايم سيد هڪ وڏو دانشور، فلاسافر، مفڪر، صوفي لاڪوفي، تمام وڏي هستي، رُڳو سياسي شخصيت نه پر تمام وڏو سماج سڌارڪ پڻ رهيو آهي.
    سائين جي ايم سيد شروع ۾ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. سن سميت آسپاس جي سمورن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ تعليمي ڀلائي ۽ ترقيءَ جا ڪم ڪرائڻ شروع ڪيائون، سائين جي ايم سيد 16 سالن جي عمر ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سائين جي ايم سيد 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو جنھن ۾ ٻين کانسواءِ هندوستان جا تمام وڏا اڳواڻ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي، مولانا عبدالباري ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا هئا.
    سنڌ جي محبِ وطن بزرگ عظيم هستي سيد حيدر شاهه سنائيرح جي گاديءَ جو چوڏهون سجاده نشين هئڻ جي ڪري سائين جي ايم سيد جن سيد حيدر شاهه سنائيرح جي هر سال لڳندڙ ميلي کي عوام جي سڌاري، ترقي ۽ واڌاري لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هئائون ۽ 1925ع ۾ درگاهه سيد حيدر شاهه سنائيرح جي سالياني عرس کي تعليمي ۽ تنظيمي ڪانفرنس ۾ تبديل ڪرايو، سائين جي ايم سيد سماجي ۽ سياسي حوالي سان ايترو ڪردار ادا ڪيو ۽ نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪيائون جو 1928ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.
    ان کانپوءِ 1940ع ۾ ڪجهه عرصي جي لاءِ تعليم جو وزير پڻ ٿيو، سائين جي ايم سيد وزارت جي دؤر ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جھڙن ادارن قائم ڪرڻ کانسواءِ تمام وڏي دانشور، فلاسافر ۽ عظيم انسان علامه آءِ آءِ قاضي سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو قائم ڪرائي. سائين جي ايم سيد سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙائڻ ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سائين جي ايم سيد جي سياست جو محور سدائين سنڌ رهي آهي. سائين جي ايم سيد شروع ۾ ڀل پاڪستان جي سياست ڪئي هجي، يا 1943ع ۾ سڀني کان اول سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي ٺھڻ لاءِ حمايت ۾ بل پاس ڪرايو هجي، پر ان ۾ به سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي ڏسي ۽ سوچي ايئن ڪيو هئائون، ڇو ته ان وقت اهو طئي ڪيو ويو هو ته پاڪستان ٺھڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن سنڌ سميت ڪنھن به صوبي سان بي واجبي ٿي ته ان کي پنھنجن حقن گهرڻ يا گڏجي رهڻ يا الڳ ٿيڻ جو حق هوندو، پر جڏهن اڳتي هلي ڏٺائون ته مسلم ليگ ۽ سندن آقائن سميت اصل ڪرتا ڌرتا پنھنجا مخصوص مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته سيد اهڙي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ۽ سنڌين سان ويساهه گهاتي جھڙي منصوبي ۽ سازش جي مخالفت ڪئي.
    سائين جي ايم سيد ان وقت کان وٺي پنھنجي جسماني زندگي جي آخري ڏينھن تائين اهڙي مخالفت تي قائم رهيا، پنجاب ۽ مھاجر مستقل مفادن جا رکوالا به ان وقت کان وٺي سائينءَ جا رڳو مخالف نه پر جاني دشمن ٿي پيا، جو کيس ٻاهر گهمندي يعني سياسي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندي برداشت نه پئي ڪيائون ۽ کيس قيد ۾ رکيائون، ايتريقدر جو مٿس قاتلاڻا حملا به ڪرايائون. اهڙي طرح سائين جي ايم سيد کي سنڌ ۽ سنڌين جي آزادي، خوشحالي ۽ حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو ڪرڻ جي پاداش ۾ تڪليفن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو آخر تائين جاري رهيو. ان دوران ڪيترائي حڪمران آيا ۽ حڪومتون تبديل ٿيون پر سائين جي ايم سيد کي قيد رکڻ ۽ کيس تڪليفن ڏيڻ واري پاليسي سڀني حڪمرانن جي ساڳي رهي. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي تڪليفون براشت ڪرڻ جي باوجود پنھنجي نظريي ۽ مقصد ۾ ڪابه تبديلي نه آندي ۽ هر وقت اڏول بيٺا رهيا.
    سائين جي ايم سيد جي عظمت، پاڪدامني، نظريي ۽ اٽل ارادي جي حقيقت کي ڪيترائي سياسي مخالف به مڃن ٿا، پنھنجي جاءِ تي اها حقيقت به آهي. ان کانسواءِ مذهبي انتھا پسنديءَ جي حوالي سان سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ “ويانا امن ڪانفرنس” ۾ فرمايو هو ته،“مذهب ۽ سياست کي گڏ هلايو ويو ته علائقي جو امن ختم ٿي ويندو، ان ڪري ته ٻئي الڳ شيون آهن.” ان وقت سائين جي ايم سيد جون چيل ڳالهيون ۽ اڳڪٿيون اڄ سچ ثابت ٿي رهيون آهن پر ان وقت سندس اهڙين ڳالهين ڏانھن ڌيان نه پئي ڏنو ويو نتيجي طور پاڪستان سميت دنيا جا گهڻا ملڪ اندروني انتشار، بيروني مداخلت، مذهبي انتھا پسندي، دهشتگردي ۽ ٻين قومن کي غلام رکڻ ۽ مٿن هلائون ڪرڻ ڪري پريشاني جي عالم ۾ آهن. موتمار هٿيارن، بم ۽ بارود گڏ ڪرڻ ۽ ٻين تي استعمال ڪرڻ ڪري دنيا ۾ غير محفوظ ۽ غير يقيني واري صورتحال لڳي پئي آهي، جيڪر ان وقت اهڙن ويچارن ۽ ڪرايل نشاندهين کي نظر م رکي عمل ڪيو وڃي ها ته هن وقت اهڙي صورتحال نه هجي ها جيڪا هينئر پاڪستان سميت دنيا جي آهي.
    ڪجهه عرصي کان ان حقيقت کي ڪيترائي ملڪ ۽ ڪجهه ڌريون تسليم ڪري رهيا آهن. ان کان سواءِ هن وقت سيد ۽ سنڌ جي مخالف هر سياسي پارٽيءَ وارن جي اها مجبوري آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪن، اها سائين جي ايم سيد جي نظريي ۽ سوچ جي ڪاميابي آهي، باقي سنڌ ۽ سنڌين کي آجپو، خوشحالي ۽ کين حق ڪڏهن ٿا ملن اهو سنڌين ۽ سندن هڏ ڏوکين جي گڏجي جدوجھد ڪرڻ سان گڏ وقت ۽ حالتن تي آهي.

    ahmedalitunio@gmail.com
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو