محمد جمن سنڌي راڳ جو يگانو فنڪار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    استا محمد جمن سنڌي راڳ جو يگانو فنڪار

    28 ورسي جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري( وارهه)

    سنڌي سر ۽ سنگيت جو تمام وڏو ڄاڻو، بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد محمد جمن ولد حاجي احمد سخيراڻي ،بلو چستان جي علائقي لسٻيلي سوڙه لڳ ڪنڊ جهنگ ۾ خميس ڏينهن 10 آڪٽوبر 1935ع ڌاري راڳي ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو.استاد محمد جمن کي ننڍپڻ کا وٺي دنيا جي قديم ترين ساز بانسري وڄائڻ جو شوق هوندو هيس سندس وڏا وري سرندو وڄائڻ جا وڏا ماهر هوندا هئا. وڏڙڻ جي هنج ۾ ويهي پيو سرندو سر ٻڌندو هو سرندي جا سهڻا سوز ڀريا ساز سندس روح کي راحت پيا ڏيندا هئا.سرندي جي سازن ٻڌڻ شرط ننڊ به اچي ويندي هيس . استاد محمد جمن جواني جي جوبهن ۾ ئي موسيقي سکڻ واري ڪرت سان دلي لڳاءَ لڳي ويوهيس تنهن بعد سڀ سر سکي . محمد جمن راڳ جو ڳانو استاد نظر حسين کا ن ٻڌرايو . جيڪو پاڪستان جي مشهور فنڪاره ملڪه ترنم ميڊم نورجهان جو پڻ استاد هو محمد جمن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته استاد نظر حسين مونکي چوندو هو ته ( محمد جمن توهان فن موسيقي ۾ ملڪه ترنم نورجهان کان به تمام وڌيڪ ڄاڻو آهيو ) ان جو واقع واضع ثبوت اهيو هو ته محمد جمن کي موسيقي جي مختلف سرن تي وڏي دسترس هوندي هئي .لئي ۾ مهارت به سندس گائيڪي جي خاصيت هئي . طبلو، گهڙو، ڍولڪ ،سنڌي موسيقي جي تال جا ساز آهن پنهنجي گائڪي ۾ استاد محمد جمن انهن کي استعمال ڪندي لئي جو اهو وزن قائم رکندو هو .جيڪو موسيقي سان دلچسپي رکندڙن ۾ گهڻو مقبول رهيو جيتوڻڪ محمد جمن آواز ٿورو نڪ مان ڪڍندو هو پر پوءِ به سندس آواز ميٺاج ۽ مڌرتا سان ٽم ٽار هوندو هو .جڏهن 1947 ع اسان جو پيارو ملڪ دنيا جي نقشي تي اڀري وجود ورتو. ته ان زماني ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيش ڪانه هئي .ٻارنهن مهينا گذرڻ بعد 14 آگسٽ 1948 ع ڌاري ڪراچي شهر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ان وقت ريڊيو ڪراچي سرواڻ زيڊ اي بخاري صاحب (ذوالفقار علي بخاري ) هوندو هو بخاري صاحب اسٽيشن ٺهڻ ڪجهه مهينا بعد ڪجهه فنڪارن کي ڪلفٽن (ڪراچي) تي ٻڌو انهن منجهه محمد جمن به شامل هو ان زماني ۾ بخاري صاحب محمد جمن کي ريڊيو اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ استاد محمد جمن کان آڊيشن ورتائين . استاد محمد جمن کيس ڪوهياري راڳ منجهان ڌن ٻڌائي اها ئي ڌن سندس قسمت جو ساٿ بڻجي وئي .جنهن کانپوءَ محمد جمن کي بخاري صاحب اسٽاف آرٽسٽ جي حيثت ۾ ريڊيو تي ملازم ڪري رکيو.ريڊيو اسٽيشن سان وابستگي کان پوءِ سنگيت جي سکيا وٺڻ لاءَ ڪلا سيڪي موسيقي جي سکيا بڙي وحيد علي خان کان ورتي هڪ روايت موجب 1949 ع ڌاري استاد محمد جمن ۽ استاد محمد حسن ريديو تي آيا هئا . ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هئا .ان بعد زيڊ اي بخاري صاحب کيس بينسري نواز جي حيثيت سان ٻڌو ۽ ريڊيو تي ملازم ڪري رکيو ڪي وري چون (لکن) ٿا ته 1957ع 1958ع ڌاري ڳائڻ جو آڊيشن ان وقت پهريو سنڌ پرڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب ورتو پر کيس آوز ساٿ نه ڏنو چاڳلا کي سندس تلفظ بنهه پسند نه آيو کيس ناپاس ڪيو .محمد جمن کي صلاح ڏنائون ته( ٻه، ٽي درجا پڙهي اچ ۽ تلفظ به چٽو ڪري اچ )پوءِ محمد جمن محنت سان لڳي ويو نيٺ پهريون درجو اڌو گابرو پڙهڻ بعد ڪجهه تلفظ سڌاريائين . .استاد محمد جمن ريڊيو تي جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ( ڳايو) هو جنهن جو شاعر ڌرتي جو سڀ کان وڏي شاعر حضرت شاهه عبدا للطيف ڀٽائي رح ئي هو جنهن جا ٻول هئا

    دوست پيهي در آيو ٿيو ملڻ جو سعيو ؛

    1955ع آگسٽ مهيني ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيش جو وجود پيو استاد محمد جمن کي هن اسٽيشن تي موسيقار جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو استاد محمد جمن ڪافي عرصو حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي رهيو هن اتي رهي سنڌي موسيقي جي زبردست خدمت ڪئي استاد محمد جمن ريڊيو ، ٽي، وِي اسٽيج کانسواءِ فلم ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو کيس ٽيليويزن اسٽيشن تي محترم عبد الڪريم بلوچ معتارف ڪرايو .( ڪر ڌيان دنيا آهي فاني) محترم مرزا قليچ بيگ جو ڪلام ڳائي رڪارڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد محمد جمن هوئين ته ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پنهنجي آواز ۾ ڳائي مڱر شاهه لطيف جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو . جيڪو ڪلام سندس سڃاڻپ بڻيو سوهو لطيف سائين جو ڪلام (منهنجو ملڪ ملير ڪوٽن ۾ آءُ ڪين گذاريان ) هن ڪلام جي ڌن ان زماني جي مشهور موسيقار (ديبو ڀٽاچاريه ) جي ڳاهيل هئي .ان ڪلام محمد جمن جي شهرت ۽ زندگي کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا جتي به پنهجي فن جو مظاهرو پيو ڪري ته اتي سندس پرستار هن ڪلام جي فرمائش پيا ڪندا هئا.ان بعد سندس قسمت جي ديوي چوٽ تي هئي، پنجابي زبان جي مشهور شاعر با با بلي شاه جو ڪلام (انت بحر دي ڪل نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا ) به مقبوليت جو سبب بڻيو .هڪ ٻئي ڪافي ملڪان ملڪ مشهوري ماڻي اها هئي شاعر عثمان فقير سانگي جي سرائڪي جنهن جا ٻول (يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي ) .هن ڪافي جي ڌن استاد محمد جمن ايتري ته سهڻي رکي هئي جو جنهن منجهان پاڪستان کان علاوه هندوستان جي اردو موسيقارن پڻ ڪجهه گانا ڳايا .سندس کوڙسارو ڪلام ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيوز۾ رڪارڊ ۽ محفوظ ٿيل آهي استاد محمد جمن ڏيهه کانسواءَ ٻاهرين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيوجن ۾ ايران ، انڊونيشيا ، روس، چين، هندوستان، افغانستان، بنگلاديش وغيره شامل آهن .1962 ع ڌاري پاڪستان جا لوڪ فنڪار روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا هئا . انهن ۾ استاد محمد جمن سنڌي سنگيت جي فنڪارن جي اڳواڻي پڻ ڪئي هئي .استاد محمد جمن سنڌي زبان کانسواءِ اردو، سرائڪي ۾ به فن جو مظاهرو ڪندو هو . هن ٻن فلمن لاءِ به ڳايو هڪ سنڌي فلم (تنهنجون ڳالهيون سڄڻ )۽ ٻئي فلم اردو زبان جي ( ڪالو ) ۾ پڻ ڳائي فلم جي زينت ۾ اضافو ڪيو.استاد محمد جمن پنهنجي زماني ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي موسيقي جي فني سکيا سان نوازني تيار ڪيو تن ۾ جيجي زرينه بلوچ زيب النساءَ، جميلا ناز، علي محمد خاصخيلي، شفيع محمد وغيره اهي فنڪار پڻ وقت جا وڏا نالا هئا استاد محمد جمن جي فن جي قدرداني به خوب ٿي کيس لاتعداد انعامن ۽ اعزازن سان وقتن به وقتن نوازيو ويو جن ۾ گولڊ انعام، بيدل انعام سگا ايوارڊ ، لطيف ايوارڊ ته (ٻه) ڀيرا ڏنو ويو ۽ سچل سرمست ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو 1980ع ڌاري پاڪستان سرڪار پاران ( صدارتي ايوارڊ تغمه حسن ڪارڪردگي )پڻ شامل آهي سر ۽ سنگيت جو تمام وڏو ڄاڻو استاد محمد جمن اربع ڏينهن 24 جنوري 1990ع تي پرهه ڦٽي مهل ڌاري 54سال 3 مهينا ۽ 14 ڏينهن زندگي جا گذاري سڀ ساز بند ڪري ، وڃي خالق حقيقي سان مليو . ڪافي عرصو (28 ) سالن گذرڻ باوجو سندس فن کي اڄ به ساڳي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جس لهڻي جو سندس ورسي جي موقعي تي هر سال فن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ورسي ملهائي ويندي آهي جنهن ۾ استاد محمد جمن جا شاگرد ۽ موسيقار کيس فن ، شخصيت ۽ موسيقي تي ڀيٽا پيش ڪندا آهن هن عظيم فنڪاري جي اڄ 24 جنوري 2018 تي 28 ورسي ملهائي پئي وڃي _________________ _____________________________________________

     
    عبدالغني لوهار ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لک قرب، پيرائتو تعرف ... سنڌ جي سهڻي راڳي استاد محمد جمن جو ... جڏهن لطيف جي شاعري هجي ۽ استاد جو آواز ته اهڙو سحر طاري ٿئي ٿو جو مثال ڏيڻ مشڪل آهي ... سدا سرها هجو ...
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هڪ بهترين گلوڪار هيو
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ جي ڀلوڙ راڳين منجهان هڪ هيو ، لک قرب ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو