آڱر جو اشارو...!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به نت نوان سياسي تماشا روزبروز ٿين ٿا، مخلوق خدا جو اڪثر خيال اهوئي آهي ته اهي سڀ ڪنهن جي آڱر جي اشاري تي ٿين ٿا.هڪ لحاظ کان ان خيال کي بلڪل رد ان ڪري به نٿو ڪري سگھجي جو اسان جو سياسي ماضي اهڙن مثالن سان مالامال آهي.پر هن وقت اسان جي سياسي،سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ڪجھه حصن کي گھڻي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ ئي ان ڳالهه تي آهي ته اڃا تائين آڱر جو ڪو اشارو ٿئي ڇو نه ٿو.آڱر جي اشاري تان ياد آيو ته تازو لاهور جي مال روڊ تي مچايل سياسي ميلي ۾ سياست جي وڏي ۾ وڏي گرو جناب زرداري صاحب جي چوڻ مطابق جيڪر هو چاهي ته آڱر جي هڪ اشاري سان نواز ليگ حڪومت جا ٽين ٽپڙ گول ڪرائي ۽ جمهوريت جي جھڳي جھڻ ڪري سگھي ٿو.هاڻي هو موجوده حڪومت جون سموريون نالائقيون ۽ نااهليون ڄاڻائڻ ۽ محترم نواز شريف کي گريٽر پنجاب جو مصور سڏڻ ۽ کيس شيخ مجيب جي صف ۾ بيهارڻ باوجود به اڃا ڪو آڱر جو اشارو نٿو ڪري ته ضرور هو ميان صاحب تي ڪو عظيم احسان ڪري رهيو آهي يا ميان صاحب طرفان مٿس ڪيل ڪنهن عظيم احسان جو بدلو چڪائي رهيو آهي يا وري ميان صاحب کيس آڱر جو ڪو اشارو ڪري رهيو آهي.قادري صاحب فرمائي ٿو ته جيڪر هو پنهنجي ڪارڪنن کي آڱر جو اشارو ڪري ته اهي شريف برادران لاء زمين تنگ ڪري ڇڏين ۽ انهن کي جاتي امرا ۾ لڪڻ جي جاء نه ملي.هاڻي قادري صاحب جيڪرشريف برادران کي ئي پوري دنيا ۾ پکڙيل فساد جي جڙ ۽ بيگناهه انسانن جو قاتل سمجھڻ باوجود اڃا تائين سندن خلاف آڱر جو اشارو نٿو ڪري ته سمجھڻ گھرجي ته هو اشارن ئي اشارن ۾ گھڻو ڪجهه چئي رهيو آهي.ڪپتان صاحب ته امپائير جي اشارن جي ڳالهه ڪري اڳيئي گھڻو ستم سهي چڪو آهي،اهو به جيڪر آڱر جو اشارو ڪري ته انهيء پارليامينٽ جا سندس سڀيئي ميمبر استعيفا ڏيئي احتجاج ريڪارڊ ڪرائي سگھن ٿا، جنهن پارليمينٽ تي هو لعنتن جا گل ڇنڊي چڪو آهي .ڪپتان آڱر جي هڪ اشاري سان خيبر پختون خواه جي حڪومت ته ڇا اسيمبلي ئي ڊانوان ڊول ڪري سگھي ٿو.پر هو اهڙو اشارو ڇو نٿو ڪري، اهو اشارو سمجھڻ وارن لاء کوڙ آهي.خبر نٿي پوي ته جھوني جوڳي شيخ رشيد کي اوچتو ڪهڙو اشارو ٿيو جو جلسي ۾ هو آيو ته هو ڪنهن کان استعيفا وٺڻ پر پاڻ استعيفا ڏيئي وڃي لال حويليء ۾ تارن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.هڪ ڳالهه جيڪا اڃا تائين ڪنهن جي ڊول ۾ نٿي اچي ته هي سڄو ميلو آخر ڪنهن جو پٽڪو چورائڻ لاء مچايو ويو هو؟ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي ته انصاف جيڪي مليو سو مليو پر سندن نالي سان تازي وڇايل سياسي تڏي تي روئي روئي سڀني پنهن جا حال وڃائي چڏيا.“پٿر پرائو،سور پنهنجا.” جي چوڻي موجب هر سياسي اداڪار پنهن جي حصي جو دان ضرور حاصل ڪيو.جيڪو به اسٽيج تي آيو پنهنجا سور سڻائيندو ۽ پنهنجن پارٽين جي ڪارڪردگين جا قصا ٻڌائيندو ۽ ڪارنامن جا داستان ڳائيندو ٿي ويو.قادري صاحب پاران خيرات ڪيل ماڊل ٽائون سانحي جي وارثيء جي ديڳ سڀني جي وچ ۾ هڪجهڙي ورهائڻ کان پوء قادري صاحب هٿ ڇنڊي پري ٿي بيهي رهيو ۽ شهيدن جي خون کي انصاف ڏيارڻ جي تحريڪ جون واڳون مڪمل ۽ مشترڪه طور تي ان جي اهل وارثن حوالي ڪري ڇڏيون.هاڻي قادري صاحب ڪجھه به نه ڪندو جيڪي ڪجھه ڪندو سو انهن سڀني جي آڱر جو اشارو ڪندو.اسان پاڪستاني به ڏاڍا اتڪا آهيون.شايد ڪپتان کان به وڌيڪ تڪڙا جنهن کي هر صحيح وقت تي غلط فيصلو ۽ هر غلط وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ جي دعا ٿيل آهي.پر مسٽر زرداري ان معاملي ۾ ايئن ناهي.هو چالاڪيء سان گھڻن جا ترا ڪڍيو ڇڏي. پاسي ۾ بيٺل کي اهڙي ته ادا سان چهنڊڙي هڻندو جو ڇهنڊڙي پاتل ڀلي پيو لوڻا هڻي ۽ آڱر جا اشارا ڪري ته اها چهنڊڙي ڪنهن هنئي؟ قادري صاحب جيڪو اٿندي ويهندي پارليامينٽ تي گجندو ۽ وسندو رهندو آهي ان کي خبر ناهي ڪنهن جي اوچتوآڱر جو اشارو ٿيو جو سندس دل ۾ ملڪ جي پوري حزب اختلاف کي متحد ڪرڻ ۽ کين محبت جو حلوو کارائڻ جو جذبو جنون جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ لڳي ويو سياسي گلدستي لاء گل ڳولهڻ ۾! خير، جنون ته هوندو ئي آهي چرپڻ.جڏهن جنون ۾ ڪو مجنون بڻجي وڃي ته ان کي ميار ڏيڻ مناسب ناهي.بس قادري صاحب جي سادگيء تي صدقي ٿيڻ لاء دل چوي ٿي.سادن ماڻهن کي سياست جي پريء کان پرڀرو ئي رهڻ گھرجي،ڏاڍي ظالم آهي اها حسينا.آڱر جي اشاري سان گھڻن جي ڪردار جا سالن جي محنت سان بنايل گھر ڪيرايو مسمار ڪيو ڇڏي.گھڻن جون اخلاقيات جون اوطاقون ئي اونداهيون ٿيو وڃن. زبان مان نڪتل لفظ روشنين جي سڪت وڃائي دونهون بڻجي هوائن ۾ تحليل ٿيو وڃن.جيڪر قوم پنهنجن رهبرن تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته پوء رهبر ۽ رهزن ۾ رڳو معمولي سنڌو ئي رهجيو وڃي.قادري صاحب شيخ رشيد جهڙي کٽاري گاڏيء کي محفل جو مور يعني مين آف دي مئڇ قرار ڏيئي ڪجھه ته سندس تازن ۽ پراڻن زخمن تي پها رکيا پر پوري مئچ کٽڻ وارو،محفل لٽڻ وارو ۽ ميلو لٽي پوري جو پورو کيسي ۾ وجھڻ وارو ڪو ٻيو هو،جيڪو اشارن ئي اشارن ۾ اشارا ڪندڙن کي اهو اشاري ڪري ويو ته ضدي ۽ نااهل نوازشريف جو مناسب متبادل ۽ ميان صاحب جي مزاحمت جو مقابلو ڪندڙ صرف هو آهي.انڪري مهرباني ڪري کيس ڪو عنايت جو اشارو ڪيو وڃي ته هو سڄو ميدان صفا ڪري ڏيندو.ٻئي طرف هن عوام کي ۽ ساڻس هيستائين ساٿ نڀائيندڙ اليڪشني اميدوارن کي اهو اشارو ڪيو ته هن وقت اشارن ڪرڻ وارن جا اشارا اسان کي مليا آهن.ان ڪري ڏاها ٿيو،هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسو،نڪ جي سڌ ۾ هلندا هلو.منزل قريب آهي.هڪ دفعو اسلام آباد جي اقتداري ايوانن جا دروازا وري اسان جا منتظر آهن.اها آهي اليڪشن جي نفسياتي مهم جيڪا اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي ووٽرن کي بي حد متاثر ڪندي آهي.ماڻهو چوندا آهن ته ميان! جيڪو هاڻي حڪومت ۾ اچڻ وارو آهي ووٽ انهن کي ئي ڏيڻو آهي،۽ عوام جي خيال مطابق حڪومت انهن کي ئي ملڻي آهي جن کي آڱر جو اشارو ٿيندو.خبر ناهي ته اهو آڱر جو اشارو ڪنهن کي ٿيڻ وارو آهي پر في الحال آڱر جو اشارو ڪرڻ وارا اشارن ئي اشارن ۾ ڪجهه اهڙا اشارا ڪري رهيا آهن جن شيروانين جي سڀني شوقينن کي ڄڻ ته گونگو بڻائي ڇڏيو هجي ۽ اهي سڀ اشارن جي زبان ڳالهائي رهيا هجن!
    (روزاني عوامي آواز 20 جنوري 2017ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو