خوبصورت شاعر منور ملاح شخصيت ۽ شاعري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نيڻ ناکئا ڇولين جو سفر

    خوبصورت شاعر منور ملاح شخصيت ۽ شاعري

    تحرير : اياز عمراڻي

    شاعري رڳو اکرن جو ميڙ ناھي ھوندي , ان ۾ جيئرا جاڳندا احساس ۽ جذبا ساھ کڻندي , ڪيفيتون ڪر موڙيندي , ڪائنات جا اسرار کلندي , سرور چڙھندي ء لهندي , تخيل جون تجليون کنوڻ جيان کنوندي پسبيون آھن , اھڙن احساسن ۽ ڪيفيتن جي جمالياتي اظهار جو نالو شاعري آھي ,
    شاعري ٻين لکتن کان الڳ انڪري آھي جو , اھڙي اظهار جي آوازن ۾ نغمگي ۽ خيالن جي تسلسل ۾ ڇير جي ڇمڪار جو فطري آھنگ لازمي قرار ڏنل آھي ,
    شاعري جا 03 نمايان ايليمينٽ آھن , جيڪي ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن ,

    01 روح
    02 جسم
    03 لباس

    شاعري جو روح خيال کي سمجهيو وڃي ٿو , جنهن ۾ فڪر , نياپو ۽ شعريت اچي وڃن ٿا ,

    انجو قالب , جيڪو خيال کي مقرر قاعدن موجب , ھڪ خاص ترتيب ۾ پابند ڪري ٿو , شعر جي ھيئت [ گهاڙيٽو ] بحر وزن ان ۾ اچي وڃن ٿا , پوء انجو تغزل علم عروض , ڇندوديا يا پراسڊي Prosody تي ٻڌل ھجي يا انهن قاعدن ۾ مڃتا جوڳا نوان تجربا شامل ھجن , کي شاعري جو جسم مڃيو ويو آھي ,

    شاعري جو لباس ٻولي , تجنيس , تشبيهون ۽استعارا آھن ,

    جيئن مصور رنگن مان نوان رنگ ٺاھي , تيئن نئين ۽ انوکي شئي تخليق ڪرڻ جو ساھس ئي ڪنهن شاعر کي منفرد ۽ مٿاھون مقام عطا ڪري ٿو ,


    ڏينهون ڏينهن نئون,
    مون کي ورھ , ويڙھيچن جو ,
    , شاھ ,

    ٻولي جي لفظن , ترڪيبن , تشبيهن , استعارن , پهاڪن ۽ عام چوڻين کي مهارت سان استعمال ڪري نواڻ ۽ چس پيدا ڪرڻ سان گڏ , حال جو ماضي سان تعلق جوڙي , مستقبل جا خوبصورت خواب پوکڻ ئي ڪنهن شاعر جي شاعري جو سماجي ۽ ادبي ڪارج بڻجي ٿو ,

    شاعري آرٽ ته آھي ئي پر انجا محرڪ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون ۽ احساس , جيڪي شاعراڻي مزاج ۾ , مشاھدي ۽ مطالعي جي ميز تي نکري نروار ٿين ٿا , جيڪي مسلسل رياضت ته ڪڏھن وجدان جي صورت ۾ تخليق جو روپ ڌارين ٿا ,

    وجدان يا الهام جي وچ ۾ ڪهڙي يا ڪيتري وٿي آھي , انجو جواب ته فلسفو ڏيندو ,,,

    شاعر تي اثر انداز ٿيندڙ داخلي توڙي خارجي ماحول ۽ ورتاء جو ردعمل ضروري ناھي ته پڙ تي نتيجو ڏئي , ڪو شعر سرجي پوي , يا چپن جي وٿين کي چيري ڪو دلڪش يا دردناڪ آواز ٻري پوي , پر اھو سڀ ڪجھ شاعر جي تحت الشعور مان لاشعور يا يادگيرين جي گنج [ حافظي ] ۾ گڏ ٿيندو رھي ٿو , اھوئي معقول ۽ مخصوص وقت تي , خاص ڪيفيت ۾ , شاعر جي تخليقي شعور ۾ اچي شاعر کي لکڻ لاء اتساھي ته ان process ۽ ڪيفيت کي ئي وجدان چئجي ,

    وجدان شاعراڻي مزاج لاء ئي مخصوص آھي , تنهنڪري ئي شاعر کي ڏات ڌڻي ڪوٺيو وڃي ٿو ,
    شاعري پيار جي پورھئي سان ئي پختي ٿئي , جي شاعري ۾ شاعر پنهنجو جيء نه ولوڙي ته ,,,

    سڌڙيا شرابن جون ڪوه پچارون ڪن ,,,,

    شاعر ۽ شاعري جو تعلق موکي ۽ متارن وارو آھي , وجدان اتساھي , عشق ڀڀڙ بڻائي , شاعراڻو Treatment نکاري ۽ نروار ڪري ته شاعري جي اپسرا اچيو شاعر جي اڱڻ تي رقص ڪري ,

    اھڙي ڪنهن سنڀارا جو رقص ,,,
    مون منور جي اکين ۾ ڏٺو آھي , يا کڻي ائين چئجي ته شاعري لاء مون مٿي جيڪا تمهيد ٻڌي آھي منور جي شاعري ۾ اھو سڀ ڪجھ موجود آھي ,
    منور پنهنجي مزاج ۾ شاعر آھي , سندس اکين جي شاعراڻي اڏار جهپ ھڻي جهٽڻ جو ساھس رکي ٿي ,

    منور جيئن ته پنهنجي ٻالجتي کان جوڀن تائين ٺري , مکي ۽ ناري جي دلڪش فضائن , ڍنڍن , پکين , رنگن ۽ ٻوٽن ۾ پنهنجا سرل ساھ کڻندي , شاعري جي شاھراھ تي ڀٽڪندي شاعري جي سنگهاسن تي پهتو آھي , تنهنڪري سندس شاعري ۾ اسان کي اھي ئي رنگ روپ ملن ٿا , جن گسن تان ھو گذريو آھي , سندس شاعري انهن جو ئي اولڙو ۽ عڪس آھي ,

    ,,, منور پنهنجي آس پاس ڇاڇر کي ڇڇوليو آھي ,,,

    توڻي جو منور شاعري سان گڏ ھڪ خانگي نوڪري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي , جيڪي ٻئي اڻ ٽر ۽ اوکا ڪم , ٻنهي سان نڀائيندي , ھن شاعري سان نينهن کي ڪڏھن به نرلڄو ٿيڻ ناھي ڏنو , يا ائين چئجي ته ھي ڪنهن به ڪم ۾ ڪسر جو قائل ڪونهي ,

    منور ملاح جي رابطي ڪاري قابل رشڪ آھي ,
    مون کي حيرت ٿيندي آھي , ھن سڄي سنڌ جي شاعرن سان تعلق جي تند کي ڪڏھن ٿڌو ٿيڻ ناھي ڏنو , سڀئي شاعر ساڻس قرب جي ڪڙي ۾ ڪڙيل آھن , جيڪا ڳالھ سندس سنگت سان بي لوث محبت ۽ سچائي جو ثبوت آھي ,

    منور منهنجو دوست آھي , ڀاء آھي , جيئن ڪڙو منجھ ڪڙي لوھار لپيٽيو , تيئن اسان جي جيء جو جيء سان جڙاء آھي ,
    منور جذباتي به ڏاڍو , حساس به حد کان وڌيڪ , وڙھي ورچي پل ۾ پرچي پوي ,
    اھوئي سندس اندر جو عڪس آھي , جيڪو سندس Temperament جي آرسي کي پرنٽ آئوٽ ٿو ڪري ,

    منور اکرن ۾ موجود احساسن ۽ ڪيفيتن جي سونهن کي مشق جي ڇيڻي سان ٽڪي ٽڪي نکاري نروار ڪري ٿو , يقينن ھن فرھاد جي جيء جي جهڳي ۾ ڪا شيرين به ستل ھوندي ,

    شام پنهنجو ھاري رنگ وڃي ستي ,
    انگ نينهن جو , لهرن مان نڪري نٿو ,

    ھن سنواريو پاڻ پئي , مون ٿئي ڏٺو
    دير کان ڇو , درپن مان نڪري نٿو ,

    ھر سماج کي پنهنجا قدر ٿين , اسان وٽ محبت به خدا وانگر لاشريڪ ,,, ۽ شرڪ جي شڪ جي اڏي تي عورت جو ئي انگ اچي , منور اھڙي دستور کي الٽي اک سان ڏسي ٿو ,

    تنهنجي محبت مومل جهڙي
    روح منهنجي ۾ راڻو ڦٿڪي ,

    ھن کڻي اکيون ڪيڏانهن ناھي ڏٺو
    شخص ھڪڙو جوڀن مان نڪري نٿو ,

    ,,,منور موھ ۾ رقابت کي به نفاست سان ڏسي ٿو ,,,,

    ڪيترا اڏريا پوپٽ چڙي
    مون رکيون ڇا گل تي آڱريون ,

    ,,,ناکئي ۽ ناري جي لهجن جو سهڻو امتزاج ,,,

    نيڻ ناکئا , ڇولين جو سفر ,

    چوڙو جنهنجو ٽٽل آھي تارن جيان
    راھ تنهن جي ڏٺل آھي تارن جيان ,

    ڪير ميڙي ڀلا چنڊ ٽڪرا ھيو
    شهر سارو ڊٺل آھي تارن جيان ,

    اڄ چني ياد جي شبنمي ٿي لڳي
    سونهن ڪائي لڪل آھي تارن جيان ,

    ,,,,,,,,,,,,,,, داخلي ڪيفيتون ,,,,,,,,,,,,

    رھجي ويا ھن ريج اکين ۾
    درد ٻگهن جيان اڏري آيا ,

    ,,,,,,,,,,,,منظرنگاري ,,,,,,,,,,,,,,

    مرڪ حياء ۾ ڳوٺاڻي جي
    رنگ ڳلن تي نکري آيا ,

    تنهنجي اکين جي مئخاني ۾
    خواب اسان جا وکري آيا ,

    تو پئي ڪپڙا رنڱيا
    اڌ اگهاڙو منظر ڄڻ
    مون پاڻي پيتو پئي ,

    درد کي ئي مات ھئي
    تنهنجو اچانڪ مرڪڻ
    مون پاڻي پيتو پئي ,

    ,,,,,منور جو سوچيندڙ ذھن پنهنجي آس پاس جي حالتن کان ڀلا ڪيئن ٿو بي خبر رھي سگهي , آخر مهاڻي جو پٽ مهاڻو ئي رھي ڇو ڀلا ,,,,

    ھو ھٿن جو زخمي مقدر ڪنهن لکيو ,
    ڄار پنهنجي ڀاڳن مان نڪري نٿو ,

    سار تنهنجي جاڳائي ٿي سوچ ۾
    ٻار من جو تارن مان نڪري نٿو ,

    ڄار پنهنجو ھاڻ خالي ڇا ڪيان ,
    گهر سڄو فاقو , اھو کٽڪو رھيو

    مٿيئين بند جون سٽون , سنڌ جي سامونڊي پٽي تي مڙھيل ٺيڪيداري نظام کانپوء ابراھيم حيدري کان کاري ڇاڻ تائين جي مهاڻن جي منظرڪشي ڪن ٿيون ,

    معاشي حالتون ,,,,,,,,,,,,,,

    زندگي ڏي , خودڪشي ڏي , ڇا خبر
    ڏينهن ٻن کان , بک تي روزو ھيو ,

    ,,,,منور مذھبي انتهاپسندي خلاف اندر جي اوڳر کي ھيئن ٿو اوڳاڇي ,,,

    ڏس سچل جي رنگ گيڙو ۾ اچي
    ھن محبت ۾ ڪٿي فرقو ھيو ,


    ,,,,,,,,منور جي سجاڳ شيرين جا احساس ,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

    ٿي سکين کي ھو ٻڌائي ناز مان
    سونهن ھن جي تي غزل لکيو ھو ,

    ,,,,,,,ڪجه شعر ,,,,,,,,,

    ھو ندي تي پير ٿي ڌوئي پئي
    ڇا پٿر تي سونهن جو جلوو ھيو ,

    عشق جا مون ڪيترا سجدا ڏٺا
    سن سموري سنڌ جو ڪعبو ھيو ,

    ڇا قيامت ۾ ٿئي ناھي پتو
    پر چپن تي , سنڌ جو ڪلمو ھيو ,

    منور شاعري جي لڳ ڀڳ سڀني, رائج ,, صنفن تي لکيو آھي , نظم جي طوالت کي Avoid ڪري ته بهتر , غزل تي سندس سٺي پڪڙ آھي ,

    منور جي شاعري ۾ تخليق جا ادبي توڙي سماجي ڪارج ور ور ڏئي ليئاڪا پائيندي ٿا پسجن ,
    منور ھڪ سيبتو , سهڻو ۽ ڪهنه مشق شاعر آھي , جيڪو پنهنجي ادبي ذميندارين کان باخبر آھي ۽ انهن کي سنجيدگي سان ڏسي ٿو ,

    منور کپري ۾ پيار ۽ محنت سان جيڪو ادبي جهان جوڙيو آھي اھو به قابل تعريف آھي ,

    نوي واري ڏھاڪي کان اسانجي سماج تي ھڪ قسم جو جمود طاري رھيو آھي , سماج پنهنجي فطري پنڌ ۾ Directionless رھيو آھي , جنهنجو اثر شاعري ۽ ادب تي پڌري پٽ پيو آھي , ھاڻي اھو سماج ڄڻ ڪجھ ڏھاڪن جي ننڊ مان ڪر موڙي کڙو ٿيڻ لڳو آھي , جنهنجو shape اڃان Abstract form ۾ آھي , جنهن کي چٽو ٿيڻو آھي ,
    شاعري ۽ آرٽ جي ڪينواس تي ڪيترائي نوان رنگ نکرڻ جي مرحلن ۾ آھن ,


    ادب زندگي وانگر متحرڪ آھي , ادب کي فڪري ڌارائن جا رستا ڊسڪور ڪرڻا آھن , جنهن لاء عشق جي ضرورت آھي ,,,

    ايمان سلامت ھرڪو منگي ,,
    عشق سلامت ڪوئي ,,,,
     
    الھي بخش ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منور ملاح جي شاعري، اياز عمراڻي جو تجزيو ۽ سهڻي سليمان جو ونڊ ... معلوماتي ليک ... لک قرب ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو